يوحنا 3 - Sindhi Bible1 هاڻي فريسين مان هڪڙو شخص نيڪديمس نالي يهودين جو هڪ سردار هو: 2 سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي. 3 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو تہ خدا جي بادشاهت ڏسي ڪين سگهندو. 4 نيڪديمس چيس تہ ماڻهو پيرسن ٿيو تہ پوءِ ڪيئن پيدا ٿي سگهندو؟ ٿيڻي آهي جو هو ٻيهر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ پيدا ٿئي؟ 5 يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو. 6 جيڪي جسم مان پيدا ٿيو آهي، سو جسم آهي؛ ۽ جيڪي روح مان پيدا ٿيو آهي، سو روح آهي. 7 عجب نہ کاءُ جو مون توکي چيو تہ اوهان کي نئين سر پيدا ٿيڻ گهرجي. 8 هوا کي جيڏانهن ٿو وڻي، تيڏانهن پيئي لڳي ۽ سندس آواز توکي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نٿي پويئي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؛ تهڙي ئي طرح جيڪو روح مان پيدا ٿيو آهي، سو بہ ائين آهي. 9 نيڪديمس جواب ڏنو ۽ چيائينس تہ اهي ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهنديون؟ 10 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟ 11 آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو. 12 جيڪڏهن مون اوهان کي زمين جون ڳالهيون ٻُڌايون آهن ۽ اوهين ايمان نٿا آڻيو، تہ جي آسمان جون ڳالهيون ٻُڌائيندوسانوَ تہ ڪيئن ايمان آڻيندا؟ 13 ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي. 14 ۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو: 15 تہ جيڪو بہ ايمان آڻي، تنهن کي منجهس هميشہ جي زندگي ملي. 16 ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي. 17 ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي. 18 جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي. 19 ۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا. 20 ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس. 21 پر جيڪو سچ تي ٿو هلي، سو روشنائيءَ ۾ ٿو اچي تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جو اُهي خدا جي مرضيءَ موجب ڪيل آهن. 22 هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد يهوديہ ملڪ ۾ آيا؛ ۽ هو اُتي هنن سان گڏ رهي پيو، ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو. 23 ۽ يوحنا بہ شاليم جي ويجهو عينون ۾ بپتسما پئي ڏني، ڇو جو اتي پاڻي ججهو هو: ۽ ماڻهو پئي آيا ۽ بپتسما پئي ورتائون. 24 ڇالاءِ تہ يوحنا کي اڃا قيد ۾ ڪين وڌو هئائون. 25 پوءِ يوحنا جي شاگردن جو ڪنهن يهوديءَ سان طهارت جي رسم بابت بحث ٿيو. 26 ۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن. 27 يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي. 28 اوهين پاڻ منهنجا شاهد آهيو جو مون چيو تہ آئون مسيح نہ آهيان، پر هن کان اڳ ۾ موڪليل آهيان. 29 جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي. 30 ضروري آهي تہ هو وڌي، پر آئون گهَٽجان. 31 جيڪو مٿان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي: جيڪو زمين جو آهي، سو زمين جو ئي آهي ۽ زمين جون ئي ڳالهيون ٿو ڪري: جو آسمان کان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي. 32 جيڪي هن ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ٿو ڀري، ۽ ڪوبہ سندس شاهدي قبول نٿو ڪري. 33 جنهن سندس شاهدي قبول ڪئي آهي، تنهن هن ڳالهہ تي مهر هڻي ڇڏي آهي تہ خدا سچو آهي. 34 ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي. 35 پيءُ فرزند کي پيار ٿو ڪري، ۽ سڀ ڪجهہ سندس هٿ ۾ ڏنو اٿس. 36 جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society