Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 2 - Sindhi Bible

1 پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.

2 ۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.

3 ۽ يريحو جي بادشاهہ راحب کي ماڻهو موڪليو تہ جيڪي ماڻهو تو وٽ آيا آهن، ۽ تنهنجي گهر لٿا پيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر: ڇالاءِ جو هو هن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن.

4 تڏهن انهيءَ زال انهن ٻنهي ماڻهن کي وٺي لڪائي ڇڏيو، ۽ چوڻ لڳي تہ مون وٽ ماڻهو آيا تہ هئا پر خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا هئا:

5 ۽ شهر جي دروازي بند ٿيڻ مهل جڏهن اونداهي ٿي، تڏهن اُهي ماڻهو نڪري ٻاهر ويا: مون کي خبر ڪانهي تہ اُهي ماڻهو ڪيڏانهن ويا: اوهين جلد هنن جي پٺيان پئو؛ ڇالاءِ جو اوهين وڃي هنن کي پهچندا.

6 پوءِ هوءَ انهن کي گهر جي ڇت تي چاڙهي وٺي ويئي، ۽ سڻيءَ جون ڪاٺيون جي هن ٺاهي جوڙي رکيون هيون، تن ۾ وڃي لڪايائين.

7 ۽ هو ماڻهو انهن جي پٺيان پيا، ۽ يردن جي گهير تائين ويا: جيئن اُهي نڪتا تيئن هنن شهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

8 ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو سمهي رهن، هوءَ ڇت تي وٽن ويئي؛

9 ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.

10 ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح، جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؛ ۽ امورين جا ٻہ بادشاهہ، سيحون ۽ عوج، جي يردن جي هن ڀر هئا، تن سان اوهان ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن انهن کي تباهہ ڪيو.

11 ۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.

12 تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان کي عرض ٿي ڪريان تہ اوهين انهيءَ خدا جو مون سان قسم کڻو، تہ جڏهن مون اوهان کي مهرباني ڏيکاري آهي، تڏهن اوهين بہ منهنجي اباڻي گهر تي مهربان ٿيندا، ۽ مون کي ڪا سچي نشاني ڏيندا:

13 ۽ منهنجي پيءُ کي، ۽ منهنجي ماءُ کي، ۽ منهنجي ڀائرن کي، ۽ منهنجين ڀينرن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪي وٽن آهي سو بچائيندا، ۽ اسان کي جيئدان ڏيندا.

14 ۽ انهن ماڻهن هن کي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن تون هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ اسان جي حياتيءَ جو عيوض اوهان جي سلامتي ٿيندي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند اسان کي هيءَ زمين ڏيندو، تڏهن اسين تو سان مهرباني ۽ سچائيءَ جي هلت سان پيش اينداسين.

15 تڏهن هن دريءَ مان رسو ٻڌي هنن کي هيٺ لاٿو: ڇالاءِ جو سندس گهر شهر جي ديوار تي هو، ۽ پاڻ مٿس رهندي هئي.

16 ۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين جبل ڏي هليا وڃو، متان اوهان جا پيڇو ڪندڙ اوهان کي اچي پهچن، ۽ اُتي ٽي ڏينهن اوهين پاڻ کي لڪائجو، جيستائين ڪ پيڇو ڪندڙ موٽي اچن: ۽ تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.

17 تڏهن هنن ماڻهن کيس چيو تہ هي جيڪو قسم تو اسان کي کڻايو آهي تنهن جو اسان تي ڏوهہ نہ پوندو.

18 ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.

19 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ تنهنجي گهر جي در مان نڪري گهٽيءَ ۾ ويندو، انهيءَ جو رت انهيءَ جي مٿي تي رهندو، ۽ اسين ڏوهاري نہ ٿينداسين: ۽ جيڪو بہ گهر ۾ تو وٽ هوندو تنهن تي جيڪڏهن ڪنهن جو هٿ هليو تہ انهيءَ جو خون اسان جي مٿان پوندو.

20 ۽ جيڪڏهن تو هيءَ اسان جي ڳالهہ ظاهر ڪئي، تہ پوءِ هيءُ جيڪو قسم تو اسان کي کڻايو آهي، تنهن کان اسين آجا رهنداسين.

21 تنهن تي هن چيو تہ جيئن اوهين چئو ٿا تيئن ڀلي ٿئي. پوءِ هن انهن کي موڪل ڏني، ۽ هو روانا ٿيا: ۽ پاڻ اُهو کهنبو ڌاڳو دريءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين.

22 ۽ هو جبل وٽ پهتا، ۽ اُتي ٽي ڏينهن ترسي پيا، جيستائين ڪ سندن پيڇو ڪندڙ جن کين سڄي واٽ پئي ڳوليو پر نہ لڌائون، رلي موٽي هليا ويا.

23 انهيءَ کان پوءِ اُهي ٻئي ماڻهو موٽيا، ۽ جبل تان لهي، ندي لنگهي يشوع بن نون وٽ آيا؛ ۽ جيڪي مٿن ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايائونس.

24 ۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan