Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 19 - Sindhi Bible

1 تنهن تي پلاطس يسوع کي چهبڪ هڻايا.

2 ۽ سپاهين ڪنڊن جو تاج ڳتي مٿي تي رکيس، ۽ واڱڻائي ڪپڙا پهرايائونس؛

3 ۽ وٽس اچي چوڻ لڳا، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ! ۽ لپاٽون هنيائونس.

4 پوءِ پلاطس وري ٻاهر نڪتو، ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون هن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي آيو آهيان، تہ اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

5 پوءِ يسوع اُنهي ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاهر نڪتو ۽ پلاطس چين تہ اِجهو، هيءُ ماڻهو!

6 پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

7 يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.

8 پوءِ پلاطس جڏهن اهي حرف ٻُڌا، تڏهن هيڪاري اچي خوف ٿيس؛

9 ۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.

10 تڏهن پلاطس چيس تہ تون مون سان نٿو ڪُڇين؟ توکي خبر ڪانهي تہ مون کي تنهنجي ڇڏڻ جي بہ اختياري آهي ۽ توکي صليب تي چاڙهڻ جي بہ اختياري اٿم؟

11 يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.

12 تنهن تي پلاطس کيس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي: پر يهودين واڪو ڪري چيو تہ جي تو هن ماڻهوءَ کي ڇڏيو آهي، تہ تون قيصر جو خيرخواهہ نہ آهين: جيڪو پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي برخلاف ٿو ڳالهائي.

13 پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.

14 هاڻي اُهو فسح جي تياريءَ جو ڏينهن هو: ۽ اٽڪل ڇهون ڪلاڪ هو. ۽ هن يهودين کي چيو، تہ اِجهو اوهان جو بادشاهہ!

15 تنهن تي هنن رڙيون ڪري چيو تہ ڪڍينس! ڪڍينس! صليب تي چاڙهينس! پلاطس چين تہ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟ سردار ڪاهنن جواب ڏنو تہ قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو بادشاهہ آهي ئي ڪونہ.

16 تنهن تي هن کيس صليب تي چاڙهڻ لاءِ سندس ٻانهن کڻي هنن جي حوالي ڪئي.

17 پوءِ هو يسوع کي وٺي هليا: ۽ هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي اُنهي هنڌ آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ گلگتا يعني کوپراٽيءَ واري جاءِ ڪوٺيندا آهن:

18 اُتي هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ڄڻن کي بہ، هڪڙي کي هڪ پاسي، ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي، ۽ وچ ۾ يسوع کي.

19 پلاطس هڪ سرنامو بہ لکي کڻي صليب تي هنيو. اُن تي هي حرف هئا، ”يسوع ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“

20 پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.

21 تنهن تي يهودين جا سردار ڪاهن پلاطس کي چوڻ لڳا تہ ائين نہ لک تہ يهودين جو بادشاهہ، پر هيءُ تہ هن چيو آهي تہ آئون يهودين جو بادشاهہ آهيان.

22 پلاطس ورندي ڏني، تہ جيڪي لکيم سو لکيم.

23 پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي صليب تي چاڙهي چڪا، تڏهن سندس ڪپڙا کڻي چار حصا ڪيائون، هڪ هڪ لاءِ هڪ هڪ حصو؛ ۽ چوغو بہ کنيائون. هاڻي اُهو چوغو بنا ڳنڍ هو، يعني مٿان کان وٺي سڄو ئي اُڻيل هو،

24 تنهنڪري هنن پاڻ ۾ چيو تہ ڦاڙيونس نٿا، پر اچو تہ پُکا وجهون تہ ڪنهن جو ٿو ٿئي: سو انهي لاءِ تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، جنهن ۾ چيل آهي، تہ ”اُنهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا، ۽ منهنجي چوغي تي پُکا وڌائون.“ تنهنڪري ئي سپاهين ائين ڪيو.

25 هاڻي يسوع جي صليب وٽ سندس ماءُ، سندس ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم، ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.

26 پوءِ يسوع پنهنجي ماءُ، ۽ اُهو شاگرد جنهن تي سندس پيار هو، تن کي ڀر ۾ بيٺل ڏسي، پنهنجيءَ ماءُ کي چيو، تہ اي مائي، ڏس تنهنجو پٽ!

27 پوءِ وري اُنهي شاگرد کي چيائين، تہ ڏس تنهنجي ماءُ! ۽ اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي اُهو شاگرد هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.

28 تنهن کانپوءِ يسوع جڏهن ڏٺو تہ هاڻي سڀ ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، تڏهن چيائين تہ مون کي اُڃ لڳي آهي، سو انهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.

29 هاڻي اُتي هڪڙو ٿانءُ سرڪي سان ڀريو رکيو هو، پوءِ هنن اسفنج سرڪي سان ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي چوسڻ لاءِ ڏنس.

30 ۽ يسوع جڏهن سرڪو وٺي رهيو تڏهن چيائين، تہ پورو ٿيو، ۽ ڪنڌ نِوڙائي جان ڏنائين.

31 اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)

32 تنهن تي سپاهي آيا ۽ اچي جيڪي هن سان گڏ صليب تي چاڙهيل هئا، تن مان پهريائين هڪڙي جون ڄنگهون ڀڳائون، پوءِ ٻئي جون.

33 پر جڏهن يسوع وٽ آيا، ۽ ڏٺائون تہ هن اڳيئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ڄنگهون نہ ڀڳائون.

34 پر سپاهين مان هڪڙي وٺي ڀالو پاسريءَ ۾ هنيس، ۽ يڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.

35 ۽ جنهن ڏٺو آهي، تنهن شاهدي ڀري آهي، ۽ سندس شاهدي سچي آهي: ۽ هن کي خبر آهي تہ هو سچ ٿو چوي، انهي لاءِ تہ اوهين پاڻ ايمان آڻيو.

36 ڇالاءِ جو هي ڳالهيون اِنهي لاءِ ٿيون، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي، تہ ”سندس هڪڙو هڏو بہ ڪين ڀڄندو.“

37 ۽ وري ٻيءَ لکيت ۾ آهي تہ ”جنهن کي چُڀائي هنيائون، تنهن ڏانهن نهاريندا.“

38 تنهن کانپوءِ ارمتياہ وارو يوسف، جو يسوع جو شاگرد هو، پر يهودين جي ڊپ کان لڪل هو، تنهن يسوع جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ پلاطس کي عرض ڪيو، ۽ پلاطس موڪل ڏنيس. تڏهن هو آيو ۽ لاش کڻي ويو.

39 ۽ نيڪديمس، جو پهريائين رات جو يسوع وٽ آيو هو، سو پڻ سوا مڻ کن مَر ۽ عود جو ملائي کڻي آيو.

40 پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جو دستور آهي، تنهن موافق اُنهن بہ يسوع جو لاش کڻي سرهاڻين سان گڏ سنهن ڪپڙن ۾ ويڙهي ٻَڌو.

41 هاڻي جتي کيس صليب تي چاڙهيو هئائون، اُتي هڪڙو باغ هو؛ ۽ اُنهي باغ ۾ هڪڙي نئين قبر هئي، جنهن ۾ اڃا ڪنهن کي بہ نہ رکيو هئائون.

42 تنهن ڪري اُتي يهودين جي تياريءَ جي ڏينهن جي سبب يسوع کي کڻي رکيائون، (ڇالاءِ جو اُها قبر ويجهي هئي).

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan