Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 21 - Sindhi Bible

1 تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:

2 منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ انهيءَ مان ڀلي تہ اوهان کي تسلي ٿئي.

3 مون کي ڇڏيو تہ آئون بہ ڳالهايان؛ ۽ جڏهن ڳالهائي بس ڪريان تڏهن پيا ٺٺوليون ڪجو.

4 پر منهنجي دانهن ڪا ماڻهوءَ وٽ آهي ڇا؟ ۽ ڇو آءٌ بي صبر نہ ٿيان.

5 مون تي نظر ڪريو ۽ عجب ۾ پئو، ۽ پنهنجا هٿ پنهنجي وات تي رکو.

6 بلڪ جڏهن مون کي يادگيري پوي ٿي تڏهن آءٌ بي آرام ٿو ٿيان، ۽ خوف کان منهنجو بت ڏڪيو وڃي.

7 شرير ماڻهو ڇو ٿا جيئن ۽ ٻڍا ٿين، هائو، ۽ طاقت ۾ وڌيڪ زور وارا ٿيندا وڃن؟

8 هنن جو نسل سندن ڏسندي ساڻن گڏ قائم ٿو ٿئي، ۽ هنن جو اولاد سندن اکين اڳيان.

9 هنن جا گهر ڊپ کان بچيا پيا آهن، نڪا خدا جي لٺ هنن تي آهي.

10 هنن جو ڏاند چڙهي ٿو ۽ بس نٿو ڪري، هنن جي ڳئون ڦر ڏئي ٿي ۽ ٻچو ڪيرائي نٿي.

11 هو پنهنجا ٻار ٻچا مال جي ڌڻ وانگر ٻاهر موڪلي ڏين ٿا، ۽ هنن جا نينگر نچن ٿا.

12 هو دف ۽ بربط تي ڳائين ٿا، ۽ شرنائي جي آواز تي خوشيون ڪن ٿا.

13 هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذارين ٿا، ۽ هڪڙي لحظي ۾ هو هيٺ قبر ۾ لهيو وڃن.

14 انهيءَ هوندي بہ هنن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ، ڇالاءِ جو اسين تنهنجا رستا ڄاڻڻ نہ ٿا گهرون.

15 قادر مطلق ڪير آهي جو اسين انهي جي عبادت ڪريون، ۽ جي اسين انهيءَ کان دعا گهرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو.

16 ڏسو هنن جو سک سندن هٿن ۾ نہ آهي، شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي.

17 ڪيترا نہ ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ شريرن جو ڏيئو وسايو ٿو وڃي؟ ۽ هنن جي آفت هنن جي مٿان اچي ڪڙڪي ٿي؟ خدا پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن تي ڏک موڪلي ٿو.

18 ۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو.

19 اوهين چئو ٿا تہ خدا هن جو گناهہ هن جي اولاد لاءِ گڏ ڪيو رکيو ڇڏي؛ ڀلي تہ هو انهيءَ کي بدلو ڏئي تہ خبر پويس.

20 ڀلي تہ خود سندس اکيون سندس تباهي ڏسن، ۽ ڀلي تہ هو قادر مطلق جي ڪاوڙ پيئي.

21 ڇالاءِ جو هن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجي گهر ۾ ڪهڙي خوشي آهي، جڏهن سندس مهينن جو شمار وچ ۾ ئي وڍيو ويو آهي؟

22 ڪو خدا کي علم سيکاريندو ڇا؟ جيڪي وڏا آهن تن تي هو فتويٰ جاري ٿو ڪري.

23 هڪڙو تمام گهڻي زور ۾ مري ٿو، ۽ نهايت آرام ۽ فرحت ۾:

24 هن جون ڇاتيون کير سان ڀريل آهن ۽ هن جي هڏن جي مِک آلي آهي.

25 ۽ ٻيو ساهہ جي ساڙ ۾ مري ٿو، ۽ چڱائيءَ جو ذرو بہ نٿو چکي.

26 اهي ٻئي هڪ جهڙا مٽيءَ ۾ سمهن ٿا، ۽ ڪينئان هنن کي ڍڪيو ڇڏين.

27 ڏسو، آءٌ اوهان جا خيال معلوم ڪريان ٿو، ۽ جيڪي رٿون مون سان ظلم ڪرڻ لاءِ اوهين منهنجي برخلاف رٿيو ٿا.

28 ڇالاءِ جو اوهين چئو ٿا تہ امير جو گهر ڪٿي آهي: ۽ تنبوءَ ۾ جيڪي شرير رهندا هئا سي ڪٿي آهن؟

29 جيڪي رستو وٺيو وڃن انهن کان اوهان پڇيو آهي ڇا؟ ۽ اوهين انهن جا نشان نٿا ڄاڻو؟

30 تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟

31 ڪير سندس رستو سندس منهن تي ظاهر ڪري ٻڌائيندو؟ ۽ جيڪي ڪيو اٿس تنهن جو ڪير هن کي بدلو ڏيندو؟

32 انهيءَ هوندي بہ هن کي قبر ڏي کڻي ويندا، ۽ هن جي قبر تي پهرو ڏيندا.

33 واديءَ جا ڀتر هن کي مٺا لڳندا، ۽ سڀ ماڻهو هن جي پٺيان لڳندا، جيئن ڪ بيشمار ماڻهو سندس اڳيان هئا.

34 تڏهن ڪيئن اوهين مون کي اجايو تسلي ڏيو ٿا، جڏهن اوهان جن جوابن ۾ رڳو ڪوڙ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan