Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 15 - Sindhi Bible

1 انهي طرح بني يهوداہ جي فرقي جو سندن قبيلن موجب ڪڻن پيري اهو حصو هو: جو ڏکڻ ڏانهن صين جي بيابان ادوم جي سرحد تائين هو، جو ڏکڻ جي ڪناري جي تمام پڇاڙيءَ وارو ڀاڱو آهي.

2 ۽ انهن جي ڏکڻ واري سرحد کاري سمنڊ جي حد کان وٺي هئي، يعني اُنهيءَ شاخ کان وٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي:

3 ۽ اها ڏکڻ ڏانهن عقربيم جي چاڙهيءَ ڏانهن هلي ويئي، ۽ لنگهي سڌي صين تائين ويئي، ۽ اُتان وري ڏکڻ واري پاسي قادس برنيع تائين چڙهي، پوءِ لنگهي حصرون ڏي ويئي، ۽ اُتان چڙهي ادار ڏانهن وڃي، قرقع ڏانهن ڦري:

4 اُتان عضمون ڏانهن هلي مصر جي نهر تائين نڪري ويئي؛ اُنهيءَ ڪناري جون حدون وڃي سمنڊ تي بيٺيون: اها اوهان جي ڏکڻ واري سرحد ٿيندي.

5 ۽ اُڀرندي واري سرحد هئي: کارو سمنڊ، يردن جي پڇاڙيءَ تائين، ۽ اُتر واري ڀاڱي جي سرحد يردن جي اصل پڇاڙيءَ واري ڀاڱي وٽ شاخ کان وٺي هلي:

6 پوءِ اُها سرحد بيت حجلہ ڏانهن چڙهي بيت العرابہ جي اُتر جو پاسو ڏيئي لنگهي ويئي؛ ۽ پوءِ اُها سرحد چڙهي روبن جي پٽ بوهن جي پٿر تائين ويئي:

7 تنهن کان پوءِ اُها سرحد عڪور جي واديءَ مان نڪري دبير ڏانهن چڙهي ويئي، جتان وري اُتر ڏي جلجال جي رخ تي هلي، يعني ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون، جا نديءَ جي ڏکڻ پاسي آهي: پوءِ اُها سرحد لنگهي عين شمس جي پاڻيءَ ڏي ويئي، جو عين راجل وٽ وڃي ٿو نڪري:

8 پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي:

9 پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).

10 پوءِ اُها سرحد بعلہ کان ڦري اُلهندي ڏانهن شعير جبل تائين ويئي، ۽ اُتان لنگهي اُتر ڏانهن يعريم جبل جي پاسي تائين ويئي (جو ڪسلون آهي)، پوءِ لهي بيت شمس ڏانهن وڃي، اڳتي تمنہ ڏانهن هلي ويئي:

11 پوءِ اُها سرحد نڪري اُتر ڏي عقرون جي پاسي تائين ويئي، پوءِ اُها لنگهي سڪرون ڏانهن، ۽ اُتان بعلہ ڏانهن لنگهي، وري نڪري يبني ايل تائين ويئي؛ ۽ انهي سرحد جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي بيٺي.

12 ۽ اُلهندي واري سرحد تي وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو هو، اها آهي بني يهوداہ جي چئني پاسن واري سرحد، سندن قبيلن موجب.

13 ۽ يفنہ جي پٽ ڪالب کي هن بني يهوداہ سان گڏ حصو ڏنو، جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو، يعني عناق جي پيءُ اربع وارو شهر (جو حبرون آهي.)

14 ۽ ڪالب عناق جا ٽي پٽ، سيسي ۽ اخيمان ۽ تلمي، جي بني عناق هئا، تن کي اُتان هڪالي ڪڍيو.

15 ۽ اُتان وري هو دبير جي رهندڙن تي چڙهي ويو: ۽ دبير جو نالو اڳي قريٿ سفر هو.

16 ۽ ڪالب چيو تہ جيڪو قريٿ سفر کي ماري وٺندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائيندس.

17 ۽ ڪالب جي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ انهي کي هن پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني.

18 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي، تڏهن انهي کي چوريائين تہ پڻس کان ڪا ٻني گهري: ۽ هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لهي پيئي؛ تڏهن ڪالب چيس تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟

19 هن ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي بخشش ڏي، ڇالاءِ جو تو مون کي ڏکڻ واري زمين ڏني آهي، مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي. تنهن تي هن مٿيان توڙي هيٺيان چشما هن کي ڏيئي ڇڏيا.

20 بني يهوداہ واري فرقي جو سندن قبيلن موجب اهو ورثو آهي.

21 ۽ بني يهوداہ واري فرقي جا سڀ کان پڇاڙيءَ وارا شهر، ادوم جي سرحد ڏانهن، ڏکڻ جي پاسي قبضي ايل، ۽ عيدر، ۽ يجور هئا.

22 ۽ قينہ، ۽ ديمونہ، ۽ عدعدہ؛

23 ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ اٿنان؛

24 زيف، ۽ تلم، ۽ بعلوٿ؛

25 ۽ حصور، حدتہ، ۽ قريوٿ حصورن (جو حصور آهي)؛

26 امام، ۽ شمع، ۽ مولادہ؛

27 ۽ حصارجدہ، ۽ حشمون، ۽ بيت فلط؛

28 حصرسوعال، بيرسبع، ۽ بزيوٿياہ؛

29 ۽ بعلہ، ۽ عييم، ۽ عضم؛

30 التولد، ۽ ڪسيل، حرمہ؛

31 صقلاج، مدمنہ، ۽ سنسناہ؛

32 ۽ لبائوٿ، ۽ سلحيم، ۽ عين، ۽ رمون: اهي شهر مڙئي سندن ڳوٺن سميت اوڻٽيهہ آهن.

33 ۽ ماٿريءَ ۾، استاول، ۽ صرعاہ، ۽ اسناہ؛

34 ۽ زنوح، ۽ عين جنيم، تفوح، ۽ عينام؛

35 يرموٿ، ۽ عدلام، شوڪہ، ۽ عزيقہ؛

36 شعريم، ۽ عديٿيم، ۽ جديرہ، ۽ جديرٿيم؛ چوڏهن شهر سندن ڳوٺن سميت.

37 ضنان، ۽ حداشہ، ۽ مجدل جد؛

38 ۽ دلعان، ۽ مصفاہ، ۽ يقٿي ايل؛

39 لڪيس، ۽ بصقت، ۽ عجلون؛

40 ۽ ڪبون، ۽ لحمام، ۽ ڪٿليس؛

41 ۽ جديروٿ، بيت دجون، نعمہ، ۽ مقيدہ؛ سورهن شهر، سندن ڳوٺن سميت.

42 لبناهہ، ۽ عٿر، ۽ عسن؛

43 يفتاح، ۽ اسنہ، ۽ نصيب؛

44 ۽ قعيلہ، ۽ اڪزيب، ۽ مريسہ؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.

45 عقرون، سندن شهر ۽ ڳوٺن سميت:

46 عقرون کان وٺي سمنڊ تائين جيڪو ملڪ اشدود جي ويجهو هو، سو ڳوٺن سميت.

47 اشدود، سندن شهرن ۽ ڳوٺن سميت؛ غزہ، سندس شهرن ۽ ڳوٺن سميت، مصر جي نهر تائين، ۽ وڏي سمنڊ، ۽ انهي جي ڪناري تائين.

48 ۽ ڪوهستان ۾، سمير، ۽ يتير، ۽ شوڪہ؛

49 ۽ دناہ، ۽ قريٿ سنہ (جو دبير آهي)؛

50 ۽ عناب، ۽ استموہ، ۽ عنيم؛

51 ۽ جشن، ۽ حولون، ۽ جلوہ؛ يارهن شهر سندن ڳوٺن سميت.

52 اراب، ۽ دوماہ، ۽ اشعان؛

53 ۽ ينيم ۽ بيت تيفوح، ۽ افيقہ،

54 ۽ حمط، ۽ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، ۽ صيعور؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.

55 معون، ڪرمل، ۽ زيف، ۽ يُوط؛

56 ۽ يزرعيل، ۽ يقدعام، ۽ زنوح؛

57 قين، جبعہ، ۽ تمنہ؛ ڏهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.

58 حلحول، بيت صور ۽ جدور،

59 ۽ معراٿ، ۽ بيت عنوٿ، ۽ التقون؛ ڇهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.

60 قريٿ بعل، (جو قريٿ يعريم آهي)، ۽ ربہ، ٻہ شهر سندن ڳوٺن سميت.

61 بيابان ۾ بيٿ عرابہ، ميدين، ۽ سڪاڪہ،

62 نبسان، ۽ لوڻ جو شهر، ۽ عين جدي؛ ڇهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.

63 باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan