يشوع 23 - Sindhi Bible1 ۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛ 2 تڏهن يشوع سڀني اسرائيلين کي، سندن بزرگن ۽ سندن رئيسن کي، ۽ سندن قاضين ۽ سندن عملدارن کي، سڏائي چيو، تہ آءٌ پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿيو آهيان: 3 ۽ جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي، جو اوهان جي پاران وڙهيو آهي. 4 ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن. 5 ۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ٿڏي ڪڍندو، ۽ اوهان جي نظر کان پري ڪندو؛ ۽ انهن جي زمين اوهان کي ورثي ۾ ملندي، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي فرمايو آهي. 6 تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن سڀ جي همت جهلي پيروي ۽ تعميل ڪجو، تہ اوهين انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙو؛ 7 ۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو: 8 پر خداوند پنهنجي خدا سان چهٽيا رهجو، جيئن اڄ ڏينهن تائين رهيا آهيو. 9 ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ زبردست قومون هڪالي ڪڍيون آهن؛ ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگهيو آهي. 10 اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو. 11 تنهنڪري اوهين چڱي سنڀال ڪجو تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکو. 12 نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ رستي اوهين ڦري ويندا، ۽ انهن باقي رهيلن قومن سان، يعني انهن سان جي اوهان منجهہ رهيل آهن، گڏجي ويندا ۽ انهن سان شاديون ڪندا، ۽ هو اوهان مان شاديون ڪندا، ۽ اوهين هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا: 13 تہ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا وري ڪڏهن بہ انهن قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندو؛ اُٽلندو اُهي اوهان جي لاءِ ڦاسي ۽ دام ٿيندا، ۽ اوهانجن پاسن ۾ آفت ٿيندا، ۽ اوهانجين اکين لاءِ ڪنڊا ٿيندا، ۽ نيٺ اُها عمدي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي، تنهن تان اوهين مري کپي ويندا. 14 ۽ ڏسو، اڄ آءٌ انهيءَ پاسي ٿو وڃان جنهن پاسي سارو جهان وڃڻو آهي: ۽ اوهين سڀ پنهنجين دلين ۽ روح ۾ ڄاڻو ٿا، تہ جيڪي چڱيون ڳالهيون خداوند اوهان جي خدا اوهان جي نسبت ۾ ڪيون، تن مان هڪڙي ڳالهہ بہ نہ گُٿي آهي؛ سڀ اوهان جي لاءِ پوريون ٿيون آهن، ۽ هڪڙي ڳالهہ بہ انهن مان گهٽ نہ ٿي آهي. 15 ۽ هيئن ٿيندو تہ جهڙيءَ طرح اُهي سڀ ڳالهيون اوهان تي اچي بيٺيون آهن، جن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان کي خبر ڏني، تهڙيءَ طرح سڀ خراب ڳالهيون بہ خداوند اوهان تي آڻيندو، جيستائين هو اوهان کي ناس ڪري، ۽ اها چڱي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن تان اوهان کي اُگهي ڇڏي. 16 جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جو عهد ڀڃندا، جنهن جو حڪم هن ڏنو آهي، ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا؛ تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي، ۽ اوهين جلد ناس ٿي انهيءَ چڱيءَ زمين تان چٽ ٿي ويندا، جا هن اوهان کي ڏني آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society