يشوع 8 - Sindhi Bible1 پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي حيران پريشان ٿيءُ: سڀ جنگي مرد پاڻ سان کڻ، اُٿ ۽ عئيءَ تي چڙهي وڃ: ڏس مون عئيءَ جو بادشاهہ، ۽ سندس قوم، ۽ سندس شهر، ۽ سندس زمين تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي: 2 ۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو. 3 انهي موجب يشوع، ۽ سڀ جنگي مرد، عئيءَ تي ڪاهي وڃڻ لاءِ اُٿيا: ۽ يشوع ٽيهہ هزار بهادر مرد چونڊي ڪڍيا، ۽ انهن کي رات جو موڪلي ڏنائين. 4 ۽ هن انهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ڏسو، اوهين شهر وٺڻ جي لاءِ انهي جي پٺيان لڪي ويهي رهجو، ۽ شهر کان گهڻو پري نہ وڃجو، پر سڀ تيار ٿي ويهجو: 5 ۽ آءٌ ۽ ٻيا سڀ ماڻهو جي مون سان آهن سي شهر کي ويجهو وينداسين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اسان تي ڪاهي ايندا تڏهن اسين اڳي وانگر سندن اڳيان اُٿي ڀڄنداسين: 6 ۽ هو اسان جي پٺيان نڪري ايندا، ۽ اسين شهر کان پري نڪري وينداسين؛ ڇو جو هو چوندا تہ هي اڳي وانگر اسان جي اڳيان ڀڄن ٿا: ائين اسين هنن جي اڳيان ڀڄنداسين: 7 تڏهن اوهين پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿجو، ۽ شهر وڃي وٺجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اُهو اوهان جي حوالي ڪندو. 8 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين شهر وٺو، تڏهن شهر کي باهہ ڏجو: جيئن تہ خداوند حڪم ڏنو آهي: ڏسو، مون اوهان کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. 9 ۽ يشوع هنن کي موڪلي ڏنو: ۽ هو لڪي ويهڻ جي لاءِ روانا ٿيا، ۽ عئيءَ جي الهندي پاسي، عئي ۽ بيت ايل جي وچ ۾ ويهي رهيا: پر يشوع اُها رات پنهنجي ماڻهن منجهہ رهيو. 10 ۽ ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ سڀ ماڻهو گڏ ڪيائين. پوءِ هو ۽ اسرائيل جا بزرگ، ماڻهن جي اڳيان ٿي عئيءَ ڏي هليا. 11 ۽ سڀ ماڻهو، يعني جنگي مرد، جي ساڻس هئا سي چڙهي هليا، ۽ ويجها وڃي شهر جي اڳيان آيا، ۽ عئيءَ جي اُتر واري پاسي تنبو هنيائون: ۽ يشوع، ۽ عئيءَ جي وچ ۾ هڪڙي وادي هئي. 12 ۽ هن اٽڪل پنج هزار ماڻهو کنيا، ۽ انهن کي شهر جي الهندي پاسي، بيت ايل ۽ عئيءَ جي وچ ۾، لڪائي ويهاريائين. 13 ۽ جڏهن هو ماڻهو قطارن ۾ ويهاريا ويا، يعني جيڪو سڄو لشڪر شهر جي اُتر ڏي هو سو، ۽ لڪي ويهڻ وارا جي شهر جي اُلهندي ڏي هئا؛ تڏهن يشوع انهيءَ رات واديءَ جي وچ ۾ ويو. 14 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن عئي جي بادشاهہ اهو ڏٺو، تڏهن هو تڪڙا ٿي سوير اُٿيا، ۽ شهر جا ماڻهو، يعني بادشاهہ ۽ سندس قوم، اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ٺهرايل وقت تي، ميدان جي اڳيان مٿن ڪاهي ويا؛ پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان لڪا ويٺا آهن. 15 تڏهن يشوع ۽ سڀيئي اسرائيلي بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا، ڄڻ تہ هنن جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن. 16 پوءِ جيڪي ماڻهو عئي ۾ هئا تن کي سڏي گڏ ڪيائون، انهي لاءِ تہ هنن جي پٺيان پون: ۽ اُهي يشوع جي پٺيان پيا، ۽ شهر کان پري نڪري ويا. 17 ۽ عئي ۾، توڙي بيت ايل ۾، هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو اسرائيل جي پٺيان نہ ويو: ۽ هو شهر کي کليل ڇڏي اسرائيل جي پٺيان پيا. 18 ۽ خداوند يشوع کي چيو تہ جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئي ڏانهن ڊگهير؛ ڇالاءِ جو اُهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ يشوع جيڪو نيزو سندس هٿ ۾ هو سو شهر ڏانهن ڊگهيريو. 19 ۽ انهي وقت سڀ لڪل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ هن جي هٿ ڊگهيرڻ شرط اُٿي ڊوڙيا: ۽ شهر ۾ گهڙي اُهو ورتائون؛ ۽ انهيءَ کي باهہ ڏنائون. 20 ۽ جڏهن عئيءَ جي ماڻهن پنهنجي پٺيان نهاريو، تہ ڏسن تہ شهر جو دونهون آسمان تائين چڙهي ويو آهي، ۽ هنن کي ڪنهن پاسي بہ ڀڄڻ جي طاقت نہ رهي: ۽ جيڪي ماڻهو بيابان ڏي ڀڳا هئا سي پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي موٽي ڪاهي آيا. 21 ۽ جڏهن يشوع ۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ لڪل ماڻهن وڃي شهر ورتو آهي، ۽ شهر جو دونهون مٿي چڙهيو آهي، تڏهن هو پٺتي موٽيا، ۽ عئي جي ماڻهن کي قتل ڪيائون 22 ۽ جيڪي شهر ۾ هئا سي هنن کي گڏجڻ لاءِ شهر مان نڪتا؛ انهي طرح هو اسرائيل جي وچ ۾ اچي پيا، ڪي هن پاسي ۽ ڪي هن پاسي: ۽ هنن انهن کي ايتري قدر ماريو، جو اُنهن مان هڪڙو بہ باقي ڪونہ بچيو، يا ڀڄي ڇٽو. 23 ۽ عئي جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو، ۽ انهي کي يشوع وٽ وٺي آيا. 24 ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن بيابان ۾ هو اسرائيلين جي پٺيان پيا هئا، اُتي جڏهن اسرائيلي ميدان ۾ عئي جي سڀني رهاڪن کي قتل ڪري رهيا، ۽ جڏهن اُهي سڀ ترار جي ڌار سان مري کپي ويا، تڏهن سڀ اسرائيلي عئي ڏي موٽي آيا، ۽ شهر وارن کي ترار جي ڌار سان ماريائون. 25 انهي طرح انهي ڏينهن جيڪي ماريا ويا، مرد توڙي زالون، سي سڀ، يعني عئي جا سڀ رهاڪو، ٻارهن هزار هئا. 26 ڇالاءِ جو جيستائين يشوع عئي جا سڀ رهاڪو صفا ناس ڪري نہ ڇڏيا، تيستائين جنهن هٿ سان هن نيزو ڊگهيريو هو، سو هٿ پٺتي نہ ڇڪيائين. 27 فقط چوپايو مال، ۽ لٽ جو مال، جو انهيءَ شهر مان هٿ آيو، سو اسرائيل پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي رکيو، جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو. 28 ۽ يشوع عئي کي ساڙي هميشہ جي لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو، ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي. 29 ۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي. 30 پوءِ يشوع عيبال جبل تي، خداوند، اسرائيل جي خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، 31 ۽ جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، ۽ جهڙيءَ طرح موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ قربانگاهہ جا پهڻ سڄا هجن جن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ لوهہ نہ کنيو هجي: ۽ انهي تي هنن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون. 32 ۽ هن اُتي انهن پهڻن تي موسيٰ جي شريعت جو هڪڙو نقل لکيو، ۽ اُهو هن بني اسرائيل جي روبرو لکيو. 33 ۽ سڀ اسرائيلي، ۽ سندن بزرگ، ۽ سندن عملدار، ۽ سندن قاضي، توڙي مسافر، ۽ ٻيا جيڪي منجهن پيدا ٿيا هئا، سي خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارن لاوي ڪاهنن جي اڳيان، صندوق جي ٻنهي پاسن بيهي رهيا؛ انهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا، ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي اڳيئي حڪم ڏنو هو، تہ هو اسرائيل جي قوم کي دعا ڪن. 34 ۽ تنهن کان پوءِ هو شريعت جون سڀ ڳالهيون، برڪتون توڙي لعنتون، جيئن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل هيون، تيئن پڙهي ويو. 35 ۽ جيڪي موسيٰ فرمايو هو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ اهڙو نہ هو جو يشوع اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي اڳيان، ۽ زالن ۽ ٻارن، ۽ جيڪي مسافر هنن ۾ رهندا هئا، تن جي اڳيان نہ پڙهيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society