يشوع 21 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ لاوين جي گهراڻي جا سردار، اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي گهراڻن جي سردارن وٽ آيا؛ 2 ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ سيلا ۾ اچي چيائون، تہ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڪيو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر، ۽ اسان جي چوپائي مال چارڻ لاءِ انهن جون ٻهراڙيون ملن. 3 ۽ بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب، لاوين کي پنهنجي موروثي حصي مان هي شهر سندن ٻهراڙين سميت ڏنا. 4 ۽ ڪڻو قهاتين جي قبيلن لاءِ نڪتو: ۽ هارون ڪاهن جو اولاد، جي لاوي هئا، تن کي يهوداہ جي فرقي مان، ۽ شمعون جي فرقي مان، ۽ بنيمين جي فرقي مان ڪڻن سان تيرهن شهر مليا. 5 ۽ بني قهات مان جيڪي باقي بچيا، تن کي افرائيم جي فرقي، ۽ دان جي فرقي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي جي قبيلن مان، ڪڻن سان ڏهہ شهر مليا. 6 ۽ بني جرسون کي اشڪار جي فرقي، ۽ نفتالي جي فرقي، ۽ بسن ۾ منسيءَ جي اڌ فرقي جي قبيلن مان ڪڻن سان تيرهن شهر مليا. 7 بني مراريءَ کي سندن قبيلن موجب روبن جي فرقي، ۽ جد جي فرقي، ۽ زبولون جي فرقي مان ٻارهن شهر مليا. 8 ۽ بني اسرائيل لاوين کي ڪڻن سان اُهي شهر سندن ٻهراڙين سميت ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو. 9 ۽ هنن بني يهوداهہ جي فرقي مان، ۽ بني شمعون جي فرقي مان، جن شهرن جا نالا هتي ڏنل آهن، سي انهن کي ڏنا: 10 ۽ اُهي هارون جي اولاد لاءِ هئا، جي بني لاويءَ مان قهاتين جي قبيلن مان هئا: ڇالاءِ جو هنن جو پهرين ڪڻي وارو حصو هو. 11 ۽ انهن هنن کي يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريت اربع (يعني حبرون)، ان جي آس پاس وارين ٻهراڙين سميت ڏنو، اهو اربع عناق جو پيءُ هو. 12 پر شهر جون ٻنيون ۽ ان جا ڳوٺ هنن يفنہ جي پٽ ڪالب کي موروثي ملڪيت ڪري ڏنا. 13 ۽ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن حبرون سندس ٻهراڙين سوڌو ڏنو، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ لبناہ بہ سندس ٻهراڙين سميت؛ 14 ۽ يتير سندس ٻهراڙين سميت، ۽ استموع سندس ٻهراڙين سميت؛ 15 ۽ حولون سندس ٻهراڙين سميت، ۽ دبير سندس ٻهراڙين سميت؛ 16 ۽ عين سندس ٻهراڙين سميت، ۽ يوطہ سندس ٻهراڙين سميت، ۽ بيت شمس سندس ٻهراڙين سميت؛ انهن ٻنهي فرقن مان نوَ شهر. 17 ۽ بنيمين جي فرقي مان، جبعون سندس ٻهراڙين سميت، جبع سندس ٻهراڙين سميت؛ 18 عنتوت سندس ٻهراڙين سميت؛ ۽ علمون سندس ٻهراڙين سميت؛ چار شهر. 19 بني هارون ڪاهنن جا ڪل شهر ٻهراڙين سميت تيرهن هئا. 20 ۽ بني قهات جا قبيلا، جي لاوي هئا، يعني بني قهات مان جيڪي باقي بچيا هئا، تن کي افرائيم جي فرقي مان پنهنجن ڪڻن جا شهر مليا. 21 ۽ اُنهن هنن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾، سڪم، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ۽ جزر، ٻهراڙيءَ سميت ڏنو؛ 22 ۽ قبضيم، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بيت حورون، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 23 ۽ دان جي فرقي مان، التقيا، ٻهراڙيءَ سميت، جبتون، ٻهراڙيءَ سميت؛ 24 ۽ ايالون، ٻهراڙيءَ سميت، جات رمون، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 25 ۽ منسي جي اڌ فرقي مان تعناڪ، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ جات رمون، ٻهراڙيءَ سميت: ٻہ شهر. 26 باقي رهيلن بني قهات جي قبيلن جا سڀ شهر ٻهراڙين سميت ڏهہ هئا. 27 ۽ لاوين جي قبيلن مان بني جيرسون کي منسيءَ جي اڌ فرقي مان، هنن بسن ۾ جولان، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ڏنو؛ بعستراہ، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٻہ شهر. 28 ۽ اشڪار جي فرقي مان، قسيون، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ دبرت، ٻهراڙيءَ سميت؛ 29 يرموت، ٻهراڙيءَ سميت، عين جنيم، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 30 ۽ آشر جي فرقي مان مسال، ٻهراڙيءَ سميت، عبدون، ٻهراڙيءَ سميت، 31 خلقت، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ رحوب، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 32 ۽ نفتالي جي فرقي مان، جليل ۾ قادس، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ حمات دور، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قرتان، ٻهراڙيءَ سميت؛ ٽي شهر. 33 جيرسونين جا ڪل شهر، سندن قبيلن موجب، تيرهن شهر ٻهراڙين سميت هئا. 34 ۽ باقي رهيلن لاوين، بني مراري جي قبيلن کي، زبولون جي فرقي مان يقنعام، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ قرتاہ، ٻهراڙيءَ سميت، 35 دمنہ، ٻهراڙيءَ سميت، نهلال، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 36 ۽ روبن جي فرقي مان، بصر، ٻهراڙيءَ سميت؛ ۽ يهصہ، ٻهراڙيءَ سميت، 37 قديمات، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ مفعت ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 38 ۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛ 39 حسبون ٻهراڙيءَ سميت، يعزير، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر. 40 اهي سڀ شهر بني مراريءَ جا سندن قبيلن موجب هئا، جي لاوين جي قبيلن مان باقي بچيا هئا؛ ۽ انهن جي حصي ۾ ٻارهن شهر آيا. 41 بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت جي وچ ۾ لاوين جا ڪل شهر اٺيتاليهہ ٻهراڙين سميت هئا. 42 انهن مان هر ڪنهن شهر جي ٻهراڙي ان جي آس پاس هئي؛ ۽ انهن سڀني شهرن جو اهو حال هو. 43 انهي طرح خداوند اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو، جنهن جي لاءِ هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين؛ ۽ اُهو هنن هٿ ڪيو ۽ انهي ۾ رهڻ لڳا. 44 ۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو. 45 ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society