Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 4 - Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن خداوند کي خبر پيئي تہ فريسين ٻُڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان بہ وڌيڪ شاگرد پيو ڪري ۽ بپتسما پيو ڏئي،

2 (اگرچہ يسوع پاڻ نہ، پر سندس شاگردن بپتسما ٿي ڏني)

3 تڏهن هو يهوديہ مان نڪري وري گليل ڏانهن روانو ٿيو.

4 ۽ کيس سامريہ ملڪ مان لنگهڻو پيو.

5 پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:

6 ۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو.

7 پوءِ اتي سامريا جي هڪڙي زال پاڻي ڀرڻ آئي. يسوع هن کي چيو تہ مون کي پاڻي پيار.

8 ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.

9 تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي).

10 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.

11 تڏهن انهي زال چيس، تہ اي سائين، تو وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ اونهو آهي، پوءِ زندگيءَ جو پاڻي تو وٽ ڪٿان آيو؟

12 اسان جو ڏاڏو يعقوب جنهن اسان کي کوهہ ڏنو، ۽ جنهن مان پاڻ ۽ سندس پٽ ۽ سندس مال پيئندو هو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟

13 يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ هن پاڻيءَ مان جيڪو پيئي ٿو، تنهن کي وري بہ اُڃ لڳندي:

14 پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.

15 انهيءَ زال چيس تہ اي سائين، اُهو پاڻي مون کي ڏي تہ نہ اُڃ لڳيم، نڪي هيترو پنڌ ڪري هت ڀرڻ اچان.

16 يسوع چيس تہ وڃي پنهنجي مڙس کي هت سڏي اچ.

17 زال جواب ڏيئي چيس تہ مون کي مڙس آهي ئي ڪونہ. يسوع چيس تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي تہ مڙس ڪونہ اٿم.

18 ڇالاءِ تہ تون پنج مڙس ڪري چڪي آهين، ۽ هاڻي جنهن وٽ ٿي رهين، سو تنهنجو مڙس نہ آهي: اهو تو سچ چيو آهي.

19 زال چيس، تہ اي سائين، آئون سمجهان ٿي تہ تون ڪو نبي آهين.

20 اسان جا وڏا هن جبل تي عبادت ڪندا هئا؛ ۽ اوهين چئو ٿا تہ اها جاءِ جتي عبادت ڪرڻ گهرجي سا يروشلم ۾ آهي.

21 يسوع هن کي چيو تہ اي مائي، منهنجي ڳالهہ تي اعتبار ڪر تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن اوهين نڪي هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾، پيءُ جي عبادت ڪندا.

22 اوهين جنهن کي نٿا سڃاڻو، تنهن جي عبادت ٿا ڪريو، پر اسين جنهن کي ڄاڻون ٿا، تنهن جي عبادت ٿا ڪريون: ڇالاءِ تہ نجات يهودين منجهان آهي.

23 پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي.

24 خدا روح آهي: ۽ جيڪي سندس عبادت ٿا ڪن، تن کي روح ۽ سچائيءَ سان عبادت ڪرڻ گهرجي.

25 زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو.

26 يسوع چيس تہ اُهو آئون آهيان جو تو سان ويٺو ڳالهايان.

27 ايتري ۾ سندس شاگرد آيا؛ ۽ عجب ۾ پيا تہ هو زال ذات سان ويٺو ڳالهائي؛ تہ بہ ڪنهن نہ چيو تہ توکي ڇا گهرجي؟ يا تون هن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟

28 پوءِ زال پنهنجو دلو ڇڏي شهر ڏانهن ويئي، ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ

29 اچو، هڪڙو ماڻهو تہ اچي ڏسو، جنهن سڀ جيڪي مون ڪيو آهي، سو مون کي ٻُڌايو اٿس: متان هيءُ مسيح تہ نہ آهي؟

30 پوءِ اُهي شهر مان نڪري وٽس آيا.

31 ايتري ۾ شاگردن عرض ڪري چيس، تہ اي اُستاد، ڪجهہ کاءُ.

32 پر هن چين تہ مون وٽ کائڻ لاءِ اُهو کاڄ آهي، جنهن جي اوهان کي خبر ڪانهي.

33 تڏهن شاگرد پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڪنهن کائڻ لاءِ ڪي آڻي ڏنو اٿس ڇا؟

34 يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.

35 اوهين چئو ڪين ٿا تہ فصل جي لهڻ ۾ اڃا باقي چار مهينا آهن؟ ڏسو، آئون اوهان کي ٿو چوان، تہ پنهنجيون اکيون مٿي کڻو، ۽ پوکن ڏانهن نهاريو، جو اُهي اڳيئي لاباري لاءِ پڪيون بيٺيون آهن.

36 لاهياري کي لائي ٿي ملي، ۽ هو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ ڦل ٿو گڏ ڪري؛ تہ ڇا پوکڻ وارو، ۽ ڇا لُڻڻ وارو، ٻئي گڏجي سرها ٿين.

37 ڇالاءِ تہ اها چوڻي هتي اچيو لڳي، تہ هڪڙو پوکي ٿو، ٻيو لُڻي ٿو.

38 جنهن لاءِ اوهان بازون نہ هنيون آهن، تنهن جي لُڻڻ لاءِ اوهان کي موڪليم، ٻين بازون هنيون ۽ اوهين هنن جي پورهئي ۾ ڀائيوار ٿيا آهيو.

39 ۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس.

40 پوءِ جڏهن اُهي سامري وٽس آيا، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان وٽ اچي ٽڪ، ۽ هو اُتي ٻہ ڏهاڙا ٽڪي پيو.

41 ۽ سندس ڪلام جي ڪري ٻين بہ گهڻن ايمان آندو؛

42 ۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.

43 ٻن ڏينهن کانپوءِ هو اُتان روانو ٿي گليل ۾ ويو.

44 ڇالاءِ تہ يسوع پاڻ شاهدي ڀري تہ ڪنهن بہ نبيءَ کي پنهنجي وطن ۾ عزت نٿي ملي.

45 سو جڏهن هو گليل ۾ آيو، تڏهن گليلين کيس قبول ڪيو، ڇالاءِ جو يروشلم ۾ عيد تي جيڪي ڪم هن ڪيا هئا، سي سڀ هنن ڏٺا هئا: ڇوتہ خود انهن جو بہ عيد تي وڃڻ ٿيو هو.

46 پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو.

47 جڏهن هن ٻُڌو تہ يسوع يهوديہ مان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن وٽس ويو ۽ عرض ڪيائينس تہ هلي منهنجي پٽ کي چڱو ڀلو ڪر؛ جو هو مرڻ تي هو.

48 يسوع چيس تہ جيستائين اوهين نشانيون ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا، تيستائين هرگز نہ مڃيندا.

49 امير کيس چيو، تہ سائين مون سان هل، متان ايتري ۾ منهنجو ٻارڙو نہ مري وڃي.

50 يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجو پٽ بچيو. سو يسوع جيڪي چيس، تنهن تي هن ماڻهوءَ ايمان آندو، ۽ هو اُٿي هليو.

51 ۽ اڃا واٽ تي ئي هو، تہ سندس نوڪر اڳواٽ اچي کيس گڏيا ۽ چيائونس تہ تنهنجو پٽ بچيو آهي.

52 تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ڪهڙي وقت هو سکر ٿيڻ لڳو. هنن چيس تہ ڪلهہ صبح جو ستين بجي تپ لهي ويس.

53 تڏهن پڻس کي خبر پيئي تہ هي اهو ئي وقت هو، جڏهن يسوع کيس چيو تہ تنهنجو پٽ بچيو: ۽ پاڻ ۽ سندس سڄي خاندان ايمان آندو.

54 هي وري ٻيو معجزو آهي، جو يسوع يهوديہ مان گليل ۾ اچي ڏيکاريو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan