Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 6 - Sindhi Bible

1 (هاڻي يريحو بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍي پڪيءَ طرح بند ڪيو ويو هو؛ نہ تہ ڪو ٻاهر ويندو هو نہ ڪو اندر ايندو هو).

2 ۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڏس، مون يريحو، ۽ انهي جو بادشاهہ، ۽ زور وارا بهادر مرد، سڀ تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن.

3 ۽ اوهين جيڪي جنگي مرد آهيو سي سڀ لشڪر کي وڃي گهيرو ڪريو، ۽ هڪ دفعو شهر جي چوڌاري ڦري اچو؛ ڇهہ ڏينهن اوهين ائين ڪجو.

4 ۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.

5 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو گهٽي جي سڱ سان هڪڙو ڊگهو آواز ڪن، ۽ اوهين اُهو قرناءِ جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ڏاڍي زور سان رڙيون ڪن؛ ۽ شهر جي ڀت هيٺ ڪري پوندي، پوءِ سڀڪو ماڻهو پنهنجي سامهون سڌو چڙهندو وڃي.

6 تڏهن يشوع بن نون، ڪاهنن کي سڏي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻو، ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون خداوند جي صندوق جي اڳيان کڻي هلن.

7 ۽ هن ماڻهن کي چيو تہ لنگهي اڳتي هلو ۽ شهر کي ڦري اچو، ۽ جن کي هٿيار ٻڌل آهن سي خداوند جي صندوق جي اڳيان ٿي هلن.

8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ماڻهن کي ائين چيو تڏهن ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي اڳيان هليا، ۽ قرنائيون وڄايائون: ۽ خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن جي پٺيان هلي.

9 ۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.

10 ۽ يشوع ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين رڙيون نہ ڪجو، ۽ نہ وڏي سڏ ڳالهائجو، نڪي اوهان جي واتان ڪو آواز نڪري، جيستائين ڪ آءٌ اوهان کي رڙيون ڪرڻ لاءِ نہ چوان؛ پوءِ ڀلي رڙيون ڪجو.

11 انهي طرح خداوند جي صندوق هڪڙو ڀيرو شهر جي چوڌاري ڦري آئي: پوءِ هو منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ منزلگاهہ ۾ ٽڪي پيا.

12 ۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.

13 ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.

14 ۽ ٻئي ڏينهن بہ هو هڪڙو ڀيرو شهر کي ڦري آيا، ۽ موٽي منزلگاهہ ۾ اچي لٿا: ڇهہ ڏينهن اهڙيءَ طرح هنن ڪيو.

15 ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن هو پرهہ ڦٽيءَ مهل اُٿيا، ۽ اڳي وانگر شهر کي ست ڀيرا ڦري آيا: رڳو انهيءَ ڏينهن هو شهر جي چوڌاري ست ڀيرا ڦريا.

16 ۽ هيئن ٿيو جو ستين ڀيري جڏهن ڪاهنن قرنائون وڄايون تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ رڙيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي هي شهر ڏنو آهي.

17 ۽ شهر، ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند جي لاءِ بلڪل تباهہ ڪيو ويندو: رڳو راحب ڪسبياڻي، ۽ ٻيا جيڪي سندس گهر ۾ آهن، سي جيئرا بچندا؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد اسان موڪليا هئا تن کي هن لڪايو هو.

18 ۽ اوهين هر طرح پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کان روڪجو، تہ متان اوهين پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کڻڻ سان لعنتي ڪريو، ۽ اسرائيل جي منزلگاهہ کي لعنتي ڪريو، ۽ انهيءَ کي تڪليف ۾ وجهو.

19 پر سڀ روپو، سون، ۽ پتل ۽ لوهہ جا ٿانوَ، خداوند جي لاءِ خاص طرح پاڪ ٿيل آهن: اُهي خداوند جي خزاني ۾ ايندا.

20 تڏهن ماڻهن رڙيون ڪيون ۽ ڪاهنن قرنائيون وڄايون: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهن قرنائين جو آواز ٻڌو، ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪيائون، تڏهن ڀت هيٺ ڪري پيئي، ۽ ماڻهو چڙهي شهر ۾ ويا، سڀڪو سڌو پنهنجي سامهون ويو، ۽ هنن شهر وٺي هٿ ڪيو.

21 ۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.

22 پر جن ٻن ماڻهن جاسوس ٿي اُهو ملڪ ڏٺو هو، تن کي يشوع چيو تہ اوهين انهيءَ ڪسبياڻي جي گهر وڃو، ۽ اُتان انهيءَ زال کي، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سميت وٺي اچو، جيئن اوهان هن سان قسم کنيو هو.

23 ۽ اُهي جوان ماڻهو، جي جاسوس هئا، سي اندر وڃي راحب ۽ سندس پيءُ، ۽ سندس ماءُ، ۽ سندس ڀائرن کي، ۽ جيڪي وٽس هو تنهن سميت کيس ٻاهر وٺي آيا؛ ۽ هنن اُنهي جا سڀ مائٽ آڻي اسرائيل جي منزلگاهہ جي ٻاهر ويهاريا.

24 پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.

25 پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو.

26 ۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.

27 انهي طرح خداوند يشوع سان هو؛ ۽ سندس نالو ناموس سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan