Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 26 - Sindhi Bible

1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:

2 تو ڪيئن نہ اُنهيءَ جي مدد ڪئي آهي، جنهن کي طاقت ڪانهي! تو ڪيئن نہ اُنهيءَ کي بچايو آهي، جنهن ۾ ڪوبہ زور ڪونهي!

3 تو ڪيئن نہ اُنهيءَ کي صلاح ڏني آهي، جنهن کي عقل ڪونهي، ۽ سچي علميت هن کي ٻڌائي آهي.

4 تو اهي ڳالهيون ڪنهن کي ٻڌايون آهن؟ ۽ ڪنهن جو روح تو وٽان نڪتو آهي؟

5 جيڪي مري ويا آهن سي ڏڪن ٿا، ۽ جيڪي پاڻيءَ جي هيٺان رهن ٿا سي بہ.

6 هن جي اڳيان قبر جو منهن اُگهاڙو آهي، ۽ جهنم بہ کليل آهي.

7 هو خالي جاءِ تي اُتر کي پکيڙي ٿو، ۽ زمين کي خال تي ٽنگي ڇڏي ٿو.

8 هو پاڻيءَ کي پنهنجن گهاٽن ڪڪرن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڪڪر انهيءَ هيٺان ڦاٽي نٿو پوي.

9 هو پنهنجي تخت جو منهن بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پنهنجو ڪڪر انهيءَ تي پکيڙي ڇڏي ٿو.

10 هن پاڻيءَ جي سطح تي حد ٻڌي ڇڏي آهي، انهيءَ هنڌ تائين جتي سوجهري ۽ اونداهيءَ پڄاڻي ڪئي آهي.

11 آسمان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا، ۽ هن جي تاب تان حيران ٿيا آهن.

12 هو سمنڊ کي پنهنجي طاقت سان اُٿلائي ٿو، ۽ پنهنجي حڪمت سان مغروريءَ تي ڌڪ هڻي ٿو.

13 هنن جي روح سان آسمان زينت وٺن ٿا؛ هن جي هٿ تکي ڀڄندڙ نانگ کي ونڌي ڇڏيو آهي.

14 ڏسو، اهي تہ فقط هن جي رستن جا پاسا ۽ ڪنڊون آهن، اسين هن جو آواز ڪهڙو نہ ماٺيڻو ٻڌون ٿا! پر هن جي زبردست ڪمن جي گجگوڙ ڪير سمجهي ٿو سگهي؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan