Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوناہ 3 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو يوناہ تي نازل ٿيو، تہ

2 اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.

3 تڏهن يوناہ اُٿيو ۽ جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس تيئن نينوہ ڏي ويو. هاڻي نينوہ هڪڙو تمام وڏو شهر، ٽن ڏينهن جو پنڌ هو.

4 ۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو.

5 ۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون.

6 ۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو.

7 ۽ هن اشتهار ڪڍيو، ۽ سڄي نينوہ ۾ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جو حڪم پڌرو ڪيو ويو، تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڌڻ يا گلو، ڪابہ شيءِ نہ چکي: اُهي نڪي کائن، نڪي پيئن.

8 ۽ ماڻهو توڙي جانور ٻئي کٿا ڍڪين، ۽ زور سان خدا جي اڳيان پڪارين: هرڪو پنهنجي خراب رستي کان، ۽ پنهنجي هٿن جي ظلم کان باز اچي.

9 ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.

10 ۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan