زاريون 2 - Sindhi Bible1 خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس. 2 خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن. 3 هن سخت ڪاوڙ ۾ اسرائيل جو سڀ ڪو سڱ وڍي ڦٽو ڪيو آهي؛ هن پنهنجو ساڄو هٿ دشمن تان پٺ تي ڪڍي ورتو آهي: ۽ هن يعقوب کي انهيءَ باهہ جي مچ وانگر ساڙيو آهي، جو چوڌاري ساڙي چٽ ڪندو آهي. 4 هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي. 5 خداوند دشمن وانگر ٿي بيٺو آهي، هن اسرائيل کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ هو ان جون سڀ محلاتون ڳهي ويو آهي، هن اُن جا سڀ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن: ۽ هن يهوداہ جي ڌيءَ لاءِ ماتم ۽ زاري وڌائي آهي. 6 ۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس. 7 خداوند پنهنجي قربانگاهہ رد ڪري ڇڏي آهي، هن پنهنجي پاڪ مڪان کي ڌڪاريو آهي، هن انهيءَ جي محلاتن جون ڀتيون دشمن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون آهن: هنن خداوند جي گهر ۾ اهڙو گوڙ مچايو آهي جهڙو سڳوري جماعت گڏ ٿيڻ جي ڏينهن ٿيندو آهي. 8 خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن. 9 اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي. 10 صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون. 11 منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا. 12 جڏهن هو ڦٽيلن وانگر شهر جي رستن تي بيهوش ٿا ٿين، ۽ جڏهن هنن جو ساهہ سندن مائن جي جهوليءَ ۾ نڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مائن کي ٿا چون تہ ان ۽ شراب ڪٿي آهي؟ 13 اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟ 14 تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن. 15 جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا. 16 تنهنجن سڀني دشمنن تنهنجي کائڻ لاءِ وڏا وات پٽيا آهن؛ هو شوڪارا ٿا ڀرين ۽ ڏند ٿا ڪرٽين؛ هو چون ٿا تہ اسان هن کي ڳهي ڇڏيو آهي؛ يقيناً اڄ اُهو ئي ڏينهن آهي جنهن لاءِ اسين منتظر هئاسين؛ اسان هن کي لڌو آهي، اسان هن کي ڏٺو آهي. 17 خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي. 18 هنن جي دل خداوند کي دانهن ڪري چيو: اي صيون جي ڌيءُ جي ڀت، ڀلي تہ رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر پيا وهن؛ پاڻ کي ڪابہ ساهي نہ ڏي؛ ڀلي تہ تنهنجي اک جي ماڻڪي بيهي نہ رهي. 19 اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين. 20 اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟ 21 جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي. 22 تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society