Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 19 - Sindhi Bible

1 ۽ ٻئي ڪڻي وارو حصو شمعون جي لاءِ نڪتو، يعني بني شمعون جي فرقي لاءِ، سندن قبيلن موجب: ۽ انهيءَ جو موروثي حصو بني يهوداہ جي موروثي حصي جي وچ ۾ هو.

2 ۽ انهن کي ورثي ۾ بيرسبع، سبع، ۽ مولادہ مليا؛

3 ۽ حصار سعول، ۽ بالاہ، ۽ عضم؛

4 ۽ التولد، ۽ بتول، ۽ حرمہ؛

5 ۽ صقلاج، ۽ بيٿ مرڪبوٿ، ۽ حصار سوسہ؛

6 ۽ بيٿ لبائوٿ، ۽ ساروحن؛ تيرهن شهر ڳوٺن سميت:

7 عين، ۽ رمون، ۽ عتر، ۽ عسن؛ چار شهر ڳوٺن سميت:

8 ۽ سڀ ڳوٺ جي انهن شهرن جي آس پاس هئا، بعلاٿ بير ۽ ڏکڻ واري رامہ تائين. اهو آهي بني شمعون جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب.

9 بني شمعون جو ورثو بني يهوداہ واري حصي منجهان هو؛ ڇالاءِ جو بني يهوداہ وارو حصو سندن لاءِ گهرج کان وڌيڪ هو: تنهنڪري بني شمعون کي پنهنجو ورثو هنن جي موروثي حصي جي وچ ۾ مليو.

10 ۽ ٽئين ڪڻي وارو حصو بني زبولون لاءِ سندن قبيلن موجب نڪتو: ۽ انهن جي موروثي حصي جي حد ساريد تائين هئي:

11 ۽ انهن جي سرحد الهندي ڏي مرعلہ ڏانهن ويئي، ۽ وڃي دباسٿ تائين پهتي؛ ۽ جيڪا نهر يقنعام جي اڳيان آهي، تنهن تائين وڃي پهتي؛

12 پوءِ اُها ساريد کان اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي، ڪسلوٿ تبور جي سرحد تائين ڦري ويئي؛ ۽ اڳتي دبرٿ ڏانهن نڪري ۽ يفيع تائين چڙهي ويئي؛

13 ۽ اُتان اُها لنگهي اُڀرندي ڏانهن هلي جٿہ حيفر ۽ عٿہ قاضين ڏانهن ويئي؛ پوءِ نڪري رمون ڏانهن ويئي، جو نيعہ تائين پکڙيل آهي؛

14 پوءِ اها سرحد انهيءَ جي چوڌاري ڦري اُتر پاسي حناٿون ڏانهن ويئي: ۽ ان جي پڇاڙي وڃي افتاح ايل جي وادي تي بيٺي؛

15 ۽ قطاٿ، ۽ نحلال، ۽ سمرون، ۽ ادالہ، ۽ بيت الحم: ٻارهن شهر ڳوٺن سميت.

16 اهو آهي بني زبولون جو ورثو، سندن قبيلن موجب، اهي شهر ۽ انهن جا ڳوٺ.

17 چوٿين ڪڻي وارو حصو اشڪار لاءِ نڪتو، يعني بني اشڪار لاءِ، سندن قبيلن موجب.

18 ۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛

19 ۽ حفاريم، ۽ شيون، ۽ اناخراٿ؛

20 ۽ ربيٿ، ۽ قسيون ۽ ابض؛

21 ۽ ريمٿ، ۽ عين جنيم، ۽ عين حدہ، ۽ بيت فصيض تائين هئي؛

22 پوءِ اُها سرحد وڃي تبور، ۽ شخصيماہ، ۽ بيت شمس تائين پهتي؛ ۽ هنن جي سرحد جي پڇاڙي وڃي يردن تي بيٺي: سورهن شهر سندن ڳوٺن سميت.

23 اهو آهي بني اشڪار جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، اهي شهر ۽ انهن جا ڳوٺ.

24 ۽ پنجين ڪڻي وارو حصو بني آشر جي لاءِ سندن قبيلن موجب نڪتو.

25 ۽ انهن جي سرحد هئي خلقٿ، ۽ حلي، ۽ بطن، ۽ اڪشاف؛

26 ۽ الملڪ، ۽ عماد، ۽ مسال؛ ۽ اُها الهندي ڏانهن ڪرمل تائين، ۽ سيحور لبنات تائين وڃي پهتي؛

27 ۽ پوءِ اُها اُڀرندي ڏانهن بيٿ دجون ڏانهن ڦري، ۽ زبولون تائين وڃي پهتي، ۽ اُتر ڏانهن افتاح ايل جي واديءَ تائين، ۽ بيت العمق، ۽ نفي ايل تائين ويئي؛ پوءِ اُها نڪري کٻي هٿ پاسي ڪبول ڏانهن ويئي،

28 ۽ عبرون، ۽ رحوب، ۽ حمون، ۽ قاناہ، ۽ وڏي صيدا تائين ويئي؛

29 پوءِ اُها سرحد ڦري رامہ ڏانهن ۽ قلعي واري شهر صور ڏانهن ويئي؛ ۽ اُتان حوسہ ڏانهن هلي؛ ۽ پوءِ اڪزيب جي ملڪ جي ڀرسان سمنڊ تي وڃي بيٺي:

30 عمہ، ۽ افيق، ۽ رحوب: ٻاويهہ شهر ڳوٺن سميت.

31 اهو آهي بني آشر جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر ۽ انهن جا ڳوٺ.

32 ڇهين ڪڻي وارو حصو بني نفتاليءَ جو نڪتو، يعني بني نفتاليءَ جو سندن قبيلن موجب.

33 ۽ انهن جي سرحد حلف کان شروع ٿي، ۽ ضعننيم جي شاہ بلوط، ۽ ادامي نقب، ۽ يبني ايل کان لقوم تائين؛ ۽ انهن جي پڇاڙي وڃي يردن تي بيٺي:

34 پوءِ سرحد ڦري الهندي پاسي ازنوٿ تبور ڏانهن ويئي، ۽ اُتان نڪري حقوق ڏانهن ويئي؛ ۽ ڏکڻ پاسي زبولون کي وڃي پهتي، ۽ اُلهندي پاسي آشر کي وڃي پهتي، ۽ اُڀرندي پاسي يردن وٽ يهوداهہ تائين ويئي.

35 ۽ قلعن وارا شهر هئا صديم، صير، ۽ حماٿ، رقٿ، ۽ ڪنرٿ؛

36 ۽ ادامہ، رامہ، ۽ حصور؛

37 ۽ قادس، ۽ ادرعي، ۽ عين حصور؛

38 ۽ ارون، ۽ مجدال ايل، حريم، ۽ بيٿ عناٿ، ۽ بيٿ شمس؛ اوڻيهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.

39 اهو آهي بني نفتاليءَ جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.

40 ستين ڪڻي وارو حصو بني دان جو نڪتو، سندن قبيلن موجب.

41 ۽ انهن جي موروثي حصي جي سرحد هئي صرعاہ، ۽ استال، عيرشمس؛

42 ۽ شعلبين، ۽ ايالون، ۽ اٿلاہ؛

43 ۽ ايلون، ۽ تمناتہ، ۽ عقرون؛

44 ۽ التقيہ، ۽ جبٿون، ۽ بعلاٿ؛

45 ۽ يهود، ۽ بني برق، ۽ جات رمون؛

46 ۽ مي يرقون، ۽ رقون، يافہ جي سامهين سرحد سميت.

47 ۽ بني دان جي سرحد انهن کان پري هلي ويئي، ڇالاءِ جو بني دان وڃي لشم سان وڙهيا ۽ اهو ورتائون، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري قبضو ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ رهيا؛ ۽ لشم کي پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، دان سڏيائون.

48 اهو آهي بني دان جي فرقي جو ورثو، سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.

49 انهيءَ طرح هنن اها زمين ان جي سرحدن موجب موروثي حصا ڪري ورهائي پوري ڪئي؛ ۽ بني اسرائيل پنهنجي وچ ۾ هڪڙو حصو يشوع بن نون کي ڏنو:

50 خداوند جي حڪم موجب هنن هن کي اُهو شهر ڏنو جو هن گهريو هو، يعني تمنٿ سرح، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي: ۽ هن اُهو شهر ٻڌو، ۽ انهي ۾ رهڻ لڳو.

51 هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan