يوحنا 6 - Sindhi Bible1 هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل جي سمنڊ، يعني تبرياس جي ڍنڍ جي پرئين ڀر هليو ويو. 2 ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا. 3 يسوع جبل تي چڙهي ويو، ۽ اتي پنهنجن شاگردن سان گڏ وڃي ويٺو. 4 ۽ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي. 5 پوءِ يسوع اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ هڪ وڏو ميڙاڪو وٽس پيو اچي، تڏهن فلپس کي چوڻ لڳو تہ هيترا جي کائيندا، سو ماني ڪٿان ڳنهون؟ 6 پر هن کيس آزمائڻ لاءِ ائين چيو، ڇالاءِ تہ کيس خبر هئي تہ آئون ڇا ڪندس. 7 فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون. 8 تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي شمعون پطرس جي ڀاءُ اندرياس چيس تہ 9 هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟ 10 يسوع چيو تہ ماڻهن کي ويهاري وڃو. ۽ انهي هنڌ گهڻو گاهہ هو. پوءِ اُهي مرد، جي شمار ۾ پنج هزار کن هئا، سي ويهي ويا. 11 تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين. 12 ۽ جڏهن هو ڍءُ ڪري رهيا، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چيائين، تہ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا آهن، سي ميڙي کڻو، تہ ڪي بہ اجايو نہ وڃي. 13 تڏهن اُهي ميڙڻ لڳا، ۽ جَوَن جي پنجن مانين مان ٽڪر ٽيرا جي کائڻ وارن بچايا هئا، تن مان ٻارهن کاريون ڀري کنيائون. 14 پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي. 15 پوءِ يسوع ڏٺو تہ هنن جو مطلب آهي تہ زور سان جهلي بادشاهہ ڪريونس، تنهنڪري هو موٽي جبل ڏانهن اڪيلو نڪري ويو. 16 جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن سندس شاگرد سمنڊ تي ويا، 17 ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ جي پار ڪفرناحوم ڏانهن روانا ٿيا، ۽ مٿان اچي اونداهي ٿي، ۽ يسوع اڃا وٽن ڪونہ آيو هو. 18 ۽ طوفان جي ڪري سمنڊ ۾ لهرون اُٿڻ لڳيون. 19 پوءِ جڏهن ٽي چار ميل کن ڪاهي ويا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع سمنڊ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجهو پيو اچي، ۽ هو ڊڄي ويا. 20 پر هن چين تہ آئون آهيان، ڊڄو نہ. 21 تڏهن خوشيءَ سان هن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون، ۽ هڪدم ٻيڙي اُنهي هنڌ وڃي پهتي، جيڏانهن هو پئي ويا. 22 ٻئي ڏينهن اُهو ميڙاڪو، جو سمنڊ جي پرئين ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ اُتي تہ هڪڙي ٻيڙيءَ ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪين هو، ۽ يسوع تہ پنهنجن شاگردن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ئي ڪين هو، پر سندس شاگرد اڪيلا ويا هئا. 23 (اگرچہ جتي خداوند جي شڪرانن چوڻ بعد هنن ماني کاڌي هئي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو ٻيا مڇئا تبرياس کان آيا هئا). 24 سو جڏهن ميڙاڪي ڏٺو تہ نڪو يسوع آهي ۽ نڪي سندس شاگرد، تڏهن هو پاڻ انهن مڇئن ۾ چڙهي يسوع کي ڳولڻ لاءِ ڪفرناحوم ۾ آيا. 25 ۽ جڏهن سمنڊ جي پار ڳولي اچي لڌائونس، تڏهن چيائونس تہ اي اُستاد، تون هتي ڪڏهن آئين؟ 26 يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين جو مون کي ڳوليو ٿا، سو انهي لاءِ نہ تہ معجزا ڏٺا اٿوَ، پر انهي لاءِ جو مانيون کائي ڍءُ ڪيو اٿوَ. 27 جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي. 28 تڏهن هنن چيس تہ اسين ڇا ڪريون جو خدا جا ڪم بجا آڻيون؟ 29 يسوع جواب ڏيئي چين تہ خدا جو ڪم هيءُ آهي تہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن تي ايمان آڻيو. 30 تنهن تي هنن چيس، تہ پوءِ تون اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين تہ اسين ڏسي توکي قبول ڪريون؟ تون ڪهڙو ڪم ٿو ڪرين؟ 31 اسان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني. 32 تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي. 33 ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي. 34 تنهن تي هنن چيس، تہ اي خداوند، اها ماني تہ اسان کي هميشہ ڏي. 35 يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي. 36 پر مون اوهان کي چيو تہ اوهان مون کي ڏٺو آهي تہ بہ ايمان نٿا آڻيو. 37 جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس. 38 ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان. 39 جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضي هيءَ آهي، تہ جيڪي بہ مون کي ڏنو اٿس، تنهن مان ڪجهہ بہ نہ وڃايان، پر پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريان. 40 ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس. 41 تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان. 42 ۽ هو چوڻ لڳا تہ اهو يسوع يوسف جو پٽ آهي نہ، جنهن جي ماءُ پيءُ کي اسين سڃاڻون؟ تڏهن هينئر ڪيئن ٿو چوي تہ آئون آسمان مان لٿو آهيان؟ 43 يسوع جواب ڏيئي چين تہ پاڻ ۾ سُر پُر نہ ڪريو. 44 ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو نہ ڇڪيس: ۽ آئون پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريندس. 45 نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي. 46 ائين نہ آهي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پيءُ کي ڏٺو آهي، سواءِ انهي جي، جو خدا وٽان آهي، تنهن ئي پيءُ کي ڏٺو آهي. 47 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي. 48 زندگيءَ جي ماني آئون آهيان. 49 اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، ۽ اُهي مري ويا. 50 هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي. 51 آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت. 52 تنهن تي يهودي پاڻ ۾ اچي اٽڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو اسان کي پنهنجو گوشت ڪيئن کائڻ لاءِ ڏيندو؟ 53 تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ابن آدم جو گوشت نہ کائيندا، ۽ رت نہ پيئندا، تيسين اوهان ۾ زندگي هوندي ئي ڪانہ. 54 جيڪو منهنجو گوشت ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، هميشہ جي زندگي اُنهي جي آهي: آئون هن کي پوئين ڏينهن جياري اُٿاريندس. 55 ڇالاءِ تہ منهنجو گوشت سچ پچ کائڻ جي شيءِ آهي، ۽ منهنجو رت سچ پچ پيئڻ جي شيءِ آهي. 56 جيڪو منهنجو گوشت ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، سو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون منجهس. 57 جيئن زندہ پيءُ مون کي موڪليو آهي، ۽ آئون پيءُ جي ڪري ٿو جيان؛ تيئن جيڪو مون کي ٿو کائي، سو پڻ منهنجي ڪري جيئندو. 58 هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لٿي آهي: نہ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا: پر جيڪو هيءَ ماني ٿو کائي، سو هميشہ جيئرو رهندو. 59 اهي ڳالهيون هن ڪفرناحوم ۾ هڪ عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ وقت چيون. 60 انهي ڪري سندس شاگردن مان گهڻن، جڏهن هيءُ ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءَ ڳالهہ تہ سخت آهي؛ اِها ڪير ٻُڌي سگهندو؟ 61 پر يسوع پنهنجي اندر ۾ ڄاتو تہ منهنجا شاگرد انهيءَ ڳالهہ تي سُر پُر ٿا ڪن، تڏهن چيائين تہ هيءَ ڳالهہ اوهان کي گمراهہ ٿي ڪري ڇا؟ 62 ڀلا جيڪڏهن ابن آدم کي اوڏانهن چڙهي ويندو ڏسو، جتي هو اڳيئي هو، تہ پوءِ ڪيئن؟ 63 جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن. 64 پر اوهان مان ڪي آهن جي ايمان نٿا آڻين. ڇالاءِ تہ يسوع کي شروع کان خبر هئي تہ ڪهڙن ڪهڙن کي ايمان ڪونهي، ۽ ڪير مون کي جهلائيندو. 65 ۽ هن چيو، تہ انهي سبب ڪري مون اوهان کي چيو آهي تہ ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ هن کي پيءُ وٽان اهڙي طاقت نہ ملي. 66 تنهن تي سندس گهڻا شاگرد پٺتي موٽي هليا ويا، ۽ وري ساڻس ڪڏهن گهُمڻ جي نہ ڪيائون. 67 تڏهن يسوع هنن ٻارهن ڄڻن کي چيو، تہ اوهين بہ وڃڻ چاهيو ٿا ڇا؟ 68 شمعون پطرس جواب ڏنس، تہ اي خداوند، اسين ڪنهن وٽ وڃون؟ هميشہ جي زندگيءَ جون ڳالهيون تہ تو وٽ آهن. 69 ۽ اسان ايمان آندو آهي، ۽ ڄاتو اٿئون تہ تون اُهو خدا جو قدوس آهين. 70 يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟ 71 هن هيءَ ڳالهہ شمعون اسڪريوتي جي پٽ يهوداهہ جي بابت ڪئي، ڇالاءِ تہ اُهوئي ٻارهن مان هڪڙو هو، جنهن جهلايس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society