Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 12 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيڪا زمين يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي ارنون جي واديءَ کان وٺي حرمون جي جبل تائين هئي، ۽ جيڪو ميدان اُڀرندي ڏي هو، تن جي جن جن بادشاهن کي بني اسرائيل ماري انهن جو ملڪ هٿ ڪيو، سي هي آهن:

2 امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ جنهن جي بادشاهي عروعير کان وٺي، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، واديءَ جي وچ تائين، ۽ جلعاد جي اڌ تائين يعني بني عمون جي حد، يبوق نديءَ تائين هئي،

3 ۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:

4 ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو،

5 ۽ جنهن جي بادشاهي هئي حرمون جبل ۾، ۽ سلڪہ، ۽ سڄي بسن تي، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد ۽ اڌ جلعاد تائين، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي سرحد تي هئي:

6 انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.

7 ۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛

8 يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي:

9 يريحو جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عئيءَ جو بادشاهہ، جو بيت ايل جي ڀرسان هو، هڪڙو؛

10 يروشلم جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حبرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛

11 يرموٿ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لڪيس جو بادشاهہ، هڪڙو؛

12 عجلون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جزر جو بادشاهہ، هڪڙو؛

13 دبير جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جدر جو بادشاهہ، هڪڙو؛

14 حرمہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عراد جو بادشاهہ، هڪڙو؛

15 لبناہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عدلام جو بادشاهہ، هڪڙو؛

16 مقيدہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ بيت ايل جو بادشاهہ، هڪڙو؛

17 تفوح جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حفر جو بادشاهہ، هڪڙو؛

18 افيق جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لشرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛

19 مدون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ حصور جو بادشاهہ، هڪڙو؛

20 ۽ سمرون مرون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ اڪشاف جو بادشاهہ، هڪڙو؛

21 تعنڪ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ مجدو جو بادشاهہ، هڪڙو؛

22 قادس جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪرمل واري يقنعام جو بادشاهہ، هڪڙو؛

23 دور جي چوٽيءَ تي دور جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جلجال جي قومن جو بادشاهہ، هڪڙو؛

24 ترضہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪل ايڪٽيهہ بادشاهہ هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan