Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 18 - Sindhi Bible

1 تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:

2 ڪيستائين تون لفظن جا ڄار وجهندين؟ ويچار ڪر تہ پوءِ اسين ڳالهائينداسين.

3 ڇالاءِ اسين جانور سمجهيا وڃون ٿا، ۽ تنهنجي نظر ۾ ناپاڪ ٿيا آهيون؟

4 تون جو پاڻ کي پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڦاڙين ڏارين ٿو، تنهنجي لاءِ ڪا زمين خالي ٿي ويندي ڇا؟ يا ٽڪر پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندو ڇا؟

5 هائو، شريرن جي روشني وسائي ويندي، ۽ هنن جي باهہ جو شعلو نہ چمڪندو.

6 روشني هن جي تنبوءَ ۾ اوندهہ ٿيندي، ۽ هن جو ڏيئو هن جي مٿان اُجهايو ويندو.

7 هن جي زور جا قدم سوڙها ڪيا ويندا، ۽ خود هن جي صلاح مشورت کيس هيٺ ڪيرائي ڇڏيندي.

8 ڇالاءِ جو هو خود پنهنجن پيرن سان اُڇلجي اچي ڄار ۾ پيو آهي، ۽ هو ڦندن جي مٿان هلي ٿو.

9 دام هن کي کڙين کان جهليندو، ۽ ڦندو هن کي پڪڙي قابو ڪندو.

10 هڪڙي ڦاهي هن جي لاءِ زمين ۾ لڪي پيئي آهي، ۽ هڪڙو ڪوڙڪو هن جي رستي ۾ رکيل آهي.

11 سڀ ڪنهن پاسي کان خوف هن کي ڊيڄاريندا، ۽ هن جي پٺيان پئي کيس ڀڄائيندا.

12 هن جو زور بک جي ڪري گهٽ ٿي ويندو، ۽ مصيبت هن کي بيهارڻ جي لاءِ تيار ٿيندي.

13 اُها هن جي بت جا عضوا ڳهي ويندي، هائو، موت جو پهريون ڄاول ٻار هن جا عضوا ڳهي ويندو.

14 جنهن تنبوءَ جو هن کي ڀروسو آهي انهيءَ مان هو اُکيڙيو ويندو؛ ۽ هن کي خوف جي بادشاهہ وٽ وٺي ايندا.

15 هن جي تنبوءَ ۾ ڌاريا اچي رهندا: ۽ گندرفي باهہ هن جي جاءِ جي مٿان پکيڙي ويندي.

16 هن جون پاڙون هن جي هيٺيان سڪي وينديون، ۽ مٿي هن جي ٽاري وڍي ويندي.

17 هن جي يادگار زمين تان نابود ٿي ويندي، ۽ گهٽيءَ ۾ هن جو ڪو نالو نہ رهندو.

18 هن کي روشنيءَ مان هڪالي اونداهيءَ ۾ آندو ويندو، ۽ هو دنيا مان هڪاليو ويندو.

19 هن جا قوم ۾ نہ پٽ نہ پوٽا رهندا، ۽ نہ سندس رهڻ جي جاءِ تي ڪو باقي رهندو.

20 جيڪي پوءِ ايندا سي هن جي ڏينهن تي حيران ٿيندا، جيئن ڪ جيڪي اڳي لنگهي ويا سي ڊپ ۾ رهندا هئا.

21 بيشڪ بدڪارن جا گهر اهڙا ئي آهن، ۽ اهڙي انهيءَ جي جاءِ آهي، جو خدا کي نٿو سڃاڻي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan