ايوب 9 - Sindhi Bible1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: 2 آءٌ سچ پچ ڄاڻان ٿو تہ ائين آهي: پر ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا اڳيان سچو ٿي سگهندو؟ 3 جيڪڏهن هن جي مرضي ساڻس وڙهڻ جي هوندي تہ هزار مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو بہ هن کي جواب ڏيئي نہ سگهندو. 4 هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي. 5 جو جبلن کي هٽائي ڇڏي ٿو ۽ انجي هنن کي خبر ئي نٿي پوي، ۽ انهيءَ مهل هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪيو رکي. 6 جو زمين کي پنهنجي جاءِ تان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا. 7 جو سج کي حڪم ڏئي ٿو تہ اُهو اُڀري ئي نٿو؛ ۽ جو تارن کي مُهر ڪيو ڇڏي. 8 جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو. 9 جو کٽ، ۽ جبار، ۽ ڪتيون، ۽ ڏکڻ وارا برج جوڙي ٿو. 10 جو اهڙا وڏا ڪم ڪري ٿو جي سمجهہ کان ٻاهر آهي، هائو، بيشمار عجيب ڪم. 11 ڏس، هو منهنجي پاسي کان هلي ٿو تہ بہ آءٌ ان کي نٿو ڏسان: هو اڳتي لنگهي ويو پر هن جي مون کي خبر نٿي پوي. 12 ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ 13 خدا پنهنجي ڪاوڙ کي نہ موٽائيندو؛ رهب جا مددگار هن هيٺ جهڪن ٿا. 14 پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ هن کي جواب ڏيئي سگهان، ۽ هن سان حجت دليل ڪرڻ لاءِ پنهنجا لفظ چونڊي سگهان؟ 15 جي کڻي آءٌ سچو بہ هجان تہ بہ جيڪر جواب ڏيڻ نہ گهران؛ آءٌ جيڪر پنهنجي دشمن کي بہ منٿ زاري ڪريان. 16 جي آءٌ کڻي سڏ ڪريان ها ۽ هو ورندي ڏئي ها؛ تہ بہ آءٌ جيڪر ويساهہ نہ ڪريان تہ ڪو هن منهنجو آواز ٻڌو آهي. 17 هو مون کي طوفان سان ڀڃي ٿو، ۽ سبب کان سواءِ زخم وڌائي ٿو. 18 هو مون کي ساهہ کڻڻ نہ ڏيندو، پر مون کي ڪَڙاڻ سان ڀري ڇڏي ٿو. 19 جيڪڏهن اسين طاقت وارن جي زور جو ذڪر ڪنداسين تہ ڏسو، هو اتي موجود آهي! ۽ جي عدالت جو، تہ ڪير مون کي وقت مقرر ڪري ڏيندو؟ 20 جيتوڻيڪ آءٌ سچو ئي هجان، تہ بہ منهنجو وات مون کي قصور وار ٺهرائيندو: ۽ جي آءٌ ڪامل هجان، تہ بہ اهو مون کي ڏنگو ثابت ڪندو. 21 آءٌ ڪامل آهيان: تہ بہ آءٌ پاڻ کي ڪي ڪين ٿو سمجهان؛ آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو. 22 اها سڀ هڪڙي ڳالهہ آهي؛ تنهن ڪري آءٌ چوان ٿو تہ هو ڪامل توڙي شريرن کي ناس ٿو ڪري. 23 جيڪڏهن وبا اوچتو ماري وجهندي تہ بہ هو بيگناهن جي آزمائش تي کلندو. 24 زمين شريرن جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي: هو انهنجي منصفن جا منهن ڍڪي ڇڏي ٿو. جي اُهو ناهي تہ تڏهن ٻيو ڪير آهي؟ 25 هاڻي منهنجا ڏينهن ٽپالي قاصد کان بہ تکا آهن: اُهي ڀڄندا وڃن ۽ اُهي ڪابہ چڱائي نٿا ڏسن. 26 هو تکن جهازن وانگر لنگهي ويا آهن: انهيءَ باز وانگر جو شڪار تي لامارو ڏئي ٿو. 27 جيڪڏهن آءٌ چوندس تہ آءٌ پنهنجي غمگين شڪل ڦيري ڇڏيندس ۽ خوش گذاريندس: 28 تہ آءٌ پنهنجن سڀني ڏکن کان ڊڄان ٿو مون کي خبر آهي تہ تون مون کي بيگناهہ نہ ڄاڻندين. 29 مون تي ڏوهہ ثابت ٿيندو؛ تڏهن ڇالاءِ آءٌ اجائي محنت ڪريان؟ 30 جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي برف جي پاڻيءَ سان ئي کڻي ڌوئان ۽ پنهنجا هٿ تمام صاف ڪريان؛ 31 تہ بہ تون مون کي کڏ ۾ اُڇلائي وجهندين، ۽ خود منهنجا ڪپڙا مون کان بيزار ٿيندا. 32 ڇالاءِ جو هو مون جهڙو ماڻهو ناهي جو هن کي ورندي ڏيان، ۽ عدالت جي لاءِ هن سان گڏ حاضر ٿيان. 33 اسان جي وچ ۾ ڪو امين ڪونهي جو اسان ٻنهي تي پنهنجو هٿ رکي. 34 ڀلي تہ هو پنهنجي لٺ مون تان پري ڪري، ۽ هنجو خوف مونکي نہ ڊڄاري: 35 تہ پوءِ آءٌ ڳالهايان ۽ هن کان نہ ڊيڄاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي لاءِ پاڻ اهڙو نہ آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society