يشوع 1 - Sindhi Bible1 هاڻي خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ جي خادم يشوع بن نون سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ، 2 منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي؛ تنهنڪري هاڻي اُٿ ۽ هن سڄيءَ قوم سميت يردن جي پار لنگهي هن ملڪ ۾ وڃ، جو آءٌ بني اسرائيل کي ٿو ڏيان. 3 جنهن جنهن جاءِ تي تنهنجو پير پوندو، سا مون اوهان کي ڏني آهي، جيئن ڪ مون موسيٰ کي چيو هو. 4 بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي. 5 تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس. 6 مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين. 7 رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين. 8 اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين. 9 مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي. 10 پوءِ يشوع ماڻهن جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ 11 اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو. 12 ۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي سان يشوع ڳالهايو، ۽ چيائين تہ 13 خداوند جي ٻانهي موسيٰ جيڪي اوهان کي حڪم ڏيئي چيو هو سو ياد ڪريو، اهو هي آهي تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آرام ٿو ڏئي، ۽ اوهان کي هيءُ ملڪ ڏيندو. 14 اوهان جون زالون، اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال انهيءَ زمين ۾ رهندو، جا يردن جي هن ڀر موسيٰ اوهان کي ڏني؛ پر اوهين سڀ جي زور ۽ همت وارا ماڻهو آهيو، سي پنهنجن ڀائرن جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهو، ۽ هنن جي مدد ڪريو؛ 15 جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو. 16 تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين. 17 جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو. 18 جيڪو تنهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪندو، ۽ جيڪي ڳالهيون تون فرمائيندين سي نہ ٻڌندو، سو کڻي ڪير بہ هوندو، تہ انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏبو: رڳو مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society