Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 20 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند يشوع کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 بني اسرائيل کي چئُہ تہ پناهہ جا شهر جن بابت موسيٰ جي معرفت مون اوهان کي چيو هو، سي مقرر ڪريو:

3 انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل چڪ ۾ ڪنهن کي ماري وجهي، سو اُنهن ۾ ڀڄي وڃي: اُهي شهر خون جي بدلي وٺڻ واري کان اوهان جي پناهہ جا هنڌ ٿيندا.

4 ۽ اهڙو ماڻهو انهن شهرن مان هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي، ۽ شهر جي وڏي در وٽ بيهي اُتي جي بزرگن کي پنهنجو احوال ٻڌائي؛ پوءِ هو انهي کي شهر جي اندر وٺي وڃن، ۽ پنهنجي وچ ۾ رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ هن کي ڏين.

5 ۽ جيڪڏهن خون جي بدلي وٺڻ وارو هن جي پٺيان پوي تہ هي ماڻهو انهي خونيءَ کي هن جي حوالي نہ ڪندا؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل چڪ ۾ ماريو، ۽ انهي کان اڳي ساڻس ڪو وير ڪونہ هوس.

6 ۽ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهندو جيستائين هو عدالت جي لاءِ جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿيندو، ۽ جيستائين انهن ڏينهن ۾ جيڪو سردار ڪاهن هجي سو نہ مرندو: تنهن کان پوءِ اُهو خوني موٽي پنهنجي شهر ۾ پنهنجي گهر اچي، يعني جنهن شهر مان هو ڀڄي نڪتو هو.

7 ۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.

8 ۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.

9 اهي شهر بني اسرائيل لاءِ، ۽ جيڪو مسافر منجهن رهندڙ هجي، تنهن جي لاءِ مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڀل چڪ ۾ ماري وجهي سو انهن ۾ ڀڄي وڃي، ۽ خون جي بدلي وٺڻ واري جي هٿان نہ مري، جيستائين جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan