Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ايوب 15 - Sindhi Bible

1 تڏهن اليفز تيمانيءَ ورندي ڏئي چيو تہ:

2 ڏاهي ماڻهوءَ کي ڪو مناسب آهي ڇا تہ اجائي علميت سان جواب ڏئي، ۽ پنهنجو پيٽ اُڀرندي جي واءُ سان ڀري؟

3 بي فائدي گفتگو سان حجت دليل ڏئي، ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري جن مان ڪا بہ چڱائي نہ نڪري.

4 هائو، تون ڊپ کي هڪلي ٿو ڪڍين، ۽ خدا جي اڳيان دينداريءَ کي روڪين ٿو.

5 ڇالاءِ جو تنهنجو گناهہ تنهنجي وات کي تعليم ڏئي ٿو، ۽ تون ٺڳن جي زبان پسند ڪرين ٿو.

6 خود تنهنجو وات تو کي گنهگار ڪري ٿو، نہ آءٌ؛ هائو خود تنهنجا چپ توتي شاهدي ڏين ٿا.

7 تون پهريون ئي ڄاول ٻار آهين ڇا؟ يا تون ٽڪرين کان اڳي پيدا ٿيو هئين ڇا؟

8 تو خدا جو راز معلوم ڪيو آهي ڇا؟ ۽ تو ڏاهپ کي پاڻ وٽ روڪي رکيو آهي ڇا؟

9 تون ڇا ٿو ڄاڻين، جو اسين نٿا ڄاڻون؟ تو ۾ ڪهڙي سمجهہ آهي جا اسان ۾ نہ آهي؟

10 اسان سان اڇي مٿي وارا ۽ تمام ڪراڙا ماڻهو آهن، جي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن.

11 خدا جا دلاسا تنهنجي لاءِ تمام خسيس آهن ڇا؟ ڪي مروت جون ڳالهيون تو سان ڪيون ويون آهن ڇا؟

12 ڇالاءِ تنهنجي دل تو کي کنيو ٿي وڃي؟ ۽ ڇو تون پنهنجون اکيون ڇنڀين ٿو؟

13 جو تون پنهنجو روح ڦيرائي خدا جي برخلاف ڪرين ٿو، ۽ اهڙيون ڳالهيون پنهنجي واتان ٿو ڪڍين.

14 ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟

15 ڏس، هو پنهنجن پاڪ شخصن ۾ ڀروسو نٿو رکي؛ هائو؛ هن جي نظر ۾ آسمان بہ پاڪ نہ آهن.

16 سو اُهو ڪيترو نہ گهٽ پاڪ هوندو جيڪو ڪراهت جهڙو ۽ خراب آهي، اهڙو ماڻهو جو گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃي ٿو.

17 آءٌ توکي ڏيکاريندس، تون منهنجي ڳالهہ ٻڌ؛ ۽ جيڪي مون ڏٺو آهي سو آءٌ بيان ڪندس:

18 (جيڪي ڏاهن ماڻهن پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌي ٻين کي ٻڌايو آهي، ۽ لڪايو نہ اٿن؛

19 ۽ رڳو انهن کي زمين ڏني ويئي هئي، ۽ ڪو بہ ڌاريو ماڻهو هنن ۾ لنگهي نہ ويو:)

20 شرير ماڻهو پنهنجا سڀ ڏينهن سور سان دانهون ڪري ٿو، بلڪ ظالم جي لاءِ جيڪي ورهيہ مقرر ڪيا ويا آهن تن ۾ بہ.

21 خوف جو آواز هنن جي ڪنن ۾ آهي، سک ۾ ڦرلٽ ڪرڻ وارو هن تي ڪاهي ايندو.

22 هن کي ويساهہ نٿو اچي تہ هو اونداهيءَ مان موٽي نڪري ايندو، بلڪ ترار هن جي لاءِ منتظر آهي:

23 هو مانيءَ جي لاءِ ٻاهر گهمي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڪٿي آهي؟ هو ڄاڻي ٿو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن تمام ويجهو آهي.

24 مصيبت ۽ ڏک هن کي ڊيڄارين ٿا، اهي هن تي غالب پون ٿا جيئن ڪو بادشاهہ جنگ لاءِ تيار هجي:

25 ڇالاءِ جو هن خدا جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، ۽ قادر مطلق جي برخلاف هو مغروريءَ سان هليو آهي؛

26 هو مغروريءَ سان هن تي ڊوڙي ٿو ۽ سپرن جي ٿلهن بونبن سان:

27 ڇالاءِ جو هن پنهنجو منهن پنهنجي ٿولهہ سان ڍڪيو آهي، ۽ پنهنجن پاسن تي چرٻي ڀري اٿس.

28 ۽ هو ويران شهرن ۾ رهيو آهي، انهن ۾ جن ۾ ڪو بہ ماڻهو نٿو رهي، جي ڊهي ڍير ٿيڻ لاءِ هئا.

29 هو دولتمند نہ ٿيندو، نڪي هن جو مال ملڪيت جٽاءُ ڪندو، نڪي انهن جي ملڪيت زمين تي وڌندي.

30 هو اونداهيءَ مان نڪري ٻاهر نہ ويندو؛ شعلو هن جون ٽاريون سڪائي ڇڏيندو، ۽ پنهنجي وات جي پساهہ سان هو هليو ويندو.

31 هو پاڻ کي گمراہ ڪري بيهودگيءَ تي ڀروسو نہ ڪري، ڇالاءِ جو بيهودگي هن جو عيوضو ٿيندي.

32 اهو سڀ هن جي وقت کان اڳي پورو ٿيندو، ۽ هن جي ٽاري سائي نہ ٿيندي.

33 هو ڊاک وانگر پنهنجو ڪچو انگور ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ زيتون وانگر پنهنجو ٻور اُڇلائي ڇڏيندو.

34 ڇالاءِ جو بيدينن جي جماعت سڃي سکڻي ٿيندي، ۽ رشوت جي تنبن کي باهہ ساڙي ناس ڪري ڇڏيندي.

35 شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي ۽ هو بدڪاري ڄڻين ٿا، ۽ هنن جي پيٽ ۾ ٺڳي پيئي نسري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan