ايوب 3 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ ايوب پنهنجو وات پٽيو ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي پٽڻ لڳو. 2 ۽ ايوب ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ: 3 جنهن ڏينهن آءٌ ڄائو هوس سو ڀلي تہ ناس ٿي وڃي، ۽ اها رات بہ جنهن ۾ چيو ويو تہ ڪو پٽ ڄائو آهي. 4 ڀلي تہ اُهو ڏينهن اونداهي ٿئي؛ ڀلي تہ خدا مٿان انهيءَ تي ڌيان نہ ڏئي، ۽ نہ روشنائي انهيءَ تي چمڪي. 5 ڀلي تہ اونداهي ۽ موت جو پاڇو انهيءَ کي پنهنجو ڪن؛ ڀلي تہ انهيءَ تي ڪڪر ڇانيل رهي؛ ڀلي تہ جيڪي ڏينهن کي ڪارو ٿو ڪري سو انهيءَ کي ڊيڄاري. 6 ۽ انهيءَ رات کي بہ ڀلي تہ اونداهي مٿان اچي پڪڙي: ڀلي تہ اها سال جي ڏينهن ۾ خوشي نہ ڪري؛ ڀلي تہ اها مهينن جي شمار ۾ نہ اچي. 7 ڏس، ڀلي تہ اها رات سڃي سکڻي ٿئي؛ ڀلي تہ انهي ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي. 8 جيڪي انهيءَ ڏينهن تي لعنت وجهن ٿا سي انهيءَ تي بہ لعنت وجهن، يعني اُهي جي واڳونءَ کي جاڳائڻ لاءِ تيار آهن. 9 ڀلي تہ انهيءَ جي شفق جا تارا بہ ڪارا ٿين؛ ڀلي تہ اُها روشنائيءَ جي لاءِ نهاري پر اها نہ مليس؛ نڪي اها صبح جي ڇپرن کي ڏسي: 10 ڇالاءِ جو انهيءَ منهنجي ماءُ جي پيٽ جا دروازا بند ڪري نہ ڇڏيا، ۽ نہ سور منهنجن اکين کان لڪايائين 11 ڇالاءِ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نہ مئس؟ ڇالاءِ جڏهن آءٌ پيٽ مان نڪتس تڏهن ساهہ نہ ڏنم؟ 12 ڇالاءِ گوڏن مون کي پاڻ تي ويهارڻ قبول ڪيو؟ يا ڇالاءِ ڇاتين قبول ڪيو تہ آءٌ کير پيان؟ 13 ڇالاءِ جو هينئر جيڪر آءٌ هيٺ ليٽيو پيو هجان ها ۽ ماٺ ۾ هجان ها: آءٌ ننڊ پيو ڪريان ها ۽ آرام ۾ هجان ها: 14 زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛ 15 يا انهن اميرن سان جن وٽ سون هو، جن پنهنجا گهر چانديءَ سان ڀري ڇڏيا: 16 يا لڪل ڪچي ويم وانگر آءٌ نہ هجان ها؛ انهن ٻارن وانگر جي ڪڏهن بہ روشنائي نٿا ڏسن. 17 اتي شرير ماڻهو تڪليف پهچائڻ کان بس ٿا ڪن؛ ۽ اتي ٿڪل ماڻهو آرام ٿا وٺن. 18 اتي قيدي گڏ فرحت ۾ ٿا گذارين؛ اهي ڪم وٺندڙ مقدم جو آواز نٿا ٻڌن. 19 ننڍا توڙي وڏا اتي آهن؛ ۽ ٻانهو پنهنجي ڌڻيءَ کان آزاد آهي. 20 جيڪو ڏک ۾ آهي تنهن کي ڇو روشنائي ڏني ٿي وڃي، ۽ جنهن جو روح کٽو آهي تنهن کي ڇو حياتي ڏني ٿي وڃي؛ 21 جي موت جي لاءِ منتظر آهن، پر موت نٿو اچي؛ ۽ اهي انهيءَ جي لاءِ ايترو ڳولي کوٽين ٿا جو لڪل خزانن جي لاءِ بہ نٿا کوٽين؛ 22 جي نهايت شادمان ٿا ٿين، ۽ خوشي ٿا ڪن، جڏهن هو قبر کي لهن ٿا. 23 جنهن ماڻهوءَ جو رستو لڪل آهي تنهن کي روشني ڇو ٿي ڏيڻ ۾ اچي؟ ۽ جن کي خدا چوڌاري لوڙهو ڏيئي بند ڪري ڇڏيو آهي، 24 ڇالاءِ تہ منهنجي کاڌي جي لاءِ آهون آهن، ۽ منهنجو رڙيون پاڻيءَ وانگر وهن ٿيون. 25 ڇالاءِ جو جنهن شيءِ کان آءٌ ڊڄان ٿو سا مون تي اچي ٿي، ۽ جنهن شيءِ کان مونکي ڊپ ٿو ٿئي سا مون ڏانهن اچي ٿي. 26 آءٌ سک ۾ ڪين آهيان، نڪي ماٺ ۾ آهيان، نڪو آرام اٿم؛ پر ڏک اچي ٿو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society