Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 10 - Sindhi Bible

1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛

2 تڏهن هنن کي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇالاءِ جو جبعون وڏو شهر هو، ۽ شاهي شهرن مان هڪڙو هو، ۽ عئي کان وڏو هو، ۽ اُتي جا سڀ ماڻهو زور ڀريا هئا.

3 تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ

4 مون وٽ اچو، ۽ مون کي مدد ڏيو تہ جبعون کي ماريون؛ ڇالاءِ جو هن يشوع ۽ بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي.

5 تنهنڪري امورين جا پنج ئي بادشاهہ، يعني يروشلم جو بادشاهہ، حبرون جو بادشاهہ، يرموت جو بادشاهہ، لڪيس جو بادشاهہ ۽ عجلون جو بادشاهہ، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي لشڪر سميت روانا ٿيا، ۽ جبعون جي اڳيان منزل ڪري انهي سان جنگ ڪيائون.

6 تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.

7 تنهن تي يشوع پاڻ سان سڀ جنگي ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد وٺي جلجال مان نڪتو.

8 ۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.

9 تنهنڪري يشوع اوچتو هنن تي ڪاهي آيو، ۽ سڄي رات جلجال مان نڪري پنڌ ڪندو ويو.

10 ۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.

11 ۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.

12 جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.

13 ۽ سج هڪڙي هنڌ بيهي رهيو، ۽ چنڊ بہ ترسي پيو، جيستائين ڪ انهن ماڻهن پنهنجي دشمنن کان وير پئي ورتو، اهو آشر جي ڪتاب ۾ نہ لکيل آهي ڇا؟ انهيءَ طرح سج آسمان جي وچ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺو، ۽ قريب سڄو ڏينهن اُلهندي ڏانهن نہ لڙيو.

14 انهي کان اڳي، يا اُنهي کان پوءِ، انهي جهڙو ڏينهن ڪڏهن ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جو آواز ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي پاران وڙهيو.

15 ۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي اچي جلجال ۾ منزل ڪئي.

16 ۽ اُهي پنج بادشاهہ ڀڄي مقيدہ جي هڪڙيءَ غار ۾ وڃي لڪا.

17 ۽ ماڻهن يشوع کي خبر ڏني تہ اُهي پنج ئي بادشاهہ مقيدہ جي هڪڙي غار ۾ لڪل آهن.

18 تڏهن يشوع چيو تہ ڪي وڏا پٿر ليٽائي غار جي منهن تي آڻي وجهو، ۽ انهن جي ڀرسان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو:

19 پوءِ ترسجو نہ، پر پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئو، ۽ جيڪي انهن مان سڀني کان پٺتي هجن، انهن کي مارجو: هنن کي سندن شهرن ۾ گهڙڻ نہ ڏجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

20 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل هنن کي قتل ڪري چڪا، اهڙو جو هو مري کپي ويا، تڏهن باقي جيڪي انهن مان بچيا هئا سي ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي لڪا.

21 پوءِ سڀ ماڻهو صحيح سلامت موٽي مقيدہ ۾ يشوع وٽ آيا: ڪنهن بہ بني اسرائيل جي برخلاف زبان نہ چوري.

22 تڏهن يشوع چيو تہ غار جو منهن کوليو، ۽ انهي مان اُهي پنج ئي بادشاهہ مون وٽ وٺي اچو.

23 ۽ هنن ائين ڪيو، ۽ انهن پنجن ئي بادشاهن کي غار مان ڪڍي آيا، يعني يروشلم جي بادشاهہ کي، ۽ حبرون جي بادشاهہ کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ کي.

24 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو انهن پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا، تڏهن يشوع اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو، ۽ جيڪي جنگي مرد ساڻس آيا هئا، تن جي سردارن کي چيائين، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو: ۽ هو ويجها آيا، ۽ پنهنجا پير هنن جي ڳچين تي رکيائون.

25 پوءِ يشوع هنن کي چيو تہ ڊڄو نہ، نڪو خوف ڪريو؛ مضبوط ۽ چڱي همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو جن دشمنن سان اوهين وڙهو ٿا تن سڀني سان خداوند ائين ڪندو.

26 تنهن کان پوءِ يشوع انهن کي ماريو، ۽ قتل ڪيو، ۽ پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏيائين: ۽ اُهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.

27 ۽ سج لهڻ مهل هيئن ٿيو جو يشوع جي حڪم تي هنن انهن کي وڻن تان لاٿو، ۽ جنهن غار ۾ هو لڪا هئا، تنهن غار ۾ اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ ڪي وڏا پٿر غار جي منهن تي آڻي وڌائون، جي اڄ ڏينهن تائين اُتي پيا آهن.

28 ۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.

29 تنهن کان پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي مقيدہ مان لنگهي لبناہ ۾ ويو، ۽ لبناہ سان جنگ ڪيائين.

30 ۽ خداوند اُهو بہ، انهي جي بادشاهہ سميت، اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هن انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي منجهہ هئا، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماريو؛ ڪوبہ ڪونہ ڇڏي ڏنائين، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.

31 پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي لبناہ مان نڪري لڪيس ۾ آيو، ۽ انهي جي سامهون لهي پيو، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪيائين:

32 ۽ خداوند لڪيس اسرائيل جي حوالي ڪيو، ۽ هن انهي کي ٻئي ڏينهن ورتو، ۽ انهي ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين، جيئن لبناہ سان ڪيو هئائين.

33 تڏهن هورم، جزر جو بادشاهہ، لڪيس جي مدد لاءِ چڙهي آيو؛ ۽ يشوع انهي کي ۽ انهي جي ماڻهن کي اهڙو ماريو جو انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچايائين.

34 پوءِ يشوع لڪيس مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، عجلون ۾ آيو؛ ۽ هنن انهي جي سامهون منزل ڪئي، ۽ انهيءَ سان وڙهيا؛

35 ۽ انهيءَ ڏينهن انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن سميت انهي کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ انهيءَ ڏينهن لڪيس وانگر انهن کي بہ صفا ناس ڪري ڇڏيائون.

36 پوءِ يشوع عجلون مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، حبرون ۾ آيو؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهيا:

37 ۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.

38 ۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت اُتان موٽي دبير ۾ آيو؛ ۽ انهي سان جنگ ڪيائين:

39 ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.

40 انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.

41 ۽ يشوع انهن کي قادس برنيع کان وٺي غزہ تائين، ۽ جشن جي ساري ملڪ کان جبعون تائين، ماري کپائي ڇڏيو.

42 ۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.

43 پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي جلجال ۾ اچي منزل ڪئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan