Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 14 - Sindhi Bible

1 ۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.

2 اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.

3 ڇالاءِ جو موسيٰ ٻن فرقن ۽ اڌ فرقي کي يردن جي هن ڀر ورثو ڏنو هو: پر لاوين کي انهن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنائين.

4 ڇالاءِ جو يوسف جي ٻن پٽن، منسي ۽ افرائيم جا ٻہ فرقا هئا: ۽ هنن انهيءَ ملڪ ۾ لاوين کي ڪوبہ حصو ڪونہ ڏنو، سواءِ شهرن جي، ۽ چاري جي لاءِ زمين، تہ اُتي پاڻ بہ رهن، ۽ پنهنجو مال بہ چارين، ۽ پنهنجو قوت گذران بہ ڪن.

5 جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو، ۽ انهن زمين ورهائي.

6 تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.

7 جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادس برنيع مان انهيءَ ملڪ جي جاسوسي لاءِ موڪليو هو، تڏهن آءٌ چاليهن سالن جي عمر جو هوس؛ ۽ مون موٽي اچي هن کي اُها خبر ڏني جا منهنجي دل ۾ هئي.

8 انهيءَ هوندي بہ منهنجا ڀائر، جي مون سان هليا هئا، تن ماڻهن جون دليون پگهاري ڇڏيون؛ پر مون خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي.

9 ۽ موسيٰ انهي ڏينهن قسم کڻي چيو، تہ جنهن زمين تي تنهنجا پير پيا آهن، سا ضرور تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي لاءِ، هميشہ لاءِ موروثي ملڪيت ٿيندي، ڇو جو تو خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي آهي.

10 هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.

11 اڃا تائين آءٌ اهڙو مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هوس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو: مون کي جهڙو زور اڳي هو تهڙو هاڻي بہ آهي، جهڙو جنگ لاءِ، تهڙو اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ.

12 تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جبل ڏي جنهن بابت خداوند انهيءَ ڏينهن ذڪر ڪيو هو؛ ڇالاءِ جو انهي ڏينهن تو ٻڌو تہ عناقيم اُتي رهن ٿا، ۽ اُتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن: جيڪڏهن خداوند مون سان ٿيندو تہ پوءِ آءٌ انهي کي هڪالي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.

13 تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين.

14 تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين حبرون، ڪالب بن يفنہ قنزيءَ جي ملڪيت آهي، ڇالاءِ جو هن خداوند اسرائيل جي خدا جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.

15 ۽ حبرون جو نالو اڳي قريٿ اربع هو؛ جو اربع عناقيم ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan