يشوع 7 - Sindhi Bible1 بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي. 2 ۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو. 3 ۽ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ سڀ ماڻهو چڙهي نہ وڃن: پر اٽڪل ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو چڙهي وڃن، ۽ عئي کي مارين؛ سڀني ماڻهن کي اوڏانهن موڪلڻ جي تڪليف نہ ڏي، ڇالاءِ جو هو ٿورا آهن. 4 انهي ڪري اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اوڏي چڙهي ويا: ۽ انهن کي عئي جي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو. 5 ۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون. 6 تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا. 7 ۽ يشوع چوڻ لڳو تہ افسوس، اي خداوند خدا، ڇو تو هن قوم کي يردن لنگهائي آندو؛ انهي لاءِ ڇا تہ انهن کي امورين جي حوالي ڪرين، تہ ناس ٿي وڃن؟ شل اسين راضي ٿي يردن جي هن ڀر رهون ها! 8 اي خداوند، جڏهن اسرائيلي پنهنجن دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ٿا ڀڄن، تڏهن آءٌ ڇا چوان؛ 9 ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟ 10 تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇو هيئن منهن ڀر پيو آهين؟ 11 اسرائيل گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪو عهد اقرار مون هنن سان ڪيو هو سو بہ ڀڳو اٿن: ڇالاءِ جو هنن لعنت ڪيل شين مان بہ ڪا کنئي آهي، ۽ چوري، ٺڳي بہ ڪئي اٿن: ۽ اُها شيءِ کڻي پنهنجي سامان ۾ رکي اٿن. 12 تنهنڪري بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگهن، ۽ انهن جي اڳيان پٺ ٿا ورائين، ڇالاءِ جو اُهي لعنتي ٿيا آهن. جيستائين ڪ اوهين پاڻ منجهان انهي لعنتي شيءِ کي ناس ڪري نہ ڇڏيندا، تيستائين آءٌ وري اوهان سان نہ ٿيندس. 13 اُٿ، ماڻهن کي پاڪ ڪر، ۽ چئين تہ سڀاڻي جي لاءِ اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل تنهنجي وچ ۾ هڪڙي لعنت ڪيل شيءِ آهي، ۽ جيستائين اوهين اُها لعنت ڪيل شيءِ پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا، تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگهندا. 14 تنهنڪري سڀاڻي صبح جو اوهين پنهنجي فرقن موجب اچجو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن فرقي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن قبيلن موجب ايندو؛ ۽ جنهن قبيلي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن گهراڻن موجب ايندو؛ ۽ جنهن گهراڻي کي خداوند پڪڙيندو سو ماڻهو ماڻهو ٿي ايندو. 15 ۽ جيڪو ماڻهو انهي لعنت ڪيل شيءِ سان پڪڙيو ويندو، سو جيڪي وٽس هوندو تنهن سميت باهہ سان ساڙيو ويندو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو عهد اقرار ڀڳو آهي، ۽ ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ گناهہ جو ڪم ڪيو آهي. 16 انهيءَ موجب يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ اسرائيل کي سندن فرقن موجب وٺي آيو؛ ۽ يهوداهہ جو فرقو پڪڙيو ويو: 17 ۽ هن يهوداهہ جي قبيلن کي آندو؛ ۽ زارح جو قبيلو پڪڙيو ويو؛ پوءِ هن زارح جو قبيلو ماڻهو ماڻهو ڪري آندو؛ ۽ زبدي پڪڙيو ويو 18 ۽ هن پنهنجو گهراڻو ماڻهو ماڻهو ڪري آندو؛ ۽ عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، جو يهوداهہ جي فرقي جو هو، سو پڪڙيو ويو. 19 ۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ. 20 تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ بيشڪ مون خداوند اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ مون هيئن ڪيو تہ، 21 جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي. 22 تڏهن يشوع قاصد موڪليا جي انهيءَ تنبوءَ ۾ ڊوڙي ويا؛ ۽ اُهي شيون هن جي تنبوءَ ۾ لڪل هيون، ۽ چاندي انهن جي هيٺان هئي. 23 ۽ هنن تنبوءَ جي وچ مان اُهي شيون هٿ ڪيون، ۽ يشوع وٽ سڀني اسرائيلين جي سامهون کڻي آيا؛ ۽ خداوند جي اڳيان آڻي رکيائون. 24 ۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون. 25 ۽ يشوع چيو تہ ڇو تو اسان کي تڪليف ڏني آهي؟ خداوند اڄوڪي ڏينهن توکي تڪليف ڏيندو. پوءِ سڀني اسرائيلين هن کي سنگسار ڪيو؛ ۽ هن کي باهہ سان ساڙي پٿرن سان سنگسار ڪيائون. 26 ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society