ايوب 13 - Sindhi Bible1 ڏسو، منهنجي اک هي سڀ ڏٺو آهي، منهنجي ڪن اُهو ٻڌو ۽ سمجهيو آهي. 2 جيڪي اوهين ڄاڻو ٿا، سو آءٌ بہ ڄاڻان ٿو: آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان. 3 يقيناً آءٌ قادر مطلق سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان، ۽ خدا سان بحث ڪرڻ جي خواهش ٿو رکان. 4 پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو. 5 اڙي جي، اوهين اصل ماٺ ڪري ويهو تہ چڱو! جيڪر اها اوهان جي ڏاهپ هجي. 6 هي منهنجو دليل ٻڌو، ۽ منهنجن چپن جي حجتن ڏي ڌيان ڏيو. 7 اوهين خدا سان ڪي بڇڙيون ڳالهيون ڪندا ڇا؟ ۽ انهيءَ جي لاءِ ٺڳيءَ جي گفتگو ڪندا ڇا؟ 8 هن جي طرفداري ڪندا ڇا؟ خدا لاءِ اوهين جهيڙو ڪندا ڇا؟ 9 اهو ڪو چڱو آهي ڇا تہ هو اوهان جي حقيقت جاچي معلوم ڪري؟ يا جيئن هڪڙو ماڻهو ٻئي کي ٺڳي پيو ائين هن کي ٺڳيندا ڇا؟ 10 هو ضرور اوهان کي ڇينڀيندو، جيڪڏهن اوهين ڳجهيءَ طرح ماڻهن جي طرفداري ڪندا. 11 هن جي وڏائي اوهان کي نہ ڊيڄاريندي ڇا؟ ۽ هن جو خوف اوهان تي نہ پوندو ڇا؟ 12 اوهان جا ياد رکڻ جهڙا قول خاڪ جا پهاڪا آهن، ۽ اوهان جا مورچا مٽيءَ جا مورچا آهن. 13 ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي مون تي اچي سو ڀلي اچي. 14 ڇالاءِ آءٌ پنهنجو ماس پنهنجي ڏندن ۾ جهليان، ۽ پنهنجي حياتي پنهنجي هٿ ۾ وجهان؟ 15 جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس. 16 هو منهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو بيدين ماڻهو هن جي اڳيان نہ ايندو. 17 ڪوشش ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجو بيان پنهنجي ڪنن تائين پهچڻ ڏيو. 18 هاڻي ڏسو مون پنهنجي حقيقت جو احوال ڏنو آهي؛ مون کي خبر آهي تہ آءٌ سچو آهيان. 19 ڪير آهي جو مون سان جهيڙو ڪندو؟ ڇالاءِ جو آءٌ ماٺ ڪري ويهندس ۽ ساهہ ڏيندس. 20 رڳو ٻہ ڳالهيون مون سان نہ ڪر، پوءِ آءٌ پنهنجو منهن تو کان نہ لڪائيندس: 21 پنهنجو هٿ مون کان پري ڪر؛ پنهنجي خوف سان مون کي نہ ڊيڄار. 22 پوءِ تون سڏ ڪر ۽ آءٌ جواب ڏيندس؛ يا ڇڏ تہ آءٌ ڳالهايان ۽ تون مون کي ورندي ڏي. 23 منهنجا قصور ۽ گناهہ ڪيترا آهن؟ مون کي پنهنجي خطا ۽ پنهنجو گناهہ ڄاڻاءِ. 24 تون ڇو ٿو منهن لڪائين، ۽ مون کي پنهنجو دشمن سمجهين؟ 25 تون اُڏايل پن کي ستائيندين ڇا؟ ۽ تون سڪل ٻٿ جي پٺيان پوندين ڇا؟ 26 ڇالاءِ جو تون منهنجي برخلاف ڪَڙيون ڳالهيون ٿو لکين، ۽ مون کي پنهنجي جوانيءَ جي قصورن جو وارث ٿو ڪرين: 27 تون منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهين، ۽ منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏين ٿو؛ تون منهنجن پيرن جي ترين جي چوڌاري ليڪو ڪڍين ٿو؛ 28 جيتوڻيڪ آءٌ ڪنهن سڙيل ڳريل شيءِ جهڙو آهيان، ۽ جيت کاڌل ڪپڙي جهڙو آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society