Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 17 - Sindhi Bible

1 اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري:

2 جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي.

3 ۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.

4 جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، سو مون پورو ڪري زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ڪيو آهي.

5 هاڻي اي بابا، مون کي خود پاڻ سان اهو جلال ڏي، جو مون کي توسان دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳي هو.

6 جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.

7 هاڻي هو ڄاڻن ٿا تہ جيڪي شيون تو مون کي ڏنيون آهن، سي سڀ تو وٽان آهن:

8 ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.

9 آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن.

10 ۽ سڀ جيڪي منهنجو آهي سو تنهنجو آهي، ۽ تنهنجو سو منهنجو: ۽ مون کي منجهن جلال مليو آهي.

11 ۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.

12 جيسين آئون ساڻن هوس، تيسين تنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ کين رکندو آيو آهيان: ۽ مون انهن جي سنڀال ڪئي آهي، ۽ جيڪو برباد ٿيڻو هو، تنهن بنا ٻيو ڪوبہ منجهانئن برباد نہ ٿيو؛ اِنهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.

13 پر هاڻي آئون تو وٽ ٿو اچان؛ ۽ اهي ڳالهيون جي دنيا ۾ چوان ٿو، سي انهي لاءِ تہ انهن کي منهنجي پوري خوشي حاصل ٿئي.

14 مون تنهنجو ڪلام کين ڏنو آهي؛ ۽ دنيا جي ساڻن نہ پيئي، ڇالاءِ جو اهي دنيا جا نہ آهن، جيئن آئون پڻ دنيا جو نہ آهيان.

15 آئون اهو ڪونہ ٿو گهُران، تہ تون کين دنيا مان ڪڍي وٺ، پر انهي بڇڙي کان رکي وٺينِ.

16 جيئن آئون هن دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ هن دنيا جا نہ آهن.

17 سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.

18 جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ کين دنيا ۾ موڪليو آهي.

19 ۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.

20 آئون رڳو هنن لاءِ سوال نٿو ڪريان، پر انهن لاءِ بہ، جي سندن تعليم ٻُڌي مون تي ايمان آڻيندا:

21 تہ اهي سڀ هڪ ٿين، جيئن تون اي بابا، مون ۾، ۽ آئون تو ۾، تيئن اهي پڻ اسان ۾ ٿين: انهي لاءِ تہ دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

22 ۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون.

23 آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.

24 اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.

25 اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛

26 ۽ مون تنهنجو نالو کين ڄاڻايو آهي، ۽ اڃا ڄاڻائيندس، انهيءَ لاءِ تہ جو پيار تو مون سان رکيو آهي، سو انهن ۾ هجي، ۽ آئون بہ منجهن هجان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan