يوايل 3 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو ڏسو، اُنهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت، جڏهن آءٌ يهوداہ ۽ يروشلم جا قيدي موٽائي آڻيندس، 2 تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن. 3 ۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن. 4 هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس. 5 اوهان منهنجو روپو ۽ منهنجو سون کنيو آهي، ۽ منهنجون عمديون شيون پنهنجن مندرن ۾ کڻي ويا آهيو؛ 6 اوهان يهوداہ ۽ يروشلم جو اولاد بہ يونانين وٽ وڪڻيو آهي، انهي لاءِ تہ هنن کي سندن سرحدن کان پري نيو: 7 ڏسو، جنهن هنڌ اوهان هنن کي وڪڻي ڇڏيو آهي، انهيءَ هنڌان آءٌ هنن کي اُٿاريندس، ۽ اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس. 8 ۽ آءٌ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون يهوداہ جي اولاد جي هٿ وڪڻندس، ۽ اُهي اُنهن کي سبا جي ماڻهن وٽ، يعني هڪڙي پرانهين قوم وٽ وڪڻندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي. 9 اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن. 10 پنهنجن هرن جي ڦارن کي ڪٽي ترارون ٺاهيو ۽ ڏاٽن کي ڀڃي ڀالا ٺاهيو: ڀلي هيڻو چوي تہ آءٌ زور ڀريو آهيان. 11 آس پاس واريون سڀ قومون، اوهين جلدي اچو، ۽ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو: اي خداوند تون پنهنجا پهلوان اُتي لاهي آڻ. 12 ڀلي سڀ قومون اُٿي يهوسفط جي واديءَ ۾ گڏ ٿين: ڇالاءِ جو اُتي آءٌ آس پاس جي سڀني قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ ويهندس. 13 ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي. 14 فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي. 15 سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين. 16 ۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو. 17 تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيون ۾ ٿو رهان: تڏهن يروشلم پاڪ ٿيندو ۽ اڳتي وري ڪي بہ ڌاريا ماڻهو انهيءَ منجهان نہ لنگهندا. 18 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو. 19 مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي. 20 پر يهوداہ هميشہ لاءِ آباد رهندو ۽ يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي. 21 ۽ آءٌ هنن جو رت پاڪ ڪندس، جو هيستائين پاڪ نہ ڪيو اٿم: ڇالاءِ جو خداوند صيون ۾ رهي ٿو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society