يوحنا 5 - Sindhi Bible1 هنن ڳالهين کانپوءِ يهودين جي هڪڙي عيد ٿي؛ ۽ يسوع يروشلم ۾ ويو. 2 اتي يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبرانيءَ ۾ بيت حسدا ڪري ٿا سڏين، اُنهي کي پنج ڏيڍيون آهن. 3 تن ۾ ڪيترائي بيمار، ۽ انڌا، ۽ منڊا، ۽ سڙيل سُڪل پيا هوندا هئا. (اهي پاڻيءَ ۾ گوڙ ٿيڻ جا منتظر هوندا هئا، 4 ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.) 5 ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جو اٺٽيهن ورهين کان بيمار پيو هو. 6 ۽ جڏهن يسوع هن کي اُتي پيل ڏٺو، ۽ خبر پيس تہ هو ڳچ وقت کان اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ تنهنجي مرضي آهي تہ چڱو ڀلو ٿين؟ 7 مريض جواب ڏنس، تہ سائين، جنهن مهل پاڻي اُڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ لڀيم جو کڻي تلاءَ ۾ وجهيم: پر آئون جيستائين اچان ئي اچان، تيستائين ٻيو مون کان اڳي گهڙيو پوي. 8 يسوع چيس تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر. 9 ۽ هڪدم اهو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پيو، ۽ کٽولو کڻي گهُمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو. 10 تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي. 11 پر هن کين جواب ڏنو تہ جنهن مون کي ڇُٽايو آهي، تنهن ئي مون کي چيو تہ پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر. 12 انهن پڇيس تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن توکي چيو، تہ کٽولو کڻي گهُم ڦر؟ 13 پر جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي خبر ڪانہ هئي تہ اُهو ڪير هو، ڇالاءِ تہ اتي گوڙ هئڻ سبب يسوع اُتان نڪري هليو ويو هو. 14 ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي. 15 پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي. 16 ۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا. 17 پر يسوع کين جواب ڏنو، تہ منهنجو پيءُ اڄ تائين ڪم پيو ڪري، ۽ آئون بہ پيو ڪم ڪريان. 18 انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين. 19 تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري. 20 ڇوتہ پيءُ پٽ کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪي بہ ڪم پاڻ ٿو ڪري، سي سڀ هن کي ٿو ڏيکاري؛ بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڏيکاريندس، تہ اوهان کي عجب لڳي. 21 ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو. 22 ڇالاءِ تہ پيءُ ڪنهن جي بہ عدالت نٿو ڪري، پر سموري عدالت پٽ جي حوالي ڪئي اٿس؛ 23 تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي. 24 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي. 25 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا. 26 ڇالاءِ تہ جيئن پيءُ کي خود پاڻ ۾ زندگي آهي، تيئن هن پٽ کي بہ بخشيو آهي تہ منجهس زندگي هجي: 27 ۽ هن کي عدالت ڪرڻ جي پڻ اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ تہ هو ابن آدم آهي. 28 انهيءَ ڳالهہ تي عجب نہ کائو، ڇالاءِ تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن سڀ جيڪي قبرن ۾ آهن، سي هن جو آواز ٻُڌندا، 29 ۽ نڪري ايندا؛ جن نيڪي ڪئي آهي، سي زندگيءَ جي قيامت لاءِ ۽ جن بدي ڪئي آهي، سي عدالت جي قيامت لاءِ. 30 آئون پنهنجي سر ڪجهہ ڪري نٿو سگهان: جيئن ٻُڌان ٿو، تيئن ئي عدالت ٿو ڪريان، ۽ منهنجي عدالت سچي آهي، ڇوتہ آئون پنهنجي مرضي نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُران. 31 جي آئون پاڻ پنهنجي شاهدي ڀريان تہ منهنجي شاهدي سچي نہ آهي. 32 اُهو ٻيو آهي جو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڀري، ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو منهنجي بابت ڀري ٿو سا سچي آهي. 33 اوهان يوحنا ڏانهن چوائي موڪليو، ۽ هن سچ جي شاهدي ڀري. 34 پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي. 35 هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو. 36 پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي. 37 ۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي. اوهان نہ ڪڏهن هن جو آواز ٻُڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ. 38 ۽ اوهين هن جي ڪلام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نٿا ڏيو: ڇوتہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن کي قبول نٿا ڪريو. 39 اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛ 40 تہ بہ اوهين مون وٽ اچڻ جي نٿا ڪريو تہ زندگي مليوَ. 41 مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي. 42 پر مون کي اوهان جي خبر آهي تہ اوهان ۾ خدا جي محبت ڪانهي. 43 آئون پنهنجي پيءُ جي نالي آيو آهيان، ۽ اوهين مون کي نٿا قبوليو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي نالي تي ايندو، تہ اُنهي کي قبوليندا. 44 اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟ 45 اوهين ائين نہ سمجهو تہ ڪو آئون پيءُ وٽ اوهان تي دانهن ڏيندس: اوهان تي دانهن ڏيڻ وارو تہ آهي، يعني موسيٰ، جنهن تي اوهين ڀاڙي ويٺا آهيو. 46 ڇالاءِ تہ جي موسيٰ کي مڃو ها، تہ هوند مون کي بہ مڃو ها، ڪيئن جو هن منهنجي بابت لکيو آهي. 47 پر هن جي لکيتن کي ئي نٿا مڃو تہ منهنجون ڳالهيون ڪيئن مڃيندا؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society