Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوايل 1 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام جو يوايل بن فتوايل تي نازل ٿيو.

2 اي پير مرد اوهين ٻڌو، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهين ڪَن ڏيو. ڪڏهن اهڙي ڳالهہ اوهانجن ڏينهن ۾، يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ٿي آهي؟

3 اوهين اُها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو ۽ اوهان جا ٻار وري ٻيءَ پيڙهيءَ کي ٻڌائين.

4 تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي.

5 اي نشئي جاڳو، ۽ ماتم ڪريو. اي نشي باز، اوهين سڀ مٺي شراب جي ڪري روئو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي وات کان کسيو ويو آهي.

6 ڇالاءِ جو هڪڙي زور واري ۽ وڏي قوم منهنجي ملڪ تي چڙهي آئي آهي؛ هن جا ڏند شينهن جا ڏند آهن، ۽ هن جي ڏاٺ وڏي شينهن جهڙي آهي.

7 هن منهنجو انگورستان ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انجير جي وڻ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا اٿس: هن انهي کي بلڪل اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو اٿس؛ انهيءَ جون ٽاريون اڇيون ٿي ويون آهن.

8 اوهين اُنهيءَ ڪنواريءَ وانگي ماتم ڪريو جنهن پنهنجي جواني واري مڙس لاءِ کٿو ڍڪيو هجي.

9 کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.

10 ٻني ويران ٿي ويئي آهي، ملڪ ماتم ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اَن زيان ٿيو آهي، نئون شراب سُڪي ويو آهي، تيل گهٽجي ويو آهي.

11 اي ڪڙمي، اوهين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي لاءِ شرمندا ٿيندا، اي ڊاک جا باغبان، اوهين واويلا مچايو؛ ڇالاءِ جو ٻنيءَ جو فصل چٽ ٿي ويو آهي.

12 ڊاک ڪومائجي ويئي آهي، ۽ انجير جو وڻ سُڪي رهيو آهي؛ ڏاڙهونءَ جو وڻ، ۽ کجيءَ جو وڻ، ۽ صوف جو وڻ، بلڪ ميدان جا سڀ وڻ ڪومائجي ويا آهن: ۽ بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.

13 اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.

14 هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو.

15 ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!

16 اسان جي اکين اڳيان کاڌو ڪَپيو نہ ويو آهي ڇا، هائو، خوشي ۽ سرهائي اسان جي خدا جي گهر کان وڍي نہ ويئي آهي ڇا؟

17 ٻج مٽيءَ جي ڀترن هيٺان سڙي ڪِنو ٿو ٿئي؛ اَن جا انبارخانا ويران پيا آهن، ڀنڊار ڀڳا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو فصل سُڪي ويو آهي.

18 جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن.

19 اي خداوند آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن، ۽ شعلن جهنگ جا سڀ وڻ ساڙي ڇڏيا آهن.

20 هائو، جهنگ جا مرون تنهنجي اڳيان سهڪن ٿا: ڇالاءِ جو پاڻيءَ جون نهرون سُڪي ويون آهن، ۽ باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan