Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 11 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حصور جي بادشاهہ يابين اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن مدون جي بادشاهہ يوبات، ۽ سمرون جي بادشاهہ، ۽ اڪشاف جي بادشاهہ ڏي،

2 ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا،

3 ۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.

4 ۽ اُهي سڀئي پاڻ سان پنهنجا لشڪر وٺي نڪتا، ۽ اُهي ايترا بيشمار ماڻهو هئا، جو گهڻائيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جيترا هئا، ۽ ساڻن گهڻا ئي گهوڙا، ۽ جنگي گاڏيون هيون.

5 ۽ جڏهن اهي سڀ بادشاهہ اچي گڏ ٿيا؛ تڏهن هو اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ، ميروم جي پاڻين تي، هڪ هنڌ تنبو هڻي لهي پيا.

6 تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ هنن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو سڀاڻي هن وقت آءٌ انهن سڀني کي اسرائيل جي اڳيان ماري سندن حوالي ڪندس: تون هنن جا گهوڙا گُڏيندين ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙيندين.

7 انهيءَ موجب يشوع سڀ جنگي مرد پاڻ سان وٺي انهن سان وڙهڻ لاءِ اوچتو ميروم جي پاڻين وٽ آيو؛ ۽ انهن تي ڪاهي اچي پيو.

8 ۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛

9 ۽ يشوع انهن سان ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هوس: هن انهن جا گهوڙا گڏيا، ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙي ڇڏيائين.

10 انهي وقت يشوع پٺتي موٽي حصور ورتو، ۽ انهي جي بادشاهہ کي ترار سان ماريائين: ڇالاءِ جو اڳئين وقت ۾ حصور انهن سڀني بادشاهن جو سردار هو.

11 ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائون: هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون: ۽ هن حصور کي باهہ سان ساڙي ڇڏيو.

12 ۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.

13 باقي جيڪي شهر ٽڪر تي مضبوط بيٺا هئا، تن مان ڪنهن کي بہ اسرائيل نہ ساڙيو، سواءِ انهي هڪڙي حصور کي جنهن کي يشوع ساڙي ڇڏيو.

14 ۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.

15 جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.

16 انهي طرح يشوع اُهو سڄو ملڪ ورتو، يعني ڪوهستان ۽ سڄو ڏکڻ وارو ملڪ، ۽ جشن جو ملڪ، ۽ وادي، ۽ ميدان، ۽ اسرائيل وارو جابلو ملڪ، ۽ انهي جي وادي؛

17 يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا.

18 يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گهڻي وقت تائين جنگ پئي ڪئي.

19 هڪڙو بہ شهر نہ هو جنهن بني اسرائيل سان صلح ڪيو، سواءِ حوين جي، جي جبعون ۾ رهندا هئا: ٻيا سڀ هنن جنگ ۾ ورتا.

20 ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

21 ۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو.

22 عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.

23 انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan