ايوب 36 - Sindhi Bible1 اليهو هيترو بہ وڌيڪ چوڻ لڳو تہ، 2 مون کي ٿورو ڇڏ، تہ آءٌ توکي ڏيکاريان؛ ڇالاءِ جو مون کي اڃا بہ خدا جي طرفان ڪي ڪجهہ چوڻو آهي. 3 آءٌ پنهنجي سياڻپ پري کان آڻيندس، ۽ سچائي پنهنجي خالق جي نالي تي ليکيندس. 4 ڇالاءِ جو سچ پچ منهنجون ڳالهيون ڪوڙيون نہ آهن: جيڪو علم ۾ ڪامل آهي سو تو سان آهي. 5 ڏس، خدا قدرت وارو آهي ۽ ڪنهن کي بہ ڌڪاري نٿو: هو سمجهہ جي ڪري طاقتمند آهي. 6 هو شريرن جي حياتي نٿو بچائي: پر ڏکويلن کي پنهنجو حق ڏئي ٿو. 7 هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن. 8 ۽ جي هو زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ مصيبت جي رسن ۾ پڪڙجن ٿا؛ 9 تہ هو انهن کي سندن ڪم ۽ سندن گناهہ ڏيکاري ٿو، جي هنن پنهنجي مغروريءَ سان ڪيا آهن. 10 هو انهنجا ڪن تعليم لاءِ بہ کولي ٿو، ۽ حڪم ڏئين ٿو تہ بدڪاريءَ کان موٽن. 11 جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس عبادت ڪندا، تہ هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذاريندا، ۽ پنهنجا سال خوشين ۾. 12 پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ترار سان چٽ ٿيندا، ۽ بيعقليءَ ۾ مري ويندا. 13 پر جيڪي دل ۾ بيدين آهن سي غضب گڏ ٿا ڪن: تن کي جڏهن هو ٻڌي قابو ٿو ڪري تڏهن هو مدد لاءِ رڙيون نٿا ڪن. 14 هو جوانيءَ ۾ مري وڃن ٿا، ۽ هنن جي حياتي ناپاڪن جي وچ ۾ پوري ٿي وڃي ٿي. 15 هو مصيبت زدن کي سندن مصيبت سان ڇڏائي ٿو، ۽ ظلم جي وقت هنن جا ڪن کولي ٿو. 16 هائو، هو توکي مصيبت مان ڪڍي اهڙيءَ ڪشادي جاءِ ۾ پهچائي ها؛ جتي سوڙهہ نہ آهي ۽ تنهنجي دسترخاني تي جيڪي هجي سو جيڪر سڻڀ سان ڀريل هجي ها. 17 پر تون شريرن جي مقدمي سان ڀريل آهين: تنهنڪري عدالت ۽ انصاف توکي پڪڙين ٿا. 18 ڇالاءِ تہ غضب آهي، تنهنڪري خبردار ٿج متان تنهنجي آسودگي توکي گهلي وڃي؛ نڪي وڏو عيوضو توکي گمراهہ ڪري ڇڏي. 19 تنهنجي دولت ۽ تنهنجي زور جي طاقت ڪافي آهي ڇا، تہ تون ڏک ۾ نہ پوين؟ 20 انهيءَ رات جي خواهش نہ ڪر، جڏهن ماڻهو پنهنجي جاءِ تي وڍجي وڃن ٿا. 21 سنڀال ڪر. بدڪاري جو خيال نہ رک: ڇالاءِ جو تو انهيءَ کي مصيبت کان زيادہ پسند ڪيو آهي. 22 ڏس، خدا پنهنجي طاقت سان وڏا ڪم ڪري ٿو: انهيءَ جهڙو اُستاد ٻيو ڪير آهي؟ 23 ڪنهن هن کي رستو ڏيکاريو آهي؟ يا ڪير چئي سگهندس تہ تو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو آهي. 24 ياد رک تہ هن جي ڪمن جي وڏائي ڏيکارين، جنهن جي بابت ماڻهن راڳ ڳايا آهن. 25 سڀني ماڻهن انهيءَ ڏي نهاريو آهي؛ انسان انهيءَ کي پري کان ڏسي ٿو. 26 ڏس، خدا وڏو آهي، ۽ اسين انهيءَ کي نٿا ڄاڻون: هن جي سالن جو شمار معلوم ٿيڻ جو نہ آهي. 27 ڇالاءِ جو هو پاڻيءَ جا ڦڙا ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهي سندس بخار مان مينهن ۾ ٽمن ٿا: 28 اهي ڪڪرن کي هيٺ اوتين ٿا ۽ ماڻهوءَ تي گهڻي انداز ۾ وسن ٿا. 29 هائو، ڪو ماڻهو ڪڪرن جو پکڙڻ، ۽ هن جي شامياني جو گجڻ سمجهي سگهندو ڇا؟ 30 ڏس، هو پنهنجي روشنائي پنهنجي چوڌاري پکيڙي ٿو؛ ۽ هو سمنڊ جو ترو ڍڪي ڇڏي ٿو. 31 ڇالاءِ جو انهيءَ سان هو ماڻهن جي عدالت ڪري ٿو؛ هو بي انداز کاڌو ڏئي ٿو. 32 هو وڄ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو؛ ۽ انهيءَ کي حڪم ٿو ڏئي تہ وڃي نشان کي لڳي. 33 انهيءَ جو ڪڙڪو هن جي خبر ٻڌائي ٿو، ۽ چوپايو مال بہ هن جي خبر ڏئي ٿو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society