ايوب 42 - Sindhi Bible1 تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، 2 مون کي خبر آهي تہ تون سڀ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو، ۽ تنهنجو ڪو بہ ارادو روڪجي نٿو سگهي. 3 اهو ڪير آهي جو ناداني ڪري صلاح مصلحت کي لڪائي ٿو؟ تنهن ڪري مون اهي ڳالهيون ڪيون آهن جي مون نہ سمجهيون، اهي ڳالهيون جي منهنجي لاءِ تمام حيرت جهڙيون هيون ۽ جي مون نٿي ڄاتيون. 4 آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ ٻڌ تہ آءٌ ڳالهايان؛ ۽ تو کان سوال پڇندس ۽ تون مون کي بيان ٻڌائج. 5 مون ڪنن جي ٻڌڻ سان تنهنجي بابت ٻڌو هو؛ پر هاڻي منهنجون اکيون توکي ڏسن ٿيون، 6 جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ مٽيءَ ۽ رک ۾ پڇتايان ٿو. 7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايوب کي اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن خداوند اليفز تيماني کي چيو تہ منهنجي ڪاوڙ توتي ۽ تنهنجي ٻن دوستن تي ڀڙڪي آهي؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت ۾ اها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي. 8 تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي. 9 تڏهن اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي، ۽ سوفر نعماتي ويا، ۽ جيئن خداوند فرمايو هون تيئن ڪيائون: ۽ خداوند ايوب کي قبول ڪيو. 10 ۽ جڏهن ايوب پنهنجن دوستن جي لاءِ دعا گهري تڏهن خداوند ايوب جي قيد کي ڦيرائي ڇڏيو: ۽ خداوند جيڪي ايوب کي اڳي ڏنو هو تنهن کان ٻيڻو ڏنائينس. 11 تڏهن سندس سڀ ڀائر ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي ۽ جن سندس گهر ۾ ساڻس ماني کاڌي هئي، سي وٽس آيا ۽ وٽس اچي افسوس ظاهر ڪيائون ۽ جيڪا بہ مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن جي نسبت ۾ کيس تسلي ڏنائون: هر هڪ ماڻهوءَ هن کي هڪڙو سڪو بہ ڏنو ۽ هر هڪ هڪڙي سوني منڊي بہ ڏنيس. 12 انهيءَ طرح خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان زيادہ برڪت واري ڪئي: ۽ هن وٽ چوڏهن هزار رڍون ۽ ڇهہ هزار اُٺ ۽ هڪ هزار جوڙا ڏاندن جا ۽ هڪ هزار گڏهيون ٿيون. 13 هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون بہ ٿيون. 14 ۽ هن پهرين جو نالو يميمہ رکيو؛ ۽ ٻيءَ جو نالو قصياہ رکيو؛ ۽ ٽين جو نالو قرن هپوڪ رکيو. 15 ۽ سڄي ملڪ ۾ اهڙيون خوبصورت زالون ڏسڻ ۾ نٿي آيون جهڙيون ايوب جون ڌيئرون هيون: ۽ انهن جي پيءُ کين پنهنجن پٽن سان گڏ ورثو ڏنو. 16 ۽ انهيءَ کان پوءِ ايوب هڪ سؤ چاليهہ ورهيہ جيئرو هو ۽ پنهنجا پٽ ۽ پوٽا، بلڪ چار پيڙهيون ڏٺائين. 17 پوءِ ايوب ڪراڙو ٿي وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society