يوحنا 9 - Sindhi Bible1 ۽ جيئن واٽ وٺي پئي ويو تہ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺائين، جو ڄائي ڄم کان انڌو هو. 2 سندس شاگردن پڇيس تہ اي ربي، ڪنهن گناهہ ڪيو، هن ماڻهوءَ يا هن جي ماءُ پيءُ، جو هي انڌو ڄائو؟ 3 يسوع جواب ڏنو، تہ نڪي هن گناهہ ڪيو آهي، نڪي هن جي ماءُ پيءُ: پر اهو انهي ڪري ٿيو آهي، تہ خدا جا ڪم هن ۾ پڌرا ٿين. 4 جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو. 5 جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان. 6 ائين چئي پٽ تي ڦيڻي وڌائين ۽ ڦيڻيءَ سان مٽي ڳوهي، اکين کي لاتائينس، 7 ۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو. 8 تڏهن پاڙيسرين ۽ جن کيس اڳي ڏٺو هو تہ هو فقير هو، سي چوڻ لڳا تہ هيءُ اُهو نہ آهي ڇا، جو ويٺو پنندو هو؟ 9 ڪي چوڻ لڳا تہ اُهو ئي آهي، ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ نہ، پر اُنهي جهڙو آهي. پاڻ چيائين تہ آئون اُهو آهيان. 10 تڏهن چوڻ لڳس تہ تنهنجون اکيون ڪيئن کُليون؟ 11 هن جواب ڏنو تہ اُهو شخص، جنهن کي يسوع ٿا ڪوٺين، تنهن مٽي ڳوهي منهنجين اکين تي لاتي، ۽ چيائينم تہ شيلوخ ۾ وڃي ڌوءُ: پوءِ آئون ويس، ۽ وڃي ڌوتم، ۽ ڏسڻ وائسڻ لڳس. 12 انهن چيو تہ اُهو ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي. 13 پوءِ اُهو جو اڳي انڌو هو، تنهن کي فريسين وٽ وٺي آيا. 14 ۽ جنهن ڏينهن يسوع مٽي ڳوهي هن جون اکيون کوليون هيون، اُهو سبت جو ڏينهن هو. 15 تڏهن وري فريسين بہ پڇيس تہ ڪهڙيءَ طرح تون ڏسڻ وائسڻ لڳين؟ هن چين تہ منهنجين اکين تي مٽي لاتائين، ۽ مون وڃي ڌوتيون، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو. 16 تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو. 17 تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي. 18 تڏهن يهودين کي اُنهي بابت اعتبار نہ آيو تہ ڪو هو انڌو هو، ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي؛ جيستائين ڪ جنهن ماڻهوءَ جون اکيون کُليون هيون، تنهن جي ماءُ پيءُ کي سڏي نہ پڇيائون 19 تہ هيءُ اوهان جو پٽ آهي ڇا، جو چئو ٿا تہ انڌو هو؟ پوءِ هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي؟ 20 هن جي مائٽن جواب ڏيئي چيو تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هيءُ اسان جو پٽ آهي، ۽ انڌو ڄائو هو: 21 پر هاڻي ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي، تنهن جي اسان کي خبر ڪانهي؛ يا ڪنهن سندس اکيون کوليون، سو اسين نٿا ڄاڻون: کانئس پڇو، هو بالغ آهي؛ پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو. 22 ائين جو سندس ماءُ پيءُ چيو، سو انهيءَ سببان جو يهودين کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ جو يهودين اڳيئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن ڪو هن کي مسيح ڪري مڃيندو تہ عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏبس. 23 تنهنڪري سندس مائٽن چيو تہ هو بالغ آهي، کانئس پڇو. 24 تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي. 25 تنهن تي هن جواب ڏنو تہ هو گنهگار آهي يا نہ، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي: هڪڙيءَ ڳالهہ جي خبر اٿم تہ اڳي انڌو هوس، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو. 26 تڏهن هنن چيو تہ توکي ڇا ڪيائين؟ ڪيئن تنهنجيون اکيون کوليائين؟ 27 هن کين جواب ڏنو، تہ اڃا هينئر ٻڌايومانوَ، تہ بہ اوهان ڪين ٻُڌو: وري ڇو ٿا ٻُڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ سندس شاگرد ٿيڻ ٿا گهرو ڇا؟ 28 تڏهن اُنهن ڦٽ لعنت ڪري چيس، تہ تون ئي هن جو شاگرد آهين، پر اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آهيون. 29 اسان کي خبر آهي تہ خدا، موسيٰ سان ڪلام ڪيو آهي: پر انهي ماڻهوءَ جي اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جو آهي. 30 هن جواب ڏيئي چين تہ واهہ، هيءُ بہ هڪڙو عجب، هن منهنجيون اکيون کوليون آهن، تڏهن بہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان جو آهي. 31 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو. 32 جهان جي شروعات کان وٺي ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ڪونہ آيو، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪنهن ڄائي ڄم کان انڌي جون اکيون کوليون. 33 جيڪڏهن هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ هجي ها، تہ ڪي بہ ڪري نہ سگهي ها. 34 هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين، سو تون ٿو اسان کي سيکارين؟ پوءِ هنن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. 35 يسوع ٻُڌو تہ هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن؛ ۽ جڏهن ڳولي لڌائينس تڏهن چيائينس، تہ تون خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻين؟ 36 هن جواب ڏيئي چيو، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي جو آئون مٿس ايمان آڻيان؟ 37 يسوع چيس تہ تو اُنهي کي ڏٺو آهي، ۽ اُهوئي آهي جو تو سان بيٺو ڳالهائي. 38 تڏهن هن چيو، تہ اي خداوند، آئون ايمان آڻيان ٿو. پوءِ کيس سجدو ڪيائين. 39 يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين. 40 پوءِ اُهي فريسي جي ساڻس هئا، تن اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ اسين بہ انڌا آهيون ڇا؟ 41 يسوع چين تہ جيڪڏهن انڌا هجو ها تہ اوهان تي ڏوهہ ڪونہ هجي ها، پر هاڻي جو چئو ٿا تہ اسين ڏسون ٿا، تنهنڪري اوهان تي ڏوهہ قائم آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society