يوحنا 20 - Sindhi Bible1 هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي. 2 تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس. 3 تنهن تي پطرس ۽ اُهو ٻيو شاگرد اُٿي قبر ڏانهن روانا ٿيا. 4 ۽ اُهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، ۽ اُهو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو، ۽ قبر تي پهرين اچي پهتو؛ 5 ۽ نِوڙي اندر نهاريائين ۽ ڏسي تہ اُهي سنها ڪپڙا پيا آهن؛ تہ بہ اندر ڪين گهڙيو. 6 پوءِ شمعون پطرس جو هن جي پٺيان هو سو بہ آيو، ۽ گهڙي اندر قبر ۾ ويو، ۽ ڏٺائين تہ سنها ڪپڙا پيا آهن، 7 ۽ اُهو رومال جو مٿي تي هوس، سو اُنهن سنهن ڪپڙن سان پيل ڪونهي، پر جدا هڪڙي هنڌ ويڙهيو رکيو آهي. 8 تنهن کانپوءِ اُهو ٻيو شاگرد بہ اندر گهڙي ويو، جو پهريائين قبر تي آيو هو، ۽ ڏٺائين ۽ ايمان آندائين. 9 ڇالاءِ تہ اڃا تائين اها پاڪ لکيت تہ ”هو ضرور مُردن مان جي اُٿندو،“ سا ڪانہ سمجهي هئائون. 10 پوءِ شاگرد موٽي پنهنجي گهر هليا ويا. 11 پر مريم قبر تي ئي ٻاهر بيٺي رُنو: ۽ روئندي روئندي نِوڙي قبر ۾ نهاريائين 12 تہ ڏسي تہ جتي يسوع جو لاش پيل هو، اُتي ٻہ ملائڪ اڇن ڪپڙن سان ويٺا آهن، هڪڙو سيرانديءَ ۽ ٻيو پيرانديءَ. 13 تن کيس چيو تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ هن چين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانهي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس. 14 ائين چئي اڃا پٺيان ڦري، تہ ڏسي تہ يسوع بيٺو آهي، پر سڃاتائين ڪين تہ ڪو يسوع آهي. 15 يسوع چيس، تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟ هن ڀانئيو تہ باغ جو مالي آهي، تنهنڪري چيائينس، تہ سائين جيڪڏهن تون هتان کڻي ويو هجينس تہ ٻڌائينم تہ ڪٿي رکيو اٿئيس تہ آئون کڻي وڃانس. 16 يسوع چيس، مريم. هن ڦري عبرانيءَ ۾ چيس، ربوني؛ يعني اي اُستاد. 17 يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ. 18 مريم مگدليني اچي شاگردن سان ڳالهہ ڪئي تہ مون خداوند کي ڏٺو آهي، ۽ مون سان هي هي ڳالهيون ڪيون اٿس. 19 پوءِ اُنهي ڏينهن، يعني هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن سانجهي ٿي، ۽ اُها جاءِ جتي شاگرد هئا، تنهن جا دروازا يهودين جي خوف کان بند هئا، تڏهن يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 20 ۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجي پاسري ڏيکاريائين. تنهن تي شاگرد خداوند کي ڏسي خوش ٿيا. 21 تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان. 22 ۽ ائين چئي مٿن ڦوڪيائين، ۽ چيائين تہ اوهين پاڪ روح وٺو: 23 جن جا گناهہ اوهين معاف ڪندا تن کي معاف ٿيا، ۽ جن جا اوهين قائم رکندا تن جا قائم رهيا. 24 پر توما، اُنهن ٻارهن مان هڪڙو، جنهن کي جاڙو ڪري سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل ساڻن ڪونہ هو. 25 تڏهن ٻيا شاگرد چوڻ لڳس تہ اسان خداوند کي ڏٺو آهي. پر هن چين تہ جيسين آئون سندس هٿن ۾ ڪلين جا نشان نہ ڏسان، ۽ ڪلين جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجهان، ۽ سندس پاسريءَ ۾ هٿ نہ وجهان، تيسين آئون اصل ڪين مڃيندس. 26 ۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 27 تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ. 28 توما جواب ڏيئي چيس، تہ اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا! 29 يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي. 30 ۽ ٻيا بہ گهڻيئي معجزا يسوع شاگردن جي روبرو ڪيا، جي هن ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن: 31 پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society