يشوع 9 - Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي بادشاهہ يردن جي اُلهندي ڀر، ٽڪرين ۾ ۽ وادين ۾، وڏي سمنڊ جي ڪنارن تي لبنان جي سامهون، يعني حتي ۽ اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي هئا، تن جڏهن اها خبر ٻڌي؛ 2 تڏهن هو سڀ گڏجي هڪ صلاح ٿي، يشوع ۽ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ سنبريا. 3 پر جڏهن جبعون جي رهاڪن ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئيءَ سان ڇا ڪيو آهي، 4 تڏهن هنن چالاڪي ڪري پاڻ کي ايلچين وانگر تيار ڪيو، ۽ پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا کنيائون، ۽ پراڻيون ڦاٽل شراب جون سانداريون انهن تي ٻڌائون؛ 5 ۽ پراڻيون ڳنڍيل جُتيون پيرن ۾ وڌائون، ۽ پراڻا ڪپڙا بت تي ڍڪيائون؛ ۽ جيڪا ماني پاڻ سان سمر ڪري کنيائون سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي. 6 ۽ هو جلجال ۾ يشوع وٽ منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ هن کي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون، تہ اسين هڪڙي پرانهين ملڪ مان آيا آهيون: تنهنڪري اوهين اسان سان عهد ٻڌو. 7 تڏهن اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ شايد اوهين اسان منجهہ رهندڙ آهيو؛ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ٻڌون؟ 8 ۽ هنن يشوع کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها آهيون. تڏهن يشوع هنن کي چيو تہ اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟ 9 تڏهن هنن چيس تہ تنهنجا ٻانها پرانهين ملڪ مان خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ آيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان انهي جي ناموس ۽ جيڪي انهيءَ مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو سو ٻڌو آهي، 10 ۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو. 11 تنهنڪري اسان جي بزرگن، ۽ اسان جي ملڪ جي سڀني رهاڪن اسان کي چيو، تہ اوهين سفر جي لاءِ سمر کڻي هنن سان گڏجڻ وڃو، ۽ چئون تہ اسين اوهان جا ٻانها آهيون؛ تنهنڪري هاڻي اسان سان عهد ٻڌو. 12 جنهن ڏينهن اسين اوهان وٽ اچڻ لاءِ روانا ٿياسين انهي ڏينهن هيءَ ماني گرم هئي، جا اسان پنهنجي گهران پنهنجو سمر ڪري کنئي؛ پر هاڻي ڏسو تہ اُها سڪي، سينوارجي ويئي آهي: 13 ۽ هي شراب جون سانداريون جڏهن اسان ڀريون هيون، تڏهن نيون هيون؛ ۽ هاڻي ڏس تہ هي ڦاٽي پيون آهن: ۽ هي اسان جا ڪپڙا، ۽ اسان جون جُتيون، تمام وڏي سفر ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن. 14 تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون. 15 ۽ يشوع هنن سان صلح ڪيو، ۽ ساڻن عهد ٻڌائين، تہ هنن کي جيئدان ملي: ۽ جماعت جي سردارن هنن سان قسم کنيو. 16 انهن هنن سان عهد ٻڌو، تنهن کان پوءِ جڏهن ٽي ڏينهن گذريا، تڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هو سندن پاڙيسري آهن، ۽ منجهن ئي ٿا رهن. 17 پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا. 18 ۽ بني اسرائيل انهن کي نہ ماريو، ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي سردارن انهن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ سڄي جماعت انهن سردارن جي شڪايت ڪرڻ لڳي. 19 پر سڀني سردارن جماعت کي چيو تہ اسان هنن سان خداوند اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو آهي: تنهنڪري هاڻي اسين هنن کي هٿ لائي نہ سگهنداسين. 20 هيترو سو اسين ساڻن ڪنداسين، اسين هنن کي جيئدان ڏينداسين، تہ متان هنن سان قسم کڻڻ جي ڪري اسان تي غضب نازل ٿئي. 21 پوءِ انهن سردارن هنن کي چيو تہ هي ڀلي جيئرا رهن، پر سڄي جماعت لاءِ ڪاٺيون وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ ٿي رهن؛ جيئن سردارن هنن سان انجام ڪيو هو. 22 ۽ يشوع هنن کي سڏي چيو تہ ڇالاءِ اوهان اسان سان ٺڳي ڪئي آهي، جو چيوَ تہ اسين اوهان کان پري ٿا رهون، ۽ حقيقت ڪري اسان منجهہ ٿا رهو. 23 تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي ٿيا، ۽ اوهان مان ڪوبہ، غلاميءَ، ۽ منهنجي خدا جي گهر لاءِ ڪاٺين وڍڻ، ۽ پاڻي ڀرڻ جي ڪم کان آزاد نہ ٿيندو. 24 ۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي. 25 ۽ هاڻي ڏس، اسين تنهنجي هٿ ۾ آهيون: جيئن توکي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي، تيئن اسان سان ڪر. 26 ۽ هن انهن سان ائين ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي هٿن مان ڇڏايائين، ۽ هنن انهن کي قتل نہ ڪيو. 27 ۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society