يوناہ 4 - Sindhi Bible1 پر اها ڳالهہ يوناہ کي اصل نہ وڻي، ۽ هو ڪاوڙيو. 2 ۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو. 3 تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي. 4 تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟ 5 پوءِ يوناہ شهر مان نڪري ٻاهر ويو، ۽ شهر جي اُڀرندي پاسي وڃي ويٺو، ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙي لانڍي جوڙيائين، ۽ انهيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي. 6 ۽ خداوند خدا هڪڙي ڪدوءَ جي ول تيار ڪئي، ۽ انهيءَ کي يوناہ جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ جي لاءِ چاڙهيائين، تہ مصيبت کان بچي. انهيءَ ول جي ڪري يوناہ ڏاڍو خوش ٿيو. 7 پر ٻئي ڏينهن صبح جو خدا هڪڙو ڪينئون تيار ڪيو، جنهن ڪدوءَ جي ول کي کاڌو، ۽ اُها ڪومائجي ويئي. 8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي. 9 ۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي. 10 ۽ خداوند چيو تہ توکي ڪدوءَ جي ول تي رحم آيو آهي، جنهن جي لاءِ تو ڪوبہ پورهيو نہ ڪيو آهي، ۽ نڪي تو ان کي پيدا ڪيو، جا هڪڙي رات ۾ اُسري ۽ هڪڙي ئي رات اندر سُڪي ويئي. 11 تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society