Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوناہ 1 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام يوناہ بن امتيءَ تي نازل ٿيو، تہ

2 اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي.

3 پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.

4 پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.

5 تڏهن خلاصي ڊنا ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي خدا کي پڪاريو؛ ۽ جهاز ۾ جيڪو سامان هو، سو هو سمنڊ ۾ اُڇلائڻ لڳا، انهي لاءِ تہ جهاز هلڪو ٿئي. پر يوناہ لهي جهاز جي اندرين ڀاڱن ۾ ويو؛ ۽ اُتي گهاٽيءَ ننڊ ۾ سمهيو پيو هو.

6 تڏهن جهاز جو معلم هن وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ اي سمهندڙ، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اُٿي پنهنجي خدا کي پڪار، تہ من انهيءَ خدا کي ڪو اسان جو خيال پوي ۽ اسين نہ ٻُڏون.

7 ۽ هنن مان هر ڪنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو، تہ اچو تہ ڪڻا وجهون تہ خبر پوي تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي. تڏهن هنن ڪڻا وڌا، ۽ ڪڻو يوناہ جي نالي پيو.

8 تڏهن هنن چيس تہ ڀلائي ڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؛ تنهنجو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ تون ڪٿان جو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ ۽ تون ڪهڙي قوم جو آهين؟

9 ۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.

10 تڏهن اُهي ماڻهو ڏاڍا ڊنا، ۽ چيائونس تہ هي تو ڇا ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو هنن ماڻهن کي خبر هئي تہ هو خدا جي حضور مان ڀڳو آهي، جو پاڻ هنن کي ٻڌايو هئائين.

11 تڏهن هنن پڇيس تہ اسين توسان ڇا ڪريون تہ سمنڊ اسان لاءِ ماٺو ٿئي؟ ڇالاءِ جو سمنڊ تي طوفان زور وٺندو ٿي ويو.

12 ۽ هن چين تہ مون کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وجهو؛ تہ سمنڊ اوهان جي لاءِ ماٺو ٿئي، ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.

13 انهيءَ هوندي بہ هنن ماڻهن ڳن موڙي زمين ڏي موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو طوفان زور وٺندو ٿي ويو.

14 جنهنڪري هنن خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين توکي عرض ٿا ڪريون، تہ هن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪري اسان کي نہ مار، ۽ بيگناهہ خون اسان تي نہ رک: ڇالاءِ جو، اي خداوند، جيئن توکي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.

15 تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.

16 تڏهن اُنهن ماڻهن کي خداوند جو ڏاڍو ڊپ ٿيو؛ ۽ هنن خداوند جي اڳيان هڪڙي قرباني ادا ڪئي ۽ مڃتا مڃيائون.

17 ۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan