Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 17 - Sindhi Bible

1 منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.

2 بني منسيءَ مان باقي جيڪي بچيا هئا، تن کي بہ سندن قبيلن موجب هي حصو مليو؛ يعني ابيعزر جي اولاد لاءِ، ۽ بني خلق جي اولاد لاءِ، ۽ اسرائيل جي اولاد لاءِ، ۽ سڪم جي اولاد لاءِ، ۽ حفر جي اولاد لاءِ، ۽ سميدع جي اولاد لاءِ: اهي آهن يوسف جي پٽ منسيءَ جو اولاد سندن قبيلن موجب.

3 پر صلافحاد بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ کي رڳيون ڌيئرون هيون، پٽ ڪونہ هو: ۽ انهن ڌين جا نالا هي آهن، محلاہ ۽ نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ.

4 ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ سردارن جي اڳيان آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي ڀائرن سان گڏ ورثو ملي: تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب هن سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.

5 ۽ منسيءَ کي يردن جي هن ڀر واري جلعاد ۽ بسن جي زمين کان سواءِ ڏهہ حصا مليا؛

6 ڇالاءِ جو منسيءَ جي ڌيئرن کي سندن پٽن سان گڏ ورثو مليو: ۽ منسيءَ جي باقي ٻين پٽن کي جلعاد جي زمين ملي.

7 ۽ منسيءَ جي سرحد آشر کان وٺي مڪمٿاہ تائين هئي، جو سڪم جي سامهون آهي؛ ۽ اُها سرحد سڄي هٿ واري پاسي کان هلي عين تفوح جي رهاڪن تائين ويئي.

8 هاڻي منسي کي تفوح جي زمين مليل هئي: پر منسيءَ جي سرحد وارو تفوح بني افرائيم جي ملڪيت هو.

9 پوءِ اُها سرحد قاناہ جي نهر تائين لهي، نهر جي ڏکڻ ڏي هلي ويئي: افرائيم جا اِهي شهر منسي جي شهرن منجهہ آهن: منسي جي سرحد نهر جي اُتر واري پاسي بہ هئي، ۽ نيٺ وڃي سمنڊ تي بيٺي:

10 ڏکڻ ڏي اُها افرائيم جي هئي ۽ اُتر ڏي منسي جي، ۽ سمنڊ انهي جي حد آهي؛ ۽ اُهي اُتر ڏي آشر ۾، ۽ اُڀرندي ڏي اشڪار ۾ وڃي پهتيون.

11 ۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.

12 انهي هوندي بہ منسي انهن شهرن جي رهاڪن کي هڪالي ڪڍي نہ سگهيو، پر ڪنعاني اڃا انهي ۾ رهندا اچن.

13 تڏهن بہ هئين ٿيو تہ جنهن وقت بني اسرائيل زور ورتو، تنهن وقت ڪنعانين کان بيگر وٺڻ لڳا، پر هنن کي صفا هڪالي ڪڍي نہ ڇڏيائون.

14 ۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟

15 تڏهن يشوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جي اوهين وڏي قوم آهيو تہ جهنگن ۽ ٻيلن ڏي وڃو، ۽ جي افرائيم جو جابلو ملڪ اوهان جي لاءِ سوڙهو هجي، تہ اُتي پنهنجي لاءِ فرزين ۽ رفائيم جي زمين ۾ وڍي جاءِ ڪريو.

16 ۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.

17 ۽ يشوع يوسف جي گهراڻي کي، يعني افرائيم ۽ منسي کي چيو، تہ اوهين وڏي قوم آهيو ۽ وڏي طاقت وارا آهيو: اوهان کي نہ فقط هڪڙو حصو هوندو،

18 پر اهو جابلو ملڪ اوهان جو ٿيندو؛ ۽ جيتوڻيڪ اُتي جهنگ آهي پر اوهين اُهو وڍي صفا ڪندا، ۽ انهن جون ٻاهريون حدون بہ اوهان جون ٿينديون: ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ زور ڀريا آهن، تہ بہ اوهين هنن کي هڪالي ڪڍندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan