ايوب 2 - Sindhi Bible1 وري بہ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، ۽ شيطان بہ انهن سان گڏ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيو. 2 ۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تي هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان. 3 ۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تو منهنجي ٻانهي ايوب جي بابت ڪو ويچار ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ٻيو ڪونهي، اهڙو جو خدا کان ڊڄي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري: ۽ هو اڃا تائين پنهنجي سچائي وٺيو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي انهيءَ جي برخلاف چوريو، تہ بي سبب هن کي ناس ڪريان. 4 تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، کل جي بدران کل، بلڪ جيڪي بہ ڪنهن انسان وٽ آهي سو هو پنهنجي حياتيءَ جي عيوض ڏيندو. 5 پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن جي هڏ ۽ ماس کي ڇهہ، تہ پوءِ هو پاڻيهي توکي تنهنجي منهن تي ڇڏي ڏيندو. 6 ۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، هو تنهنجي هٿ ۾ آهي؛ رڳو هن جي حياتي بچيل رهي. 7 تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو، ۽ ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين سخت ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين. 8 ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙي ٺڪري کنئي، جنهن سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو؛ ۽ هو خاڪ ۾ ويٺو هوندو هو. 9 تڏهن سندس زال چيس تہ، اڃا بہ تون پنهنجي سچائيءَ تي قابو رهندين ڇا؟ خدا کي ڇڏي ڏي ۽ مري وڃ. 10 پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو. 11 هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن انهيءَ سڄيءَ خرابيءَ جو ذڪر ٻڌو، تڏهن انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تان آيو؛ اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتي: ۽ انهن گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو تہ اچي هن سان ڏک ونڊين، ۽ هنکي تسلي ڏين. 12 ۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون. 13 پوءِ ست ڏينهن ۽ ست راتيون هن وٽ ويهي رهيا، ۽ منجهائن هڪڙي بہ هن سان ڪجهہ ڪين ڳالهايو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ هنکي تمام وڏو اهنج هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society