Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 8 - Sindhi Bible

1 تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:

2 ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟

3 خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟

4 جيڪڏهن تنهنجي اولاد هن جي خلاف گناهہ ڪيو آهي ۽ هن انهن کي، انهن گناهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي:

5 جيڪڏهن تون ڪوشش ڪري خدا کي ڳولڻ گهرندين ۽ قادر مطلق وٽ منٿ آزي ڪندين؛

6 جيڪڏهن تون پاڪ ۽ سچو هوندين؛ تہ پوءِ يقين آهي تہ هو تو لاءِ اُٿندو، ۽ تنهنجي سچائيءَ جي جاءِ کي سڀاڳو ڪندو.

7 ۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.

8 ڇالاءِ جو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڳئين زماني کان پڇا ڪر، ۽ جيڪي هن جي ابن ڏاڏن ڳولي لڌو آهي تنهن تي عمل ڪر:

9 (ڇالاءِ جو اسين رڳو ڪالهوڪا آهيون ۽ ڪجهہ نٿا ڄاڻون؟ هن ڪري جو اسان جا ڏينهن زمين تي هڪڙو پاڇو آهن:)

10 اهي توکي نہ سيکاريندا ۽ نہ چوندا ڇا، ۽ پنهنجي دل مان لفظ نہ ڪڍندا ڇا؟

11 ڪو ڪانو گپ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟ بانس جو ڪانو ڪو پاڻيءَ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟

12 جيسين اهو اڃا سائو آهي ۽ وڍيو نہ ويو آهي، تہ بہ اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي ڪومائجي وڃي ٿو.

13 جيڪي خدا کي وسارين ٿا تن سڀني جا رستا اهڙا ئي آهن؛ ۽ بي دين ماڻهوءَ جي اُميد نابود ٿي ويندي:

14 جنهن جو ويساهہ ويندو رهندو ۽ جنهن جو اعتبار ڪوريئڙي جي ڄار آهي.

15 هو پنهنجي گهر تي ٽيڪ ڏيندو، پر اهو نہ بيهندو: هو انهيءَ کي قابو جهلي بيهندو پر اهو جٽاءُ نہ ڪندو.

16 هو سج جي اڳيان سائو آهي، ۽ هن جون شاخون هن جي باغ ڏي وڃن ٿيون.

17 هن جون پاڙون ڍير ۾ ويڙهيل آهن، ۽ هو پٿرن جي جاءِ ڏسي ٿو.

18 جيڪڏهن هو پنهنجي جاءِ تان ناس ٿي ويندو، تہ اها هنجو انڪار ڪندي ۽ چوندي تہ مون توکي ڪونہ ڏٺو آهي.

19 ڏس هيءَ هن جي راهہ جي خوشي آهي، ۽ مٽيءَ مان ٻيا ڦٽي نڪرندا.

20 ڏس، خدا سچي ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي هو شرارت ڪندڙن کي قائم رکندو.

21 هو اڃا بہ تنهنجو وات کل سان ڀريندو، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان.

22 جيڪي توکي ڌڪارين ٿا سي شرم سان ڍڪجي ويندا، ۽ شريرن جو تنبو نابود ٿي ويندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan