يوحنا 7 - Sindhi Bible1 ۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا. 2 هاڻي يهودين جي تنبن جي عيد ويجهي هئي. 3 تڏهن سندس ڀائر چوڻ لڳس تہ هتان نڪري يهوديہ ۾ وڃ، تہ جيڪي ڪم تون پيو ڪرين، سي تنهنجا شاگرد بہ ڏسن. 4 ڇالاءِ تہ ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو جيڪي ڪري سو لڪائي، ۽ پوءِ بہ ڀانئين تہ مشهور ٿيان. جي تون اهي ڪم ٿو ڪرين تہ جهان کي پاڻ پڌرو ڪري ڏيکار. 5 ڇوتہ سندس ڀائرن بہ مٿس ايمان ڪونہ آندو هو. 6 تڏهن يسوع چين، تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ ٻارهوئي آهي. 7 ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن. 8 اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي. 9 انهن ڳالهين چوڻ کانپوءِ هو گليل ۾ ئي رهيو پيو هو. 10 پر جڏهن سندس ڀائر عيد تي هليا ويا، تڏهن پاڻ بہ ويو، نہ کُليو کُلايو، پر ڄڻ ڳُجهو پالهو. 11 تڏهن يهودي عيد تي کيس ڳولڻ لڳا، ۽ پئي چيائون تہ هو ڪٿي آهي؟ 12 ۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري. 13 تنهن هوندي بہ يهودين جي ڊپ کان ڪنهن بہ هن بابت کُلي کُلائي ڳالهہ نٿي ڪئي. 14 پوءِ جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا، تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو. 15 تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟ 16 پوءِ يسوع جواب ڏيئي چين تہ منهنجي تعليم منهنجي نہ آهي، پر انهي جي آهي جنهن موڪليو اٿم. 17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان. 18 جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي. 19 موسيٰ اوهان کي شريعت ڪين ڏني آهي ڇا، تہ بہ اوهان مان ڪو اُنهيءَ شريعت تي نٿو هلي؟ اوهين مون کي مارڻ جي ڇو ٿا ڪريو؟ 20 ماڻهن جواب ڏنو تہ تو ۾ ڀوت آهي، ڪير توکي مارڻ جي ٿو ڪري؟ 21 يسوع جواب ڏيئي چين، تہ مون هڪڙو ڪم ڪيو، ۽ اوهان مڙني کي حيرت وٺي ويئي آهي. 22 انهي سبب موسيٰ اوهان کي ختني جو حڪم ڏنو آهي. (نہ ڪ اُهو موسيٰ کان آهي پر ابن ڏاڏن کان)، ۽ سبت جي ڏينهن اوهين ماڻهوءَ جو ختنو ڪرائيندا آهيو. 23 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟ 24 منهن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر حقي انصاف ڪريو. 25 تڏهن يروشلم جي ماڻهن مان ڪي چوڻ لڳا، تہ هيءُ اُهو نہ آهي جنهن کي مارڻ جي ٿا ڪن؟ 26 ۽ ڏسو، هو کُليو کُلايو بيٺو ڳالهائي، ۽ اُهي ڪي ڪين ٿا چوَنس. ائين آهي ڇا تہ سردار سچ پچ ڀانئين ٿا تہ هيءُ مسيح آهي؟ 27 پر هن جي تہ اسان کي خبر آهي تہ هو ڪٿان جو آهي، مگر جڏهن مسيح ايندو، تڏهن ڪنهن کي بہ خبر ڪانہ رهندي تہ اُهو ڪٿان جو آهي. 28 پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو. 29 آئون سڃاڻانس ٿو، ڇالاءِ تہ آئون وٽانئس آهيان، ۽ انهي ئي مون کي موڪليو آهي. 30 تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي. 31 پر انهن مان گهڻن مٿس ايمان آندو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ مسيح جڏهن ايندو، تڏهن جيڪي معجزا هن ڪيا آهن، تن کان وڌيڪ ڪندو ڇا؟ 32 فريسين ٻُڌو تہ ماڻهو هن جي بابت انهن ڳالهين جي سُر پُر پيا ڪن، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين، حوالدارن کي موڪليو تہ وڃي پڪڙي اچوس. 33 تنهن تي يسوع چيو، تہ اڃا ٿوري ساعت آئون اوهان سان آهيان، پوءِ جنهن موڪليو اٿم، تنهن وٽ ويندس. 34 اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ ڪين لهندا: ۽ جتي آئون آهيان، اوهين اچي ڪين سگهندا. 35 تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟ 36 اها ڳالهہ جا ڪيائين، تنهن جي معنيٰ ڇا، تہ اوهين مون کي ڳوليندا ۽ ڪين لهندا، ۽ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين اچي ڪين سگهندا؟ 37 تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي. 38 جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون. 39 پر هن اها ڳالهہ روح بابت ڪئي، جو انهن کي جن مٿس ايمان آندو، ملڻو هو: ڇالاءِ جو روح اڃا نہ مليو هو، انهي ڪري جو يسوع اڃا پنهنجي جلال کي ڪين رسيو هو. 40 تنهن تي ماڻهن مان ڪي اهي ڳالهيون ٻُڌي چوڻ لڳا، تہ هيءُ سچ پچ اُهو نبي آهي. 41 ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ هيءُ مسيح آهي پر ڪن وري چيو تہ مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ 42 پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟ 43 تنهن تي هن جي ڪري ماڻهن ۾ اچي جدائي ٿي. 44 ۽ انهن مان ڪن کيس پڪڙڻ جي ٿي ڪئي، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس. 45 تنهن تي حوالدار سردار ڪاهنن ۽ فريسين وٽ موٽي آيا، ۽ اُنهن کين چيو تہ اوهين هن کي ڇو نہ وٺي آيا؟ 46 حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو. 47 تڏهن فريسين کين جواب ڏنو، تہ متان اوهين بہ گمراهہ ٿيو؟ 48 ڇا سردارن يا فريسين مان بہ ڪنهن مٿس ايمان آندو آهي؟ 49 پر هيءَ خلق جا شريعت نٿي ڄاڻي، سا ئي پِٽيل آهي. 50 نيڪديمس (جو اڳي وٽس آيو هو، ۽ انهن مان هڪڙو هو) تنهن چين، 51 تہ پهريائين، جيسين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌي آهي، ۽ نہ خبر پيئي آهي تہ هو ڇا ٿو ڪري، تيسين اسان جي شريعت ڪنهن جي بہ عدالت ڪري ٿي ڇا؟ 52 هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون بہ گليل جو آهين ڇا؟ جاچ ڪري ڏس تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻ وارو نہ آهي. 53 (۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.) |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society