Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 18 - Sindhi Bible

1 جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا.

2 هاڻي يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن کي پڻ انهي هنڌ جي خبر هئي، ڇالاءِ جو يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏ اڪثر اوڏانهن ويندو هو.

3 پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو.

4 هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟

5 هنن جواب ڏنو تہ يسوع ناصريءَ کي. يسوع چين تہ اُهو آئون آهيان. ۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، سو بہ ساڻن بيٺو هو.

6 پوءِ هن جو ائين چيو تہ اُهو آئون آهيان، تنهن تي هو پٺتي هٽجي زمين تي ڪِري پيا.

7 تڏهن وري پڇيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟ هنن چيو تہ يسوع ناصريءَ کي.

8 يسوع جواب ڏنو تہ مون اوهان کي چيو تہ اُهو آئون آهيان: سو جي مون کي ٿا ڳوليو، تہ هنن کي ڇڏيو تہ وڃن.

9 ائين انهي لاءِ ٿيو، تہ ڪلام جو هن چيو هو تہ ”جيڪي تو مون کي ڏنا، تن مان مون هڪڙو بہ نہ وڃايو،“ سو پورو ٿئي.

10 تنهن تي شمعون پطرس جنهن وٽ ترار هئي، تنهن اُها ڪڍي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي، ۽ ساڄو ڪَن ڪَپي ڇڏيائينس. هاڻي انهي نوڪر جو نالو ملخس هو.

11 تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟

12 تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو.

13 ۽ پهريائين يوحنا وٽ وٺي ويس؛ ڇالاءِ تہ ڪائفا جو انهي ورهيہ سردار ڪاهن هو، تنهن جو هو سهرو هو.

14 هاڻي قائفا اُهو هو، جنهن يهودين کي صلاح ڏني هئي تہ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو اُمت جي خاطر مري.

15 ۽ شمعون پطرس يسوع جي پٺيان هلندو ويو، ۽ پڻ اُهو ٻيو شاگرد بہ. هاڻي انهي شاگرد جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو يسوع سان گڏ سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اندر گهڙي ويو؛

16 پر پطرس دروازي وٽ ٻاهر ئي بيٺو هو. پوءِ اهو ٻيو شاگرد، جنهن جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو ٻاهر دربان کي چئي پطرس کي بہ اندر وٺي ويو.

17 پوءِ هڪ نينگر جا دربان هئي، تنهن پطرس کي چيو تہ متان تون بہ هن ماڻهوءَ جي شاگردن مان آهين؟ هن چيو تہ آئون نہ آهيان.

18 هاڻي نوڪر ۽ حولدار ڪوئلن جي باهہ ٻاري اتي ويٺا هئا، ڇالاءِ تہ سيءُ پئي پيو؛ ۽ پاڻ بيٺي سيڪيائون: ۽ پطرس بہ ساڻن بيٺي پاڻ سيڪيو.

19 تڏهن سردار ڪاهن يسوع کان سندس شاگردن بابت ۽ سندس تعليم بابت سوال پڇيو.

20 يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.

21 تون مون کان ڇو ٿو پڇين؟ جن ٻُڌو آهي، تن کان پڇ تہ مون کين ڇا ڇا چيو آهي: ڏس، جيڪي مون چيو آهي، تنهن جي کين خبر آهي.

22 ۽ اڃا هن ائين چيو ئي ڪين، تہ حوالدار جي اتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي لپاٽ هڻي چيس، تہ سردار ڪاهن کي ٿو ائين جواب ڏين؟

23 يسوع جواب ڏنس تہ جي مون برو چيو آهي تہ برائيءَ جي شاهدي ڀر: پر جي چڱو چيو اٿم تہ ماريم ڇو ٿو؟

24 تنهن تي يوحنا کيس ٻَڌل ئي قائفا سردار ڪاهن وٽ ڏياري موڪليو.

25 هاڻي شمعون پطرس ويٺي پاڻ سيڪيو. تڏهن هنن چيس تہ متان تون بہ هن جي شاگردن مان آهين؟ هن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ آئون نہ آهيان.

26 سردار ڪاهن جي نوڪرن مان هڪڙو اُنهي جو مائٽ هو، جنهن جو ڪَن پطرس ڪَپيو هو، تنهن چيس تہ مون توکي ڪين ساڻس باغ ۾ ڏٺو؟

27 تنهن تي پطرس وري انڪار ڪيو: ۽ انهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

28 پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.

29 تڏهن پلاطس ٻاهر نڪري وٽن ويو، ۽ چيائين تہ اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا رکو؟

30 هنن جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن هيءُ ماڻهو بدڪار نہ هجي ها، تہ اسين جيڪر تنهنجي حوالي ئي ڪين ڪريونس ها.

31 تڏهن پلاطس چين، تہ اوهين پاڻ وٺي وڃوس، ۽ پنهنجي شريعت موجب سندس انصاف ڪريو. يهودين چيس تہ اسان کي ڪنهن جي بہ مارڻ جي اختياري نہ آهي.

32 سو انهي لاءِ تہ يسوع جو ڪلام ڪيو هو تہ منهنجو موت ڪهڙيءَ طرح ٿيندو، سو پورو ٿئي.

33 تڏهن پلاطس وري محلات ۾ ويو، ۽ يسوع کي سڏي چيائين تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟

34 يسوع جواب ڏنو تہ تون پاڻو ٿو ائين چئين، يا ٻين منهنجي نالي توکي چيو آهي؟

35 پلاطس جواب ڏنو، تہ آئون يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي قوم جي ماڻهن، ۽ سردار ڪاهنن توکي منهنجي حوالي ڪيو آهي: تو ڇا ڪيو آهي؟

36 يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.

37 تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.

38 پلاطس چيس تہ سچ ڇا آهي؟ ۽ ائين چئي هو وري يهودين وٽ ٻاهر ويو، ۽ چيائين تہ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ٿو ڏسڻ ۾ اچي.

39 پر اوهان جو دستور آهي تہ آئون اوهان جي خاطر فسح تي هڪڙي ڄڻي کي ڇڏيندو آهيان؛ سو اوهان جي مرضي آهي تہ يهودين جي بادشاهہ کي اوهان جي خاطر ڇڏيان؟

40 تنهن تي هنن وري واڪو ڪري چيو تہ هن شخص کي نہ پر برابا کي ڇڏ! هاڻي برابا هڪڙو ڊاڪو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan