Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زاريون 1 - Sindhi Bible

1 جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!

2 هوءَ رات جو روئي ٿي، ۽ سندس ڳوڙها سندس ڳلن تي آهن: سندس سڀني سينڍن مان ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو کيس دلاسو ڏئي؛ سندس سڀني دوستن ساڻس دغا جي هلت ڪئي آهي، اُهي سندس دشمن ٿي پيا آهن.

3 يهوداہ ڏکن سبب، ۽ گهڻيءَ ٻانهپ سبب قيد ٿي ويو آهي: هو غير قومن ۾ ٿو رهي، ۽ ڪوبہ آرام نٿو اچيس: ان جي سڀني پٺيان پوندڙن کيس گهٽيو آهي.

4 صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.

5 ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.

6 ۽ صيون جي ڌيءَ وٽان سندس سڀ وڏائي هلي ويئي آهي: ان جا امير انهن هرڻن وانگر آهن جن کي چارو ڪونہ ٿو ملي، ۽ جي پٺيان پوندڙ جي اڳيان بي طاقت ٿي پيا آهن.

7 يروشلم جي ڌيءَ پنهنجي ڏک ۽ پنهنجن مصيبتن جي ڏينهن ۾، پنهنجن قديم وقت وارن مزي جهڙين شين کي ياد ٿي ڪري: جڏهن ان جا ماڻهو دشمن جي هٿ چڙهيا، ۽ ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوس، تڏهن دشمنن کيس ڏٺو، ۽ سندس ويرانيءَ تي ٺٺوليون ڪيون.

8 يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.

9 سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.

10 دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.

11 ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.

12 اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.

13 هن مٿان منهنجن هڏن ۾ باهہ موڪلي آهي، ۽ اُها انهن کي وڪوڙي ويئي آهي: هن منهنجن پيرن لاءِ دام پکيڙيو آهي، هن مون کي پٺ تي ڦيرايو آهي؛ هن مون کي سڄو ڏينهن ويران ۽ ماندو ڪيو آهي.

14 منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.

15 خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.

16 انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ روئان ٿي؛ منهنجي اک، منهنجي اک مان پاڻي وهي ٿو؛ ڇالاءِ جو جيڪو دلاسي ڏيندڙ منهنجي روح کي تازي ڪرڻ وارو آهي، سو مون کان پري آهي: منهنجا ٻار ٻچا رلي ويا آهن، ڇالاءِ جو دشمن غالب پئجي ويو آهي.

17 صيون پنهنجا هٿ ڊگهيري ٿو؛ ڪوبہ ان کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ خداوند يعقوب جي نسبت ۾ حڪم ڪيو آهي، تہ جيڪي ان جي آس پاس آهن سي سندس دشمن ٿين: انهن ۾ يروشلم ناپاڪ شيءِ جهڙو آهي.

18 خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.

19 جن جي مون سان محبت هئي تن کي مون سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي: منهنجن ڪاهنن ۽ منهنجن بزرگن پنهنجن روحن کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌي ڳوليندي شهر ۾ ساهہ ڏنو.

20 اي خداوند ڏس؛ ڇالاءِ جو آءٌ تڪليف ۾ آهيان؛ منهنجن آنڊن ۾ وٽ ٿا پون؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦري ويئي آهي؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍي بغاوت ڪئي آهي: ٻاهر ترار ماڻهو کسي وٺي ٿي، ۽ اندر گهر ۾ موت جهڙو حال آهي.

21 هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.

22 هنن جي سڀ شرارت ڀلي تہ تنهنجي اڳيان اچي؛ ۽ جيڪي منهنجن سڀني گناهن جي ڪري تو مون سان ڪيو آهي سو هنن سان بہ ڪر: ڇالاءِ جو منهنجون آهون گهڻيون آهن، ۽ منهنجي دل سست آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan