Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 2 - Sindhi Bible

1 پوءِ ٽئين ڏينهن گليل جي قانا شهر ۾ ڪا شادي هئي، ۽ يسوع جي ماءُ اُتي هئي:

2 ۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.

3 ۽ جڏهن انگوري رس کُٽي پيئي، تڏهن يسوع جي ماءُ کيس چيو، تہ هنن وٽ تہ مئي آهي ئي ڪانہ.

4 يسوع هن کي چيو تہ مائي، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گهڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.

5 هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.

6 اتي يهودين جي طهارت جي رسم موجب پٿر جا ڇهہ مَٽ، (هرهڪ اٽڪل ٻہ يا ٽي مڻو) رکيل هئا.

7 يسوع هنن کي چيو تہ هي مَٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ هنن اهي ڀري ٽمٽار ڪيا.

8 پوءِ کين چيائين تہ هاڻي ڪڍي مير مجلس وٽ کڻي وڃو، ۽ هو کڻي ويا.

9 ۽ اُهو پاڻي جو هاڻي مئي ٿي پيو هو، سو جڏهن مير مجلس چکيو، ۽ خبر ڪانہ هيس تہ ڪٿان آيو آهي، (پر نوڪرن جن پاڻي ڪڍيو هو، تن کي خبر هئي) تڏهن هن گهوٽ کي سڏي چيو تہ

10 سڀڪو ماڻهو پهريائين اُچي مئي ڪڍندو آهي، ۽ جڏهن ماڻهو خوب پي رهندا آهن، تڏهن سادي ڪڍندو آهي: پر تو اُچي مئي هيستائين رکي ڇڏي هئي.

11 هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.

12 تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.

13 پوءِ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي، ۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويو.

14 ۽ هن هيڪل ۾ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن ۽ صرافن کي ويٺل ڏٺو:

15 تنهن تي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي، رڍن توڙي ڍڳن، مڙني کي هيڪل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ صرافن جا پيسا اُڇلائي سندن صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛

16 ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو.

17 اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي.

18 تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟

19 يسوع جواب ڏيئي چين تہ هن هيڪل کي ڊاهيو، تہ آئون ٽن ڏينهن ۾ اُهو کڙو ڪري بيهاريندس.

20 تڏهن يهودين چيو تہ هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ ورهيہ لڳا آهن، ۽ تون اُهو ٽن ڏينهن ۾ کڙو ڪري بيهاريندين ڇا؟

21 پر هن تہ پنهنجي بدن جي هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي.

22 پوءِ جڏهن هو مُئلن مان جي اُٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن اها ڳالهہ ڪئي هئي: ۽ هنن کي پاڪ لکيت، ۽ يسوع جي ڪلام تي ايمان آيو.

23 هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو.

24 پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي،

25 ۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan