ايوب 11 - Sindhi Bible1 پوءِ ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ: 2 گهڻين ڳالهين جو جواب نہ ڏجي ڇا؟ ۽ گهڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجهيو ويندو ڇا؟ 3 تنهنجون ٻٽاڪون ٻڌي ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گهرجي ڇا؟ ۽ جڏهن تون چرچا ڪرين تڏهن ڪو ماڻهو توکي شرمندو نہ ڪري ڇا؟ 4 ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ منهنجي تعليم پاڪ آهي، ۽ آءٌ تنهنجي نظر ۾ صاف آهيان. 5 پر ڪهڙو نہ چڱو ٿئي جي خدا ڳالهائي ۽ پنهنجا چپ تنهنجي برخلاف کولي؛ 6 ۽ پنهنجي حڪمت جا ڳجهہ توکي ڏيکاري تہ اها پوري طرح ڪم ڪرڻ ۾ گهڻن قسمن جي آهي! تنهنڪري ڄاڻ تہ جيترو حساب تنهنجي ڏوهہ جو لائق آهي تنهن کان گهٽ خدا توکان وٺي ٿو. 7 تون ڳولڻ سان ڪو خدا کي لهندين ڇا؟ تون ڪو قادر مطلق کي ڪامل طرح معلوم ڪري سگهندين ڇا؟ 8 اها ڳالهہ آسمان جهڙي مٿانهين آهي؛ تون ڇا ڪري سگهندين؟ قبر کان بہ اونهي آهي؛ تون ڇا ڄاڻي سگهندين؟ 9 انهيءَ جي ماپ زمين کان ڊگهي آهي، ۽ سمنڊ کان ويڪري آهي. 10 جيڪڏهن هو انهيءَ مان لنگهي بند ڪري ڇڏي، ۽ عدالت لاءِ سڏي تہ پوءِ ڪير هنکي روڪي سگهندو؟ 11 ڇالاءِ جو هو بيهودن ماڻهن کي سڃاڻي ٿو: هو گناهہ ڏسي ٿو، اگرچہ انهيءَ کي خيال ۾ نہ بہ آڻجي. 12 پر بيهودو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي؛ هائو، انسان خچر جي ٻچي وانگر ڄمي ٿو. 13 جيڪڏهن تون پنهنجي دل سنئين رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏي ڊگهيريندين 14 جيڪڏهن گناهہ تنهنجي هٿ ۾ هجي تہ اُهو اُڇلائي ڇڏ، ۽ شرارت کي پنهنجي تنبن ۾ رهڻ نہ ڏي. 15 پوءِ يقين آهي تہ تون پنهنجو منهن داغ کان سواءِ مٿي ڪندين؛ هائو، تون قائم رهندين ۽ ڊڄندين ڪين: 16 ڇالاءِ جو تون پنهنجي مصيبت کي وساري ڇڏيندين؛ تون انهيءَ کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين: 17 ۽ تنهنجي حياتي ٻن پهرن کان بہ زيادہ روشن ٿيندي؛ اونداهيءَ هوندي بہ اُها صبح جهڙي ٿيندي. 18 ۽ تون امن ۾ هوندين، ڇالاءِ تہ اُميد آهي؛ هائو، تون پنهنجي آس پاس ڳولا ڪندين ۽ صحيح سلامت وڃي آرام وٺندين. 19 تون وڃي سمهي رهندين ۽ ڪوبہ توکي نہ ڊيڄاريندو؛ هائو، گهڻيئي توکي عرض ڪندا. 20 پر شرير جون اکيون انڌيون ٿينديون ۽ انهن کي ڀڄڻ جو رستو ڪونہ ملندو، ۽ انهن جي اُميد رڳي اها هوندي تہ پنهنجو ساهہ ڇڏين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society