يشوع 24 - Sindhi Bible1 ۽ يشوع اسرائيل جا سڀ فرقا سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيا، ۽ اسرائيل جي بزرگن کي، ۽ رئيسن کي، ۽ قاضين کي، ۽ عملدارن کي گهرايائين؛ ۽ اُهي اچي خدا جي اڳيان حاضر ٿيا. 2 تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جا ابا ڏاڏا اڳئين زماني ۾ نديءَ جي هن ڀر رهندا هئا، يعني تارح، ابرهام جو پيءُ، ۽ نحور جو پيءُ: ۽ اُهي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا هئا. 3 ۽ مون اوهان جي پيءُ ابرهام کي نديءَ جي هن ڀر کان ڪڍي ڪنعان جي ساري زمين ۾ گهمايو، ۽ سندس اولاد وڌايم، ۽ اسحاق ڏنومانس. 4 ۽ مون اسحاق کي يعقوب ۽ عيسو ڏنو: ۽ عيسوءَ کي شعير جبل قبضي ۾ ڏنو؛ ۽ يعقوب پنهنجي ٻارن سميت مصر ۾ ويو. 5 ۽ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، ۽ جيڪي ڪم مون اُتي ڪيا انهن موجب مصر تي مصيبتون موڪليم: ۽ تنهن کان پوءِ مون اوهان کي ٻاهر آندو. 6 ۽ مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍيو، ۽ اوهين سمنڊ وٽ آيا؛ ۽ مصري جنگي گاڏيون ۽ گهوڙي سوار وٺي ڳاڙهي سمنڊ تائين اوهان جي ابن ڏاڏن جي پٺيان پيا. 7 ۽ جڏهن هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن هن اوهان جي ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي وڌي، ۽ سمنڊ انهن جي مٿان آندائين، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيائين؛ ۽ جيڪي مون مصر ۾ ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ۽ اوهين گهڻا ڏينهن بيابان ۾ رهيا پيا هئا. 8 ۽ مون اوهان کي امورين جي زمين ۾ آندو، جي يردن جي هن ڀر رهندا هئا؛ ۽ اُهي اوهان سان وڙهيا: ۽ مون اُهي ئي اوهان جي هٿن ۾ ڏنا، ۽ اوهان هنن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي؛ ۽ مون انهن کي اوهان جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو. 9 پوءِ وري موآب جو بادشاهہ بلق پٽ صفور جو اُٿيو، ۽ اسرائيل سان وڙهيو؛ ۽ اُنهي بلعام بن بعور کي اوهان تي لعنت وجهڻ لاءِ گهرايو: 10 پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ مڃي؛ تنهنڪري هو اوهان جي حق ۾ برڪت ڏيندو رهيو: انهيءَ طرح مون اوهان کي انهيءَ جي هٿن مان ڇڏايو. 11 ۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا. 12 ۽ مون اوهان جي اڳيان چيلاٽو موڪليو، جنهن هنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، يعني امورين جي ٻنهي بادشاهن کي، نہ اوهان جي ترار سان، نڪي اوهان جي ڪمان سان. 13 ۽ مون اوهان کي هڪڙي زمين ڏني، جنهن تي اوهان ڪابہ محنت نہ ڪئي هئي، ۽ مون اوهان کي شهر ڏنا، جي اوهان نہ ٻڌا هئا، ۽ جن ۾ اوهين رهو ٿا؛ ۽ اُنهن ڊاک جي ۽ زيتون جي باغيچن مان کائو ٿا، جي اوهان نہ پوکيا هئا. 14 تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو. 15 ۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين. 16 تڏهن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ خدا پناهہ ڏئي جي اسين خداوند کي ڇڏي ٻين معبودن جي عبادت ڪريون؛ 17 ڇالاءِ جو اهو خداوند اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، ٻانهپ جي گهر منجهان ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ جنهن اسان جي ڏسندي وڏا معجزا ڏيکاريا، ۽ جن رستن تي ٿي هلياسين، تن تي، ۽ جن قومن جي وچ مان ٿي لنگهياسين، تن ۾، اسان کي بچايو: 18 ۽ خداوند اسان جي اڳيان سڀ قومون، يعني جيڪي اموري انهي زمين ۾ رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيو: تنهنڪري اسين بہ انهي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇالاءِ جو اهو ئي اسان جو خدا آهي. 19 تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو. 20 جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو. 21 تڏهن ماڻهن يشوع کي چيو، تہ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ اسين ضرور خداوند جي عبادت ڪنداسين. 22 ۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مٿان انهيءَ ڳالهہ جا پاڻ شاهد آهيو، تہ اوهان پنهنجي لاءِ خداوند کي عبادت ڪرڻ لاءِ پسند ڪيو آهي. ۽ هنن چيو تہ اسين برابر شاهد آهيون. 23 هن چيو تہ تڏهن هاڻي اهي ڌاريا معبود، جي اوهان منجهہ آهن، سي اُڇلائي ڇڏيو، تہ پنهنجي دل خداوند اسرائيل جي خدا سان لڳايو. 24 ۽ ماڻهن يشوع کي چيو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين، ۽ سندس آواز ٻڌنداسين. 25 پوءِ يشوع انهيءَ ڏينهن ماڻهن سان عهد اقرار ڪيو، ۽ سڪم ۾ هنن کي هڪڙو قاعدو، ۽ هڪڙي ريت مقرر ڪري ڏنائين. 26 ۽ يشوع خدا جي شريعت جي ڪتاب ۾ هي لفظ لکيا؛ ۽ هڪڙو وڏو پٿر کڻي خداوند جي عبادتگاهہ جي ڀر ۾، جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ آهي، تنهن جي هيٺان کوڙي ڇڏيائين. 27 پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو. 28 پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي ورثي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. 29 ۽ انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جي ٻانهي يشوع بن نون، هڪ سؤ ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. 30 ۽ هن کي سندس موروثي زمين جي حد اندر، تمنت سرح، جو جعس جبل جي اُتر ڏانهن افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي، اتي دفن ڪيائون. 31 ۽ اسرائيل يشوع جي سڀني ڏينهن ۾، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا تن جي ڏينهن ۾، خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي اُهي بزرگ ڄاڻندا هئا. 32 ۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا. 33 ۽ هارون جي پٽ اليعزر بہ وفات ڪئي؛ ۽ انهيءَ کي بہ سندس پٽ فينحاس جي ٽڪر ۾ دفن ڪيائون، جو ٽڪر هن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾ مليو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society