يشوع 16 - Sindhi Bible1 ۽ بني يوسف جو ڪڻي پيري حصو يريحو جي ڀرسان يردن کان اُڀرندي ڏانهن يريحو جي پاڻيءَ تائين ٿيو، ۽ اُتان وري انهي بيابان تائين هو جو يريحو کان نڪري بيت ايل منجهان لنگهي هليو ٿو وڃي؛ 2 ۽ بيت ايل مان هلي لوز ڏانهن ٿو وڃي، ۽ ارڪين جي سرحد سان لنگهي عطاراٿ ڏانهن ٿو وڃي؛ 3 پوءِ اُلهندي ڏانهن لهي يفلطين جي حد ڏانهن وڃي هيٺئين بيٿ حورون ۽ جزر تائين ٿو وڃي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي ٿي بيهي. 4 انهي طرح يوسف جي اولاد، منسي ۽ افرائيم پنهنجو ورثو ورتو. 5 ۽ بني افرائيم جي سرحد، سندن قبيلن موجب هن طرح هئي: هنن جي موروثي حصي جي حد اُڀرندي پاسي عطاراٿ ادار کان وٺي بيٿ حورون مٿئين تائين هئي؛ 6 پوءِ اها سرحد اُتر واري پاسي مڪمٿاہ وٽ اُلهندي ڏي ويئي؛ پوءِ اُها سرحد ڦري اُڀرندي ڏي تانت سيلا تائين وڃي، انهيءَ جو پاسو ڏيئي اُڀرندي ڏانهن لنگهي ينوحاہ تائين ويئي؛ 7 ۽ ينوحاہ کان هيٺ لهي عطاراٿ ۽ نعراٿہ ڏانهن وڃي يريحو تائين آئي، ۽ پوءِ نڪري يردن تائين ويئي. 8 اها سرحد تفوح مان نڪري اُلهندي ڏانهن قاناہ جي نهر تائين ويئي؛ جنهن وڃي سمنڊ تي پڄاڻي ڪئي. اهو آهي بني افرائيم جو ورثو، سندن قبيلن موجب؛ 9 ۽ انهيءَ سان گڏ بني افرائيم جي لاءِ متفرقہ شهر، ۽ انهن جا ڳوٺ، بني منسي جي ميراث واري حصي ۾ هئا. 10 ۽ انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن، ۽ سندن ٻانها ٿي انهن جي خدمت چاڪري ڪندا آهن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society