ايوب 39 - Sindhi Bible1 توکي خبر آهي ڇا تہ ٽڪر جون جهنگلي ٻڪريون ڪڏهن ٻچا ڄڻينديون؟ يا تون ڪو معلوم ڪري سگهندين ڇا تہ ڪڏهن هرڻيون ڦر ڏينديون؟ 2 جيڪي مهينا هو پورا ڪن ٿيون سي تون شمار ڪري سگهندين ڇا؟ يا تون ڄاڻي سگهندين تہ ڪهڙي وقت هو ويامنديون؟ 3 هو پاڻ کي جهڪائين ٿيون ۽ پنهنجا ٻچا ڄڻين ٿيون، ۽ پنهنجن سورن کان ڇٽن ٿيون. 4 انهن جا ٻچا چڱا وڻندڙ آهن ۽ اُهي کليل ميدان ۾ وڌي وڏا ٿين ٿا؛ هو نڪري پري وڃن ٿا ۽ وري موٽن نٿا. 5 ڪنهن خچر کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي؟ يا ڪنهن خچر جا بند کولي ڇڏيا آهن؟ 6 انهيءَ جو گهر مون بيابان ڪيو آهي، ۽ کاري زمين کي اُن جي رهڻ جو هنڌ بنايو اٿم. 7 هو شهر جي گند گوڙ کي ڌڪاري ٿو، ۽ هو هڪلڻ واري جون رڙيون نٿو ٻڌي. 8 جبلن جي قطار هن جي چاري جي جاءِ آهي، ۽ هو هر قسم جي سائي شيءِ جي ڳولا ڪري ٿو. 9 جهنگلي ڏاند ڪو تنهنجي تابعداري ڪرڻ ۾ راضي رهندو ڇا؟ يا هو ڪو تنهنجي آهر جي ڀرسان رهندو ڇا؟ 10 تون ڪو جهنگلي ڏاند کي رسي کان وٺي کيڙيءَ ۾ هلائي سگهندين ڇا؟ يا هو تنهنجي پٺيان وادين ۾ ڏانداري هلائيندو ڇا؟ 11 هن جي گهڻي زور جي ڪري تون هن تي ڀروسو رکندين ڇا؟ يا تون پنهنجو ڪم هن تي ڇڏي ڏيندين ڇا؟ 12 توکي ڪا هن تي خاطري ٿي سگهندي ڇا تہ هو تنهنجو فصل گهر کڻي ايندو، ۽ تنهنجي ڳاهڻ واري پڙ جو ان گڏ ڪندو؟ 13 اٺ پکيءَ جو کنڀ خوش ڪري ٿو: پر سندس پر ۽ کنڀ ڪي مهرباني ڪندڙ آهن ڇا؟ 14 ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجا بيدا زمين تي ڇڏي ٿي، ۽ مٽيءَ ۾ انهن کي گرم ڪري ٿي، 15 ۽ اها ڳالهہ وساري ڇڏي ٿي تہ متان ڪو پير انهن کي چپي ڇڏي، يا ڪو جهنگلي جانور انهن کي لتاڙي وڃي. 16 هوءَ پنهنجن ٻچن تي سختي ڪري ٿي، ڄڻ تہ اُهي سندس نہ آهن: جيتوڻيڪ ان جو پورهيو ضايع ٿو ٿئي تہ بہ ان کي فڪر ڪونہ ٿو ٿئي؛ 17 ڇالاءِ جو خدا ان جو عقل کسيو آهي، ۽ ان کي ڪابہ سمجهہ نہ ڏني اٿس. 18 جنهن وقت هوءَ پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪري ٿي، تڏهن گهوڙي ۽ ان جي سوار تي نفرت ڪري ٿي. 19 گهوڙي کي تو زور ڏنو آهي ڇا؟ يا تو ان جي ڳچيءَ کي ڏڪندڙ بشڪن سان ڍڪيو آهي ڇا؟ 20 تو هن کي مڪڙ وانگر ٽپايو آهي ڇا؟ هن جي ڦوڪارڻ جو شان خوفناڪ آهي. 21 هو واديءَ ۾ سنب هڻي ٿو ۽ پنهنجي زور ڪري خوش آهي: هو هٿيارن وارن ماڻهن کي گڏجڻ لاءِ نڪري وڃي ٿو. 22 هو ڊپ تي کلي ٿو ۽ ڊڄي نٿو، نڪي هو ترار کان منهن ٿو موڙي. 23 تيرن جي بٿي هن جي سامهون کڙڪي ٿي، ۽ چمڪندڙ نيزو ۽ بڙڇي بہ. 24 هو خوشي ۽ ڪاوڙ سان زمين ڳهي وڃي ٿو؛ هو مڃي نٿو تہ اهو قرناءِ جو آواز آهي. 25 جڏهن ڪڏهن قرناءِ جو آواز ٿئي ٿو تڏهن هو چوي ٿو تہ واہ واہ! ۽ هن کي جنگ جي پري کان بانس اچي ٿي. ۽ سردارن جي هڪل ۽ رڙين جي بہ. 26 باز ڪو تنهنجي ڏاهپ سان اُڏامي ٿو؛ ۽ پنهنجا پر ڏکڻ ڏي پکيڙي ٿو ڇا؟ 27 عقاب ڪو تنهنجي حڪم پٺيان مٿي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿانهينءَ جاءِ تي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو ڇا؟ 28 هو ٽڪر تي رهي ٿو ۽ انجي رهڻ جي جاءِ اتي آهي، يعني ٽڪر جي چوٽيءَ ۽ مضبوط ڳڙهہ تي. 29 اتان هو پنهنجو شڪار ڏسي ٿو؛ انهيءَ تي پري کان سندس نظر پوي ٿي. 30 انجا ٻچا بہ رت چوسين ٿا: ۽ جتي ڪي ڪُٺل پيا آهن، اتي هو پاڻ بہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society