يوناہ 2 - Sindhi Bible1 تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ: 2 مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو. 3 ڇالاءِ جو تو مون کي اونهاڙ ۾، يعني سمنڊ جي وچ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ پاڻي مون کي وڪوڙي ويا؛ تنهنجون سڀ لهرون ۽ موجون مون تان لنگهي ويون. 4 ۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس. 5 پاڻي مون کي ساهہ تائين وڪوڙي ويا، سمنڊ منهنجي چوڌاري هو؛ رءُ منهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيل هئا. 6 آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي. 7 جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي. 8 جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين. 9 پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي. 10 ۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society